سنڌي ٻاراڻيون پروليون
سنڌي ٻاراڻيون پروليون

سنڌي ٻاراڻيون پروليون منھنجي مٺڙي سنڌ جون

ھنن سنڌي پرولين جو مزو تہ گھر وارن سان کيڏڻ جو آھي 1 min



سنڌي ٻاراڻيون پروليون پرولي سنڌي لوڪ ادب جي ھڪ تمام پراڻي صنف اھي. ويچار کان پوءِ ڪنھن شيءِ جو پتو لڳائڻ کي پرولي ڀڃڻ چئبو اھي ۽ سڄي دنيا ۾ پنھنجي پنھنجي ملڪ جي مزاج مطابق پرولين کي پيش ڪيو ويندو آھي



سنڌي ٻاراڻيون پروليون منھنجي مٺڙي سنڌ جون



سنڌي ٻاراڻيون پروليون – پرولي ھڪ ڳجھارتي فن آھي ھڪ اهڙو وسيلو ، جنھن ۾ پرولي ٺاھيندڙ ڪا معنيٰ رکي ، جيڪا سندس ذاتي معنيٰ کان ڳجھي ھجي ۽ جتي ظاھري ۽ لڪيل گپت مطلب ڪڍيو وڃي. پرولي لفظ پروئڻ مان نڪتل لڳي ٿو ، جنهن جي معنيٰ آهي موتين جي لڙهي منجھ داڻا پروئڻ. پرولي سنڌي لوڪ ادب جي ھڪ تمام پراڻي صنف اھي. ويچار کان پوءِ ڪنھن شيءِ جو پتو لڳائڻ کي پرولي ڀڃڻ چئبو اھي ۽ سڄي دنيا ۾ پنھنجي پنھنجي ملڪ جي مزاج مطابق پرولين کي پيش ڪيو ويندو آھي. 



سنڌي ٻاراڻيون پروليون



سنڌي ٻاراڻيون پروليون – اسان سنڌي ايڊيٽر پاران انيڪ سنڌي ڳجھارتن پرولين ۽ مختلگ چٽاڀيٽين تي مشتمل سلسلا شروع ڪري رھيا آحيون .جيڪي اسان جي سنڌي سماج ۾ ختم ٿيندڙ سنڌيت جي رجحان کي پروان چاڙھيندا.



ھي سنڌي جون جڳ مشھور ساديون پروليون اوھان سان ونڊي رھيا آھيون انھن جا درست جواب ڏيئي ڪري پنھنجي ڪُٽنب ۽ دوستن سان ضرور ونڊجو. جي اوھان وٽ بہ پروليون آھن ۽ اسان سان ونڊڻ چاھيو ٿا يا پاڻ ھي ھتي لکڻ چاھيو ٿا تہ موسٽ ويلڪم ڀلي ڪري اچو _ اسان جون اکيون ٿڌيون



اوھان کي اسان جو شاھ لطيف سائين تي  “ شاھ سائين جي بيتن ۾ استعمال ٿيل محاورن جي چٽاڀيٽي ” ۾ شامل ٿيڻو آھي تہ ھن لنڪ تي آڱر گھمايو (ٺُونگو ھڻو)



ھاڻي اچو پروليون شروع ڪري اوھان جي دماغي صلاحيت جو جائزو وٺون. ھر پرولي جي ھيٺان جوابن جا آپشن موجود آھن. اوھان انھن منجھان ھڪ جواب جي چونڊ ڪري سگھو ٿا. ڪو بہ پرولي جو جواب ڏيڻ نہ وساريندا نہ تہ اوھان جو ااسڪرين تي نتيجو پڌرو ڪون ٿيندو. ھن مشق جي آخر ۾ اسان اوھان کي نتيجو ٻڌائينداسين. 



ويبسائيٽ سنڌي ايڊيٽر تي سنڌي راندون جھڙوڪ چٽاڀيٽي، پروليون، ڳجھارتون وغيرھ ۾ حصو ڪيئن وٺي سگھجي ٿو؟



ڪا بہ پوسٽ مطلب راند تي ڪلڪ ڪريو



شروع ۾ جيڪو لکيل آھي سو پڙھو




نمبر وائيز سوال غور سان پڙھوان سوال جي ھيٺان ان سوال سان لاڳاپيل ممڪن جوابن جا مختلف آپشن موجود آھن. جن مان اوھان کي جيڪو درست لڳي ان تي ڪلڪ ڪيو. ڪلڪ مطلب ان تي آڱر ھڻو. مطلب اوھان اھو جواب چونڊيو آھي ان سوال جو.


اوھان جي جواب چونڊڻ کان پوءِ اسان اوھان کي جواب باري ۾ اُتي جو اُتي ٻڌائينداسين تہ جواب درست آھي يا غلط. پريشان نہ ٿجو. اڳيان ھڪ ٻيو سوال آھي ان جو جواب ڏجو.





ائين سمورن سوالن جا جواب پنھنجي حساب سان ڏيندا وچو.





جي اوھان سڀني سوالن جا جواب ڏنا آھن تہ اسