الهبچايو جت تحرير وشنومل

ڪي ڏينهن هئا ڪي نيهن هئا ۽ تنهنجي سونهن ورونهن هئي

الهبچايو جت سان منهنجي ويجهڙائي سان ملاقات ڪچهري 1983 ۾ سينٽر جيل ڪراچي ۾ ٿي ايم آر ڊي تحريڪ دوران هڪڙا حشام انسانن جا جيلن ۾ اچي گڏ ٿيا هرڪو ٺڪا اچيو ڪري جيل ۾، غريب مسڪين ماڻهو ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل ڏاڙهيو وڌيل ڪنڌ ۾ اجرڪ هٿ ۾ ڪو لينن مائو هوچي جو ڪتاب ٺڪا اچي ڪيائين جيل ۾ سنڌ جا سمورا جيل سنڌي عوام سان ڀرجي ويا جيل جي اندر پنجاه ٻيون ديوارون ڏنل هونديون آهن هر هڪ کولي باريڪ چڪر الڳ هوندا آهن سرڪار کان اڳ ۾ سينيئر قيدي جيڪي ڳاڙي ٽوپي مٿي ۾ ڏنڊو هٿ ۾، پيا هلندا مجال آهي جي ڪو قيدي چون چان ڪري وڃي، اهو ڄڻ مري ويو. پر ايم آر ڊي جي تحريڪ سمورا قائدا قانون جيل جي اندر ٽوڙي ڇڏيا صرف ٻاهرين گھيٽ واري وڏي ديوار وڃي بچي، باقي جيل اندر ماڻهو پيا ملندا هئا ڪچهريون پيا ڪندا هئا ميلا ملاکڙا لڳندا مله ٻيلهاڙو رانديون ٿينديون هيون. جيلن جي اندر هاڻ وڃي ڪجه تبديلي آئي آهي پر ان ٽائم ۾ انگريزن وارو قانون هوندو هو. دانڌاري جا جت انڙ مرگھر ۽ ٻيا تمام گھڻادوست هئا جتي مزا ئي مزا هئا سنڌي عوام مٿان هزارن سالن جو خوف لهي ويو اڳ ۾ ماڻهو پيا ڊڄندا هئا ميان سينٽر ۾ جيڪو ويو ڄڻ مري ويو پر ايم آر ڊي اهي صدي جا خوف لاهي ڦٽا ڪري ڇڏيا

جنرل ضياءَ جو دور

الهبچايو جت ايوب انڙ ۽ ٻيا گھڻا دوست اسان گڏ هوندا هئا سون
جنرل ضياءَ جو دور به وحشي دور هو جنهن ۾ ٻاهر هلڻ گھمڻ تي پابندي هوندي هئي پر ان حد تائين جو ڪتابن تي پڻ پابندي هوندي هئي ڪتابن کي ٻوري ۾ بند ڪري زمين ۾ پوري ڇڏبو هو جئين پوليس يا فوج گھر تي ڇاپو هڻي ته ان کي ڪتاب هٿ نه اچن جنهن جي گھر بيٺڪ يا ڪنهن جڳه تان انقلابي ڪتاب مليو ناهي ته اهو ٿيو ملڪ دشمن غداري جو ڪيس داخل ٿيندو ماڻهو پيا ڏڪندا ۽ ملاقات تي به وڃڻ لاءِ ڪو تيار نه هوندو هو متان جيڪو ملاقات تي وڃي اهو به غداري جي ڪيس ۾ نه ڦاسي وڃي،
هڪڙي ته غربت گھڻي هئي ٻي جنرل ضياءَ جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀتو کي ڦاسي اچي چڪي

هئي سنڌي هجڻ ڄڻ گار بنجي پيو هو اهڙي صورتحال ۾ جي ماڻهو جدوجهد نه ڪري ته ماڻهو عزت جي زندگي ڪئين گذاري ٿي سگھيو؟

الهبچايو جت ٿورڙو پڙهيل سادو سوڌو کل مک يار ويس انسان هو

الهبچايو جت ٿورڙو پڙهيل سادو سوڌو کل مک يار ويس انسان هو شايد ٻهراڙي ۾ هن کي ڪجه علاج معالج جي خبر هئي ان ڪري دوست هن کي ڊاڪٽر چوندا هئا جيل ۾ اسان جو ليڪچر پروگرام ٿيندو هو ڪراچي جيل ۾ اسين هڪ پارٽي جا اسي جي لڳ ڀڳ دوست هئاسون مختلف باريڪن ۾ رهنداهئاسون اسان ٽيھ کن دوست قاضي محمد بخش ڌامرا واري بعريڪ ۾ گڏ هوندا هئاسون ممتاز ڀٽو الهبچايو لغاري پروفيسر اينڊي خان پيار علي الا نه مولانه احترام الحق ٿانوي ۽ ٻيا تمام گھڻا دوست گڏ رهندا هئا سون هفتي ۾ ٻه ٽي جلسا واري واري سان مختلف باريڪن ۾ ٿيندا هئا ممتاز ڀٽو تازو لنڊن مان فرنٽ جو نعرو کڻي اچي پهتو هو غلام مصطفيٰ جتوئي جيل کان ٻاهر ريسٽ هائوس ۾ رهندو هو اهو ان ڪري به ان وقت سنڌ جو گورنر جيڪو حاضر سروس ليفٽينٽ جنرل جهانداد خان هو جيڪو سندس سالو هو ٻيو ته جنرل ضياءَ سان ويجهڙائي به هئي اهو ڪڏهن جيل ۾ نه آيو، اهڙي ڌوم متل دور ۾ اسان گڏ هئاسون.

اهو دور ڄڻ جنگ جو ميدان هو

اهو دور ڄڻ جنگ جو ميدان هو ڇا جا ڪم ڇا جا ڪار ڇا جا ذاتي مسئلا ڇاجو گھر جي ڳڻتي پريشاني سنڌ جي گھر گھر ۾ جنرل ضياءَ خلاف نعرن جي ڌوم متل هئي اهو سڄو دور جڳمڳائيندڙ جرڪندڙ ۽ ويڙه جو ميدان هو، جيل ۾ رهندڙ دوست جيڪڏهن آزاد ٿي ويو ته اهو وري گرفتاري ڏيئي اچي جيل ۾ پهچندو هو. ان دور جو هي مهربان دوست روشن سج وانگر جرڪندڙ هو هي ملندو هو کلندو ايندو هو ڀاڪر پائي ملندو هو ڄڻ ورهن جو وڃڙيل هجي لطيف ٺيڪ ٺاڪ ياد هيس پر ٻي شاعري پڻ آواز ۾ ڳائيندو هو ڳالهائڻ جو ڀڙ رواني سان ڳالهائيندو هو ههڙو يگانو ماڻهو مشڪل هجي

الهبچايو جت انهن مان هڪ عظيم انسان

اڄ هي انسان اسان سان گڏ ناهي پر هن جو ڪردار مري نه ٿو سگھي جيڪي ماڻهو ٻين لاءِ جيئن ٿا موت انهن کي ڪنهن صورت ۾ ماري نه ٿو سگھي لازمي آهي ته زندگي اچڻي وڃڻي آهي ڪابه سئي دائمي ناهي هئين ته هزارن سالن کان اسان جا نسل اڄ موجود ناهن پر اسان کي خبر به ناهي ڪير هئا ڪٿي هئا ڇا ڪري ويا؟ پر صرف هن ڌرتي تي اهي ماڻهو زنده آهن جيڪي ٻين لاءِ زنده رهي ويا ڊاڪٽر الهبچايو جت انهن مان هڪ عظيم انسان هو.

جواب ڇڏي وڃو