نياڻي جو مڱڻو
نياڻي جو مڱڻو

بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي جو مڱڻو

1 min


27 نومبر 2020 تي بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي جو مڱڻو آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي مشهور وڏي واپاري يونس چوڌري جي پٽ محمود سان ٿي رهي آهي. ڀٽو زرداري خاندان سميت پ پ پ جي دوستن کي وڌ کان وڌ مبارڪون!

يونس چوڌري پنجاب جي هڪ پوئتي پيل ڳوٺ کان نڪري 1973 ۾ جڏهن 30 ڊالرس کڻي ڪئنيڊا جي البرٽا صوبي جي گادي ايڊمنٽن شهر آيو ته ڪنهن کي خبر هئي پاڪستان کي پهريون آئين ڏيندڙ ڀٽو جي حڪومت ۾ ملڪ ڇڏيندڙ يونس چوڌري جي پٽ محمود سان هن ملڪ جي وزيراعظم جي ڏُهٽي بختاور سان سندس مڱڻو ٿيندو.

نياڻي جو مڱڻو
نياڻي جو مڱڻو

ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي محمود چوڌري پ پ پ جو چيئرمين به بڻجي يا سندن ڪا اولاد. قسمت جي ڦيرن کان ڪير واقف آ!يونس چوڌري آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي مشهورتيل گيس ڪمپني YBC جو مالڪ آهي. يونس بشري (زال) چوڌري.

هو هڪ انگريزي ڪتاب(Dirt road to black road )جو به ليکڪ آهي. 30 سالن جي بختاور جي مڱڻي 27 نومبر 2020 تي بلاول هائوس ۾ رکيل آهي. دعوت ڏنل مهمانن کي ڪورونا ٽيسٽ کان آجي هجڻ جي طبي رپورٽ ايميل ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجا موبائل ۽ ڪيمرا بلاول هائوس انتظاميه وٽ جمع ڪرائڻا پوندا.

ڪنهن کي به فوٽو يا ويڊيو ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي ها البته بلاول هائوس جا آفيشل فوٽوگرافرس تصويرون ۽ ويڊيوز ٺاهيندا ۽ بعد ۾ مهمانن جي رڪوئيسٽ تي کين ڏئي به سگهن ٿا.اسان هن خوشي جي موقعي تي ڀٽو زرداري چوڌري خاندان کي مبارڪ پيش ڪيون ٿا. مولا شل نياڻي جا نصيب چڱا ڪري.


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
10
hate
confused confused
6
confused
fail fail
3
fail
fun fun
2
fun
geeky geeky
1
geeky
love love
8
love
lol lol
9
lol
omg omg
6
omg
win win
3
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *