تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس

مان هليو ڇو ويس

تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

(آڪاش انصاري)

تون پڇين ٿو پرين!

مان هليو ڇو ويس؟


جڏهن شام جو جام


خالي نه هو


رات رم جهم هُئي


تنهنجي ساهن جي


جهيڻن سُرن ۾ سُتل


منهنجي بستر تي


مُنڪر ڪا موسم هئي۔


تنهنجي ڪجلين اکين جي


ڪنارن مٿي


منهنجي چپڙن جي ٻيڙي


لڳي ئي لڳي


ها! انهي کان اڳي


مان هليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين

دل به چاهيو گهڻو


ڪا گهڙي تنهنجي


وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان


واس وٺندو رهان


ٻن گهڙين لئه سهي


تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾


ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان


مان پناهون وٺان


کن پل لئي سهي


ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

دل ته چاهيو گهڻو

تنهنجي نيڻن جون


نرمل هي چاندوڪيون


سدا مست نينڍون نياپا کڻي


روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن
۔

دل ته چاهيو گهڻو

تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون


۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا


سئو سنديسا کڻي


منهنجي تن تي سدا


ايئن وکريل رهن
۔

ها مگر ڇا ڪجي؟

تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي


قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين


جيڪا ويئي ڇڪي
۔

دل ته ماڻڻ گُهريون

تنهنجون سڀ دلبريون


ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي


پنهنجي لذت هئي


جيڪا وئي ڇڪي


تون پڇين ٿو پرين


مان هليو ڇو ويس؟

Leave a Reply