راجستاني اوٺار
راجستاني اوٺار

اٺ بابت سنڌي پھاڪا تشريح ۽ استعمال سميت فھرست

1. اُٺ پوڙھو ٿيو تہ بہ مُٽَڻُ نَہ سِکيو 2. اُٺ ٻُڍو تہ بہ ٻہ ڪُنواٽُ لَھي 3. اُٺ پُٺيان گِھنڊڻي 4. اُٺ تان وِڃڻي لَھَڻُ 5. اُٺان ميھان دا ڪيھا ميلا، اوھَ چَرَنِ پَٽَ، تہ اوھ چرن ٻيلا 6. آُٺ جي واتَ ۾ جيِرو 7. اُٺ ڀَريو بِہ رَڙي، سَکڻو بہ رَڙي 8. اٺ جو جيڏانهن ڪنڌ اوڏانهن پنڌ 9. اٺ اٿي نه ڀاڙو ڀري ڏي 1 min


اٺ بابت سنڌي پھاڪا : سنڌي پھاڪا ھاڻ ڏينھون ڏينھن اسان وساريندا وڃو پيا. ھاڻ نہ وڏڙن جون سي اوطاقون رھيون آھن جٿ اسان کي سکيا ملندي ھئي ۽ نہ ئياٺ بابت سنڌي پھاڪاسنڌي ميڊيا جنھن ۾ يوٽيوب سميت سنڌي چئنل آھن جٿي ڪا ڍنگ جي ۽ لڇڻائتي ڪا شئي ھجي. فيسبوڪ تي رُڳو ڄونڊاپٽ لڳي پئي آھي. اھڙي ماحول ۾ سٺو ٿيندو تہ اسان سنڌي ايڊيٽر تان ھڪ سنڌي اوطاق جو وجود وجھون. جٿ اسان کي پرائڻ لاءِ گھڻو ڪجھ ملي. اللہ پاڪ جي مھرباني ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي ڪروڙن ٿورن سان سنڌي ٻولي جي جياپي جي پڪ ٿي آھي ۽ ان ڏس ۾ڀرڳڙي ويبسائيٽ،  سنڌسلامتويبسائيٽ، سنڌيتويبسائيٽ،  سنڌ سنگتويبسائيٽ ۽ ٻيون بہ کوڙ ساتريون ويبسائيٽس، بلاگس، فورمس پڻ آھن جن جيڪو رنگ جوڙيو آھي تن ڄڻ تہ آس ۽ اميدن جي جوت جلائي ڇڏي آھي تہ سنڌ جيئندي سدا. آمين

اٺ بابت سنڌي پھاڪا تشريح ۽ استعمال سميت فھرست

قصو ڪوتاھ سنڌي ايڊيٽر بہ ھن برقي سنڌي منچ تي پنھنجا ڪجھ جلوہ کڻي اوھان وٽ حاضرِ خدمت آھي. اسان گھڻا ئي اھڙا سلسلا ترتيب ڏينداسين جن سان سنڌ ۾ سنڌيت جي رڳن ۾ روح تازو ٿيندو ۽ سنگت جو ھڪ چھچٽو جنم وٺندو. اسان سنڌي چٽاڀيٽين جا سلسلا، پرولين جا سلسلا شروع ڪيا آھن ۽ ھاڻ فھرستن جو سلسلو جوڙي رھيا آھيون جنھن ۾ سنڌي پھاڪا پيش ڪجن ٿا.

ياد رھي تہ ھي سنڌي ڪوئيز ۽ پرولين کي ھڪ وندر جيان ويبسائيٽن تي پيش ڪرڻ جي پھرين ڪوشش ٿي آھي. ان کي اسان موجودہ وقت ۾ مروجويبسائيٽس جي حسناڪين کي سامھون رکي ترتيب ڏيندا پيا وڃون تہ جيئن اسان جي پڙھندڙن کي شڪايت نہ رھي تہ اسان سنڌي ڪو پٺتي پيل آھيون ۽ اسان جا موضوع، چونڊ ۽ نماءُ جو ڍنگ اوٻاسين جو سبب آھي.

ھي اڄوڪي پوسٽ سنڌي پھاڪن بابت آھي. ھي سمورا سنڌي پھاڪا ”آُٺ“ تي آھن. اُٺ جو مثال ڏيندي اسان جي سَنوار لاءِ اسان جي وڏڙن جيڪا گفتگو ڪئي اھي پھاڪا بڻجي ويا تہ جيئن ايندڙ نسلن جي سِکيا ٿيِ سگھي.

