Uncategorized

حضرت سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري – سچل جا اسرار

1 min


حضرت سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري ۽ ڪلام ۾ جيڪي وحدت جا رنگ آهن سي ته جلوت کي خلوت جو لبادو اوڙهي  پوءِ ڳُوڙهي اِڀياس ۽ مشاهدي سان ڪنهن حد تائين پروڙي سگهجن ٿا. هن پوسٽ ۾ ڪجھ شهنشاھ سچل جا اسرار پيش ڪجن ٿا

حضرت سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري

سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري



،پچو نه منهنجي ذات جوئي آهيان سو ئي آهيان

اچڻ ٿيو اسان جو اتائين جاٿي ڏينهن نه رات

ظاهر آهي زبانون منهنجي الاقرب سندءِ ڪلمات

” سچو” سر سهي ڪر پنهنجو عشق منهجون عشقات

سچل جا اسرار



سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري


روئي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوههَ کي

سو شمه شفق سان ٿيو، سرخيان سارو سنگ

منهنجو نيهن نسنگ، پيو سمورو سڪوتَ ۾

حضرت سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري



ملي مارڳ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن

ٿورو وڏو تن، تنهنجي اڇڻ جو ٿئي


پيس تنهنجي پيچ، پنهون ڪين ڇڏيج مون

ٻانهي ڪري پانهنجي، وڃي ٻانڀڻ جان ڪري

حضرت سچل جي صوفياڻي شاعري



سچل جي صوفياڻي شاعري


لوهي لا غرضي، سپيريان جي سار

مارڻ لاءِ مشتاق جي، آهي محبن کي مرضي

سر ڏيڻ تنهن سٽ ۾، آهي فقيرن فرضي

ڪڏهن ڪو قرضي، “سچو” تنهنجي نانءَ جو

سچل سرمست جي شاعري



آهي ڪو نه غرضُ، محبوبن کي منهنجو

ڏيڻ سِرُ فرضُ، “سچو” سندن سٽ ۾

شهنشاھ سچل جا اسرار

پورهيائت پنهونءَ جي، آهي اصل کون هِي

جيڏيون جتن ري، ويٺي ورهه وسائيان


جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جات جتن جي

وائي تن جي وات، سدا اٿم سرتيون

سچل سرمست جي صوفياڻي شاعري

سچل جي صوفياڻي شاعري



عمر اجائي گذري، ڪارڻ مٺيءَ روءِ

خام منهنجي خوءِ، ڪرور ويچاريءَ جي


هوت نه ڇڏيو هت، نيو پورهيت پاڻ سان

توريءَ ٻي  ڪا چت، ڪانهي ڪميڻيءَ کي


سچل سرمست جي شاعري


اچج آرياڻي، تون وري شهر ڀنڀور ۾

آن ري ا کڙين مون، ٿو پرٽ وهي پاڻي

هوت اچي هاڻي، هيءَ نالائق نوزيو

سچل سرمست صوفياڻي شاعري



روئي هاريان رت، ووءِ ووءِ واٽرين تي

جيڏيون ڪارڻ جت، سارو وندر ووڙيان


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
10
hate
confused confused
6
confused
fail fail
3
fail
fun fun
2
fun
geeky geeky
1
geeky
love love
8
love
lol lol
9
lol
omg omg
6
omg
win win
3
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *