اوھانجي اکين جامِ مئ مان نھاريو شيخ اياز جي شاعري

شيخ اياز جو غزل اوھانجي اکين جامِ مئ مان نھاريو

اوھانجي اکين جامِ مئ مان نھاريو
اسان چوٽ کائي کڻي جام ھاريو
ڪڏھن حسن گل مان ڏسو جھاتي پائي
ڪڏھن رات جو چنڊ جو روپ ڌاريو
اچو منھنجا سائين! اچو منھنجا سائين
ڀني آھ اڌ- رات، ٽاڻو نه ٽاريو

اسانجون وفائون، نه ساحل نه ڪشتي
اوھان جون ادائون، نه ٻوڙيو نه تاريو
زمين جا ستارا ھئا لڙڪ پنھنجا
اسان رات روئي، پرھ کي پڪاريو

اوھانجي اکين جامِ مئ مان نھاريو
شيخ اياز جي شاعري

ڪٿي آن تون، اي نظامِ محبت
صديون ساھ منھنجي، سڪي توکي ساريو
تون ڳوڙھن ۾ ڳوڙھو، وڃي ڏس ته توکي
پتو پئي اسان کي آ، ڪنھن مرڪ ماريو

ھي اڻ ڄاڻ ڄاڻو، ھي بي سمجھ سمجھو
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو
اياز” آھ سجدي ۾ مثل صراحي”
انھيءَ جي عبادت، پيئو ۽ پيئاريو

هي پوسٽ فيسبوڪ منجهان کنيل آهي. سڌي پيج کي گهمڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو

هي پوسٽ پڙهي ڪري اوهان کي ڪيئن محسوس ٿيو. پنهنجي قيمتي راءِ کان اگاه ڪندا. اوهان به هن ويبسائيٽ سنڌي ايڊيٽر لکي سگهو ٿا. وڌيڪ شيخ اياز جي شاعري اسان سان گڏجي پڙهو. جي اوهان فيسبوڪ نيٽ گيم کيڏڻ چاهيو ٿا ته ڪلڪ ڪيو

جواب ڇڏي وڃو