  1. 1 اُٺ پوڙھو ٿيو تہ بہ مُٽَڻُ نَہ سِکيو

    اٺ پوڙھو ٿيو مٽڻ بہ نہ سکيو

    وڏي عمر ٿيڻ جي باوجود فضيلت ۽ عقل نہ سکڻ

    چاليھ سالن جو ٿي ويو آھين پر اڃا بہ کائڻ مھل آواز ڪري ٿو کائين. عقل ڪڏھن سکندين؟ ان کي چئبو آھي اُٺ پوڙھو ٿيو تہ بہ مُٽَڻُ نہ سِکيو

  2. 2 اُٺ ٻُڍو تہ بہ ٻہ ڪُنواٽُ لَھي

    اٺ ٻڍو بہ ٻہ ڪنھواٽ لھي

    ٻڍو آزمودگار ماڻھو سيکڙاٽ کان وڌيڪ ڪارائتو آھي

    بابا رٽاير ڪرڻ کان پوءِ جڏھن دڪان جو حساب رکڻ شروع ڪيو آھي تہ گھڻو نفعو ٿيڻ لڳو اٿس. ان ڪري چوندا آھن تہ ”اُٺ ٻُڍو تہ بہ ٻہ ڪُنواٽُ لَھي

  3. 3 اُٺ پُٺيان گِھنڊڻي

    اٺ پٺيان گھنڊڻي

    جِند نہ ڇڏڻ، صفا پُٺيان ڪاھي پوڻ

    پِڻس جِتي وَڃي دادلائتو ٻار بہ اُ سان گڏ ضَرور وَڃي ڄڻ تہ ”اُٺ پُٺيان گِھنڊڻي“

  4. 4 اُٺ تان وِڃڻي لَھَڻُ

    اٺ ماما گوگڻون

    گھڻي ڪم مان ٿورو گھٽجڻ

    مونکي گھر ٺھرائڻو آھي. اڄ ماپ ڪرائي چَريون کَڻايون اٿم. باقي اڳتي بہ ڪرڻو آھي، ڪم ۾ ھٿ وجھي آٿت مليو. انکي چئبو آھي تہ ”اُٺ تان وِڃڻي لَھَڻُ“

  5. 5 اُٺان ميھان دا ڪيھا ميلا، اوھَ چَرَنِ پَٽَ، تہ اوھ چرن ٻيلا

    اٺان ميھان دا ميلا

    نہ ٺھڪندڙ شَيُنِ جو گَڏجَڻُ

    ٻڌر مل سارو ڏينھن مندر جا گھنڊ پيو صاف ڪندو ھو. مجال آھي جو کيس ڪڏھن ڪنھن جي ايري ميري ڪندي ڏٺو ھجونس. اڄ بازار ۾ کيس روُنشو ڪندي ڏِسي سچ پچ ڏاڍو عجب لڳو. اِھو تہ ٿيو  اُٺان ميھان دا ڪيھا ميلا، اوھَ چَرَنِ پَٽَ، تہ اوھ چرن ٻيلا

  6. 6 آُٺ جي واتَ ۾ جيِرو

    اٺ جي وات ۾ جيرو

    گھڻو کائڻ واري کي ٿورو ڏِيڻ

    خالد  ويلي تي ڀَت جا پنج ٿال کائيندو آھي سو ٻِن ٿالِين سان سندس ڇا وڃي؟ اِھو تہ ٿيو ” آُٺ جي واتَ ۾ جيِرو“

  7. 7 اُٺ ڀَريو بِہ رَڙي، سَکڻو بہ رَڙي


    نا شُڪرو ماڻھون

    صدوري ساھُرن ۾ رھندي ھُئي تہ چوندي ھُئي ڪَم ڪري ٿَڪجي ٿِي پوان ؛ ھاڻي الڳ وڃي رھي آھي تہ چوي پئي اَڪيلي ڪَڪِ ٿيِ پيئيِ آھيان. اِن ڪَري چئبو آھي ” اُٺ ڀَريو بِہ رَڙي، سَکڻو بہ رَڙي“

  8. 8 اٺ جو جيڏانهن ڪنڌ، اوڏانهن پنڌ

    اٺ ۽ صحرا

  9. 9 اٺ اٿي نه ڀاڙو ڀري ڏي

    اوٺارن جا پھاڪا


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
10
hate
confused confused
6
confused
fail fail
3
fail
fun fun
2
fun
geeky geeky
1
geeky
love love
9
love
lol lol
9
lol
omg omg
6
omg
win win
3
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *