رياضي ڳجھارت
رياضي ڳجھارت

رياضي ڳجھارت اوطاق مھمان ۽ مانيون ڳجھارت

ھاڻ اوهان ٻڌايو ته ميزبان گهران ڪيتريون مانيون کڻي آيو هو ۽ ڪهڙي ترتيب سان ورهاست ٿيندي رهي هئي؟ هڪ ڳالھ نوٽ ڪجو ته مانيون برابر ورهائڻيون آهن ِ۽ ڪنهن به ماني کي اڌ ڪرڻ يا ڀڃڻ ٽوڙڻ جي ضرورت ناهي1 min


حساب ڪتاب واريون ڳجھارتون

ھي رياضي ڳجھارت تمام پياري آھي. مونکي ھي ڀورل شنباڻي ويٺل صالح پٽ، سکر سچل سائين جي ميلي گھمڻ سانگي ھڪ ملاقات دوران ڏني وئي. مون تہ ھن کي بلڪ ڀڳو ھو. ھاڻ اوھان جي واري آھي. پاڻ بہ جواب ڏيو ۽ سنگت کان بہ پُڇو. ان کان سواءِ اسان جون ٻيو پروليون ۽ ڳجھارتون جھڙوڪ سنڌي پياريون پروليون ڀڃو ۽ دوستن کي ڏيو ۽ سنڌي ساديون پروليون % 90 ماڻھن کي نہ اينديون ۽ سنڌي ٻاراڻيون پروليون منھنجي مٺڙي سنڌ جون بہ پڙھو ۽ انھن جا جواب ڏيو.

گھڻيون مانيون؟ رياضي ڳجھارت

رياضي ڳجھارت : هڪ ڳوٺ ۾ هڪڙي اوطاق ۾ ٽي (3) مهمان ماڻڪ، نرمل ۽ احمد علي آيا. حال احوال کانپوءِ ميزبان جيئند ماني پچرائڻ لاءِ گهر ويو. پر جلدي ۾ صرف مانيون (ڊڳڙيون) پچرائي کڻي آيو. اوطاق تي اچي ڏِسي جو ته سمورا مهمان آرامي هئا.

جيئند مانيون رکي، ٻني تي ڪم لاءِ ھليو ويو. ٿوري دير بعد ماڻڪ کي سجاڳي ٿي ته ڏسي سامهون مانيون رکيل آهن. بک به گهڻي لڳل هوُس سو سوچيائين ته مانين جا 3 حصا ڪري 2 ستل سنگتين لاءِ رکان ۽ پنهنجو حصو کائي پرباش ٿي ٿائينڪو ٿيان. جيئن مانين جا حصا ڪرڻ لڳو ته اتان ڪنهن فقير ماني لاءِ سئن هنئي. هڪڙي ماني فقير کي ڏئي هن بقايا مانين جا 3 حصا ڪيا. هڪ حصو پاڻ کاڌائين ۽ 2 حصا دوستن لاءِ رکي پوءِ وڃي آرامي ٿيو.

رياضي ڳجھارت
رياضي ڳجھارت

ٿوري دير بعد نِرمل سجاڳ ٿيو ۽ ڏسي ته سامهون مانيون رکيل آهن. بک به گهڻي لڳل هوُس سو سوچيائين ته مانين جا 3 حصا ڪري 2 ستل سنگتين لاءِ رکان ۽ پنهنجو حصو کائي پرباش ٿي ٿائينڪو ٿيان. جيئن مانين جا حصا ڪرڻ لڳو ته اتي ساڳي فقير ماني لاءِ سئن هنئي. هڪڙي ماني فقير کي ڏئي هن بقايا مانين جا 3 حصا ڪيا. هڪ حصو پاڻ کاڌائين ۽ 2 حصا دوستن لاءِ رکي پوءِ وڃي آرامي ٿيو.

مانين واري ڳجھارت

ٿوري دير بعد سندن رهيل 3 ٽيون دوست احمد علي به جاڳيو ۽ ڏسي ته سامهون مانيون رکيل آهن. بک به گهڻي لڳل هوُس سو سوچيائين ته مانين جا 3 حصا ڪري 2 ستل سنگتين لاءِ رکان ۽ پنهنجو حصو کائي پرباش ٿي ٿائينڪو ٿيان. جيئن مانين جا حصا ڪرڻ لڳو تہ اتان ڪنهن فقير ماني لاءِ سئن هنئي. هڪڙي ماني فقير کي ڏئي هو بقايا مانين جا 3 حصا ڪيا. هڪ حصو پاڻ کاڌائين ۽ 2 حصا دوستن لاءِ رکي پوءِ وڃي آرامي ٿيو.

ماني ڳجھارت
ماني ڳجھارت

ڪجھ دير بعد جيئند ٻني تان موٽيو تہ ڏِسي سڀ ھمراھ اڃا تائين ستا پيا آھن. ھن ٿورو کنگھيو تڳ جيئن مھمان جاڳن ۽ ننگر ڪن. پوءِ سڀ مهمان گڏجي جاڳيا ۽ ھٿ منھن ڌوئي واپس آيا ته هر ڪنهن پنهنجي حصي جي ماني کائڻ واري ڳالھ ڪئي. پر پوِء بہ مانيون بچيل ھيون. پوءِ سڀني اها ڳالھ منظور ڪئي ته بقايا ماني جا 3 برابر حصا ڪري ماني کائي ڪچھري ڪيون. ماني ورهائڻ شروع ڪيائون ته فقير اچي هڪ ماني جي سئن هنئي. فقير کي هڪ ماني ڏئي بقايا مانين جا برابر 3 حصا ڪيائون جيڪي بلڪل وري به پورا بيٺا

ڳجھارتون ئي ڳجھارتون

ھاڻ اوهان ٻڌايو ته ميزبان گهران ڪيتريون مانيون کڻي آيو هو ۽ ڪهڙي ترتيب سان ورهاست ٿيندي رهي هئي؟ هڪ ڳالھ نوٽ ڪجو ته مانيون برابر ورهائڻيون آهن ِ۽ ڪنهن به ماني کي اڌ ڪرڻ يا ڀڃڻ ٽوڙڻ جي ضرورت ناهي

پنھنجا جواب ھيٺ ڪمينٽ باڪس ۾ لکو. ڪمينٽ لکڻ لاءِ اوھان جو فيسبوڪ تي لاگ ان ھجڻ لازمي آھي. يا اوھان پنھنجا جواب اسان کي فيسبوڪ جي پيج سنڌي ايڊيٽر تي بہ ڏيئي سگھو ٿا


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
4
hate
confused confused
10
confused
fail fail
7
fail
fun fun
6
fun
geeky geeky
5
geeky
love love
2
love
lol lol
3
lol
omg omg
10
omg
win win
7
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *