حياتي ۾ جهاتي ـ حمل خشڪ ـ آتم ڪٿا

1 min


 

  حياتي ۾ جهاتي ـ حمل خشڪ ـ آتم ڪٿا

هر ماڻھون تاريخ ٿئي ٿو. ڪو ٻن سٽن جي ڪو ٻن صفحن جي ته ڪو پورو ڪتاب ته وري ڪنهن تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

Hamal Khushk
حمل خشڪ سائين زين شاھ سان


 آئون به هڪ ننڍڙو ماڻھون هاري جو پٽ مال چاريندي غربت سبب روڊن تي پٿر وڇائڻ جي ننڍي عمر ۾ مزدوري ڪئي انکان پوءِ اڻ پڙيل هوئڻ جو احساس کڻي ان وقت جي مضبوط گهرو سنت يعني ٻيڙي مزدور بڻجي پورهيت سياست ڪئي اهڙي نموني سان جيڪي ڪجھ ياد اٿم اهي يادگيريون گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ننڍ پڻ ڪئين گزريو ڪٿي گزريو جواني تي ڪيئن رسياسين ۽ پوء پوڙھائپ ڪيئن اچي پاسو جهليو. 

 ڪنهن وقت آئون باقائدي ڊائري لکي ۽ ڪنهن وقت وري اها به اجازت نه ڏني سو ڪجھ لکيل ورق به ڪم اچن ٿا . ڪٿي وري يادگيريون سنڀالڻ کان به ڪم ورتو آھي منهنجي خواهش ھئي ته آتم ڪٿا لکان جيئن ته قدرت هر ماڻهون کي حسن عقل سان نوازيو آھي پر حقيقي سونهن ۽ حقيقي قابليت پاڻ کي گهٽ پر ٻين کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارن کي وڌيڪ نظر ايندي آھي سو منهنجو پيارو دوست قومي ڪارڪن ۽ قومي شاعر شبير ٻرڙو جنهن جو ادبي نالو ضمير علي آھي جيڪو منهنجي سڄي زندگي جي ڪٿا کان تقريبن واقف به آھي . جيڪا مون شآعري جا ڪجھ بند يا ٻه سٽا ٽه سٽا لکيا آھن هو يار بار بار همٿائيندو ۽ اصلاح به ڪندو رهيو آھي ۽ يادگيرين تي ڪتاب لکڻ جو حوصلو به هن يار ڏنو آھي ان جي ڳالھ کي اهميت ڏيندي ڪوشش ڪجي ٿي

 سڀ کا پهريون تعرف

حمل خان خشڪ
 حمل خان خشڪ


منهنجو پورو نالو:

 حمل خان خشڪ ولد ڪمال خان ولد خان محمد  ولد قامل ()خان ولد ڦوٽو خان  ولد مٺو خان

مٺو خان

 مٺو خان جيڪو موجوه نوشهرو فيروز ضلعي ۽ ڪنڊياري تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ مان هجرت ڪري شهدادڪوٽ کان تڪريبن 4 چار ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ڳوٺ ڪارڙا جي سامهون ڪور ڏاتو جي اوڀارين ڪڙ تي موجوده سرائي يار محمد کهاوڙ جي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا

ڏاڏي مٺاخان ٻه شاديون ڪيون پهرين گهر واري مان 3 ٽين پٽ جو اولاد ٿيس ته اها گزاري

 ويس ته پوء ٻيئي شادي ڪيائين ان مان به کيس 3 ٽي پٽ ٿيا

سلسلي وار پهرين گهر مان

(1)   لونگ خان

(2)   ڦوٽو خان

(3)   جمن خان

۽ ٻئي گهر واري مان

پهريون شادي خان

ٻيو رازي خان

۽ ٽيون غازي خان

 

هي معلومات پنهنجن وڏڙن کان ٻڌي! ڏاڏو مٺو خان هڪ اندازي مطابق ٽالپرن جي پوئين دور ۾ يان انگريزن جي شروعاتي دور ۾ دريا جي سڄي پاسي کان لڏي کٻي پاسي يعني شھدادڪوٽ اچي آباد ٿيا 6 ڇهني پٽن مان به ان کي اولاد ٿيو

ڏاڏي ڦوٽي کي 3 ٽين پٽن جو اولاد ٿيو جنهن ۾ وڏو

پير بخش خان عرف پيرل خان

ٻيو دوست محمد

ٽيون ڪامل خان

ڏاڏو مٺو خان ۽ ڏاڏو ڦوٽو خان پنهنجي اولاد سميت هارپي جو ڪم ڪندا هئا ۽ سندن زميندار ڪارڙن وارا کهاوڙ هئا جن ۾ وڏو پنهل خان حاجي صاحب محمد علي خان ٻيو پنهل خان حسين علي خان سڪندر علي خان اسرار علي مشتاق احمد بشير احمد هي زميندار ان وقت جا تمام وڏا زميندار هئا هيئير هنن جو خاندان وڌي وڃڻ سبب زمينون تقريبن اڌ کان وڌيڪ کپائي کائي ويا آھن پوء به پراڻا وڏا زميندار هجڻ ڪري انهن جو باقي اثر قائم آھي.

 ڏاڏو مٺو خان ۽ ان جا ڪجھ پٽ ڏاڏو لونگ خان ڏاڏو ڦوٽو خان جي وفات کان پوء تقريبن 1901.2 ۾ ڏاڏي ڦوٽي جي اولاد يعني پير بخش عرف پيرل خان دوست محمد ۽ ڪامل خان ٽيئن ڀائير اتان ڪور ڏاتو خان کهاوڙ تان لڏي اچي ڪارڙن کان تقريبن .2.3 ڪلوميٽر اولھ طرف چنگل واھتي موجوده پانڌن جي ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ۽ شھدادڪوٽ کان ڏکڻ طرف دوست علي روڊ سان 3 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ۽ مستوئي شاخ جي ۽ اتريئن ڪڙ سان هڪ ڪلو ميٽر اولھ تي نئون ڳوٺ ٻڌي آباد ٿيا.

 کهاوڙ ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ شھدادڪوٽ جا تمام وڏا با اثر زميندار رهيا آھن انڪري هارين کي تحفظ به هوندوهو پر هارين تي سختي به ڏاڍي هوندي هئن مثال طور ڀوتار گهر بنگلا ٺهرائن ته به مزدوري هارين کان بيگر ۾ ڪرائن مال لاءِ واڙا يا سُورن ۽ ڪُتن جي بڇ جي خفت  ۾ سورن جا ڪوٽ ڪڍائن ته به بيگر ۾ ڪم هارين کان ڪرئيندا هئا.

چنگل واھ تي

 هتي چنگل واھ تي ڀوتارن سرائي محمد علي خان جي 1200 ٻارنهن سو جريب زمين هئي ٽي ڳوٺ ٻڌل هئا ۽ ٽيئن ڳوٺ چنگل واھ سڏبا هئا جنهن ۾ هڪ ڳوٺ اسان جي وڏڙن قائم ڪيو هو جنهن ۾ ڪجھ گهر خاصخيلين جا به هئا. ميل ڏيڍ جي فاصلي تي ٻيو ڳوٺ بروهين جو به هئو اڃان ميل ڏيڍ جي فاصلي تي ٽيئن ڳوٺ ۾ پانڌا ذات جا هاري اڃا به ويٺل آهن پر اتي هاڻي زمينداري کهاوڙن جي نه آھي کهاوڙ 1200 سو جريب زمين ئي کپائي کائي ويا آھن

 ڀوتار ڪتن ڪڪڙن ۽ گهوڙن جا شوقين هئا سورن جو ڪوٽ ڪڍايو هيَنَ ان دور ۾ حاجي محمد علي خان به زنده هو جنهن کي پنجن پٽن جو اولاد هو وڏي پٽ جو نالو پنهل خان هو جنهن کي به پنجن پٽن جو اولاد ٿيو ته پاڻ ڪنهن حادثي ۾ وفات ڪري ويو ان دور جا ڪارڙن وارا کهاوڙ ڪتن ڪڪڙن ۽ گهوڙن جا به شوقين هئا جڏهن حاجي صاحب محمد علي خان جو پيارو ۽ وڏو پٽ وفات ڪري ويو ته پاڻ عمر رسيده هئا اها چنگل واري زمين ۽ بگي دڙي واري زمين پنهل خان جي پٽن يعني پنهنجي پوٽن حسين علي خان سڪندر علي خان مشتاق احمد بشير احمد کي ڏيئي ويو پر ان وقت سنڀال حسين خان جي هٿ هيٺ ھئي ۽ سڪندر حياٿ خان وڏو پڙهيل لکيل قابل ماڻھون هو ۽ ڀاء حسين علي سان ٻانهن ٻيلي هو


چوندا آھن ته طاقت جو نشو يان ڍئو هڪ واڻيئي جهليو آ ۽ ٻيو مينهن سو ڀوتار حسين علي شڪار جو وڏو شوقين هو جڏهن شڪار تي نڪرندو هو ته اڳواٽ ھارين ڏي نياپو موڪليندو هو ته فلاڻي ڏينهن شڪار تي هلڻو آھي ڀوتار حسين خان پنهنجي جي خفط وارا ڪتا به هارين ويچارن کان بيگر ۾ پالرائيندو هئو انهن ڪتن ۾ تازي جهازي بُلٽَري ۽ انهن جي کار به هوندا هئا ڀوتار جي حقم مطابق تياري ڪري ڪتا ۽ گهر گهر مان هڪ ماڻهون به شڪار لاءِ تياري ڪري وٺي هلندو ھيو پوء ان ڏينهن تي ڀوتار حسين علي خان گهوڙي تي پهچندو هو ٻه ڏاندگاڏيون هڪڙي ۾ کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ ٻئي تي سورن کي زنده پڪڙڻ لاء پنجوڙ هڪ ڪاٺي جي وڏي پيٽي جنهنکي لوهي شيخن جا در لڳل هوندا هئا پندرهن 15 کان ويھ 20 هاري پيگر ۾ بنا عجرت جي ساڻ کڻي شڪار تي نڪرندا هئا” ويجهو ويندا هئا ته ٻه 3 ڏينهن لڳي ويندا هئن پري ويندا هئا ته هفتو هفتو به شڪار تي ويچارن هارين کي بنا عجرت جي رلائيندا هئا پوءِ شڪار ۾ ٻه ٽي مرون زنده پنجوڙن ۾ ڦاسائي پڪڙي اچي اسان واري ڳوٺ جي ڪوٽ ۾ واڙي رکندا هئا اتي انهن جانورن جي سنڀال به هارين کان بيگر ۾ ڪرائندا هئا مند سان جيڪو سائو گاھ هجي اهو به هاري واري واري سان بيگر ۾ لُڻي آڻي سورن کي ڏيندا هئا ۽ چڻا رات جو پسائي صبح جو اهي به سورن کي ڏين پوء پندرهين پندرهين ڏينهن تي بڇ ڪرائندا هئا ڀوتار حسين علي خان پنهنجن دوستن سان اچي ڪوٽ مٿان ڪرسيون موڙها رکرائي ويهندا هئا باقي راڄ جا ماڻهون بيهي بڇ ڏسندا هئا 2 يا 3 بُلَٽِي ڪتا هڪ سور تي ڇڏيندا هئا پوءِ ڪتا سور کي ليٽائن يا سور وڄ ھڻي ڪتن جا آنڊا ڪڍي ماري ڇڏين ڀوتار حسين علي خان ٻيا خوب مزو ماڻيندا هئا هڪ ڀيري جي ڳالھ آھي ته سورن ۽ ڪتن جي ڪوٽ ۾ بڇ دوران رش گهڻي ٿي سور کي جيئن ان جي ڪوٺي جي دري مٿي ڪري ٻاهر ڪوٽ ۾ ڪڍيو پوء ڪتا ڇڏين سور ۽ ڪتن جو جهيڙو لڳو ماڻھن اچي ٽاڄو ڪيو اچتو ڪوٽ جي ڀت وڏي آواز سان ڪوٽ جي اندر ڌماڪي سان ڪِري پئي ته واٺن وڏي همٿ سان ڪوٺي جي دري مٿي ڪئي سور ساھ جي خوف کان ڀڄي وڃي پنهنجي ڪوٺي ۾ پناح ورتي واٺن ڪتن کي پڪڙي ڪوٽ کان ٻاهر ڪڍيو ماڻهون مٽي ۾ بڀوت ٿي ويا پر گهڻي نقسان کان بچي ويا جي سور ٻاهر ڀاڄ کائي ها ته ڪيترئي ماڻھون زخمي يان ماري وجهي ها ڇو ٿه سور جا وڄ ڇُري کان گهٽ نه هوندا آھن

چوندا آهن ته جٿي نا قدري يا نا انصافي حد کان گهڻو وڌي ويندي آھي ته اتي آھستي آھستي بي برڪتائي اهڙا پير بختا ڪري ظاهرٿيندي آھي جو نا قدري ڪندڙ کي اضالو ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهندو آھي ڪارڙن وارن کهاوڙن سرائين به پنهنجن فرمان بردار هارين سان انساني سلوڪ بجاءِ جانورن جهڙو ورتا شروع ڪيو ته قدرت جي بي آواز لٺ حرڪت ۾ آئي جنهن کان پوءِ هارين به پنهنجي لاءِ رستا ڳولهڻ جي سگھ پيدا ڪئي

ڏاڏي پيرل کي 4 چار پٽ ھئا وڏو شير محمد 2 ٻيو صاحب خان 3 ٽيون عامل خان ۽ 4 چوٿون ڦوٽو خان ڏاڏي دوست محمد کي هڪ ئي پٽ ھئو محمد ملوڪ جيڪو منهنجو نانو هئو ۽ ڏاڏي قامل خان کي 6 ڇهن پٽ جو اولاد هئو پهريون وڏو پٽ قائم دين 2 ٻيو خان محمد.

خان محمد جيڪو کير پياڪ ئي هئو ته سندن امان وفات ڪري ويئي ته ڪجھ عرسي کان پوء ڏاڏي قامل ٻئي شادي ڪئي جنهن مان 4 چار پٽ ٻيا به ٿيس 1.پهريون الهواريو خان جيڪو جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو 2 ٻيو نواب خان 3 ٽيون وريل خان ۽ 4 چوٿون بهرام خان اهي سڀ چنگل واھ تي ٻڌل ڳوٺ ۾ آباد هئا ڏاڏي قامل ٻئي شادي ڪئي هئي ته ان پوئين گهرواري جو ڀاء يعني ڏاڏي قامل جو سئوٽ ۽ سالو مير خان به ڪور ڏاتو کان لڏي اچي هنن سئوٽن سان چنگل واھ تي آباد ٿيو ۽ وڏڙن مان پهريون ڏاڏو دوست محمد جواني۾ ئي وفات ڪري ويو ان کان پوء ڏاڏو قامل خان به وفات ڪري ويو ۽ ڀائرن ۾ وڏو ڀاء پيرل خان گهڻو پوء اهو به وفات ڪري ويو هو

هڪ اندازي متابق 60 يا 70 سال وڏڙا ويچارا جن اهو ڳوٺ آباد ڪيو هو اتي ويٺا فصل به ڏاڍا ڀلا ٿيندا ھئا اتي سکر براج کي تيار ٿيندي به ويھ پنجويھ سال گزريا هوندا:

 ڀوتارن کي هي اسان جا وڏڙا ڏاڍا سادا سودا اڻ پڙھيل حد کان وڌيڪ محنتي فرمان بردار هٿ اچي ويا هئا اهو ڏسي ڀوتارن جو مٿو ڦرڻ لڳو ته غريب هارين تي اچي شاهي حڪم هلائڻ شروع ڪيا 1934.35 ۾ جئين سکر براج تيار ٿيو ته ڀوتارن جي آمندني ۾ به الاهي سارو ايضافو ٿيو ته اسان جي وڏڙن جي ڳوٺ ۾ پنهنجي اوطاق ٺھرائي ۽ ڳوٺ ۾ سورن لاء ڪوٽ به ٺھرايو هُيَن اُهو ڪوٽ اندازي مطابق ڏھ ھزار فٽن تي چوطرف ڊبل يعني ٻٽي ڀت اوڏڪي ڪڍرائي ۽ ان جو وچ ڀري تماشو ڏسڻ وارن ماڻھن جي ويهڻ يا بيھڻ جي سهولت ڪرائي ۽ ڪوٽ جي اندر هڪ ڪوٺي ٺھرائي جنهن ۾ ڀوتار سور رهائيندا هئا پوء مهيني ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا سور ۽ ڪتن جي بڇ به ڪرائيندا هئا جٿي ڀوتارن پنهنجن دوستن کي به دعوتون ڏيئي گهرائيندا هئا

ڪرڻي ڀرڻي

جيئن ته ان دور ۾ ڀوتارن جي سڀني ڳوٺن ۾ ڪو به اسڪول ڪون هو انڪري انڪري هاري پڙهيل لکيل ڪو نه هو خاص ڪري اسان شهدادڪوٺ وارن خشڪن ۾ پڪ سان ڪو به پڙهيل لکيل ماڻهون ڪون هو جيڪو شعور ڏي ها ۽ ٻيو سبب اهو به هو ته وڏڙا حدا کان وڌيڪ سادا محنت ڪش مالوند ڀاڳيا به هئا چئو پائي مال ۾ مينهون ڳئون ٻڪرين جا ڌڻ ھوندا هئن ۽ کهاوڙن جي هلندي پڄندي به هئي انڪري کهاوڙن جي هارين ڏي ڪو لوسي لٻوسي لنئوڻو نه هڻندو هو ۽ فصل به تمام ڀلا ٿيندا هئا فصلن ۾ ساريون ڪڻڪ جوئر چڻا مٽر مهري ڌاڻا وڏف ۽ ٻيا فصل ججهي تعداد اپائيندا هئا ان کان به وڌيڪ جيڪا شئي هارين کي ٿڪائيندي هئي سا هئي ڀوتارن جي بيگر هر گهر مان هڪ ماڻهون تڪريبن روزانو جي بنياد تي ڀوتارن جي بيگر بنا اجرت وهندو هو بيگر جو ڪم هو پنهنجي گهرن جا بنگلا ٺھرائن مال جا واڙا ٺھرائن سورن لاء ڪوٽ ڪڍائن يان هفتن جا هفتا سورن جي ڪڍ شڪار تي هارين کي رلائن ۽ شڪاري ڪتا ڌارين انهن ڪتن جي پالنا سنمڀال سڀ ڪجھ هارين کان کان بيگر ۾ بنا اجرت جي ڪرائن ايڏي محنت وفاداري جي با وجود به هارين کي شاباش ڪڏهن نه ڏني ۽ ناشڪري جي حد اها ته ننڍي ننڍي ڳالھ تي ڪاوڙجن ته هارين کي گار گند ۽ مار ڪٽ کي هو پنهنجو حق سمجهندا هئا؟

۽ جڏهن ظلم حد کان وڌي ويندو آ ته قدرت پاڻ اهڙي ڀلائي ڪري مظلون جا رستا کولي ڇڏيندو آھي چوندا آھن ته

رب رسي ته مت کسي هڻي ڪين هٿيار

 ڪرائي اهڙي ڪار جنهن ۾ جوکو جان کي

اهو 1964.65 جو سال آھي ته ڀوتارن نئو نادر شاهي حڪم جاري ڪيو ته منهنجي زمين ۾ جيڪي پراڻا واھ آھن جن جو ڪڙون اندازن 12 کان 14 فٽ ويڪريون 10کان 12 فٽ مٿي اوچائي هُئن انهن کي ڪوڏرن ٽوڪرن يان ڏاندن جي مدد سان هر ڪيڻ بليڊ ھڻي ڀنجهو ٻني ۾ کنڍايو پراڻي واهن جا نشائي ختم ڪريو اهو ڪم هارين جي وس کان چڙھل هو پر جواب ڏيڻ جريت به هارين ويچارن ۾ نه ھئي انڪر ڪم کي جنمڀي ويا

 

جيئن چوندا آھن ته بيوس بار اٺن به ڦٽي ڪيا آھن سوهارين ويچارن به ٻه ٽي سال ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪم کٽائڻ هنن جي وس جي ڳالھ نه هئي هڪ ڀيري ڪم ڏسڻ جي خيال سان حسين علي خان جو ڀاء سڪندر حيات خان آيو ڪم ڏسڻ کان پوء هڪ هاري کان پڇيو ته ڏيو خبر ڪڏهن ٿا ڪم اڪلايو هاري ويچارو جيڪو عمر ۾ تڪريبن چاليھ پنجيتاليھ سالن جي عمر جو هو جنهن ڪم مان هٿ ڪڍي ٿڌو ساھ ڀريندي چواب ڏنو ته?

ڀوتار سائين سچ ٻڌايائين يان خوشامند ڪيان ڀوتار به موڊ هو کهاوڙ ھارين سان کلندا گهٽ آھن پر سڪندر حيات کلندي چيو سلطان فقير سچ ٻڌا سلطان فقير وري هڪ ڀيرو ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ته ڀوتار سائين اسان پٽن پوٽن سميت ويندي رات جو ٻار ڄائو آھي ان سميت سڄي عمر پوري ڪريون تڀي اهو ڪم نٿا ڪٽائي سگهون باقي اڃا پويان نسل اچي کٽائن ته اها خبر خدا کي سڪندر حيات کلندي هليو ويو ڳوٺاڻا پنهنجي ڪم سان جهمڀي ويا ڇو ته هارين کي خبر هئي ته جي ڪم ٽائم تائين نه ڪيو سين ته ڀوتار جو منڇي ڏنڊ هڻندو

ڀوتارن هڪ اهڙو سسٽم ٺاهي ڇڏيو هو جيڪو هاري ڪم گهٽ ڪري يان هاري جو ڪم نه وڻي ڪنهن به مجبوري سبب بيگر تي نه اچي سگهي يان اعطفاقن ڪو ڍور ڍڳو هاري جو فصل پئي ته ڀوتار ان تي هڪ مڻ کان پنجن مڻن تائين ساريون يان ڪڻڪ جيڪو به فصل لهڻ وارو هوندو منڇي کان ڏنڊ لکرائي ڇڏيندو هو بٽائي واري ڏينهن ھاري جي حصي مان انَ جي صورت ۾ ڏنڊ ڪٽي وٺندا هئا چوندا آھن جيڪو ظلم سهندو آهي

ان تي وڌيڪ ظلم ڪيو ويندو آھي سو ان دور جون ڪجھ جهلڪيون اسان به پنهنجي اکين سان ڏٺيون سين باقي اوطاق تي ننڍي لاء کان ويهڻ ڪري وڏڙن کان ٻڌندا هئا سين ؟

انهن ڀوتارن جو مُنڇي جنهنجو نالو محمد صفر ذات جو انڙ هو پر ڏاڍو ٽرڙو هوندو هو ڀوتارن کان به ظلم ڪرڻ ۾ ٻه وکان اڳتي هوندو جيڪو ننڍيون ڳالهيون ڀوتارن کي چگليون هڻي ٻڌائي پنهنجي احميت وڌائيندو هارين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڀوتارن کي ڪوڙ ھڻي ٻڌائيندو هو ۽ ڀوتارن جي به اها خصالت هوندي هئي ته جنهن به اول دانهن آندي ڀلي اهو ڪوڙ تي هجي هو انجي ڌر ٿي بيهندا هئا

(هلندڙ سلسلو)

Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
2
hate
confused confused
8
confused
fail fail
5
fail
fun fun
4
fun
geeky geeky
3
geeky
love love
11
love
lol lol
1
lol
omg omg
8
omg
win win
6
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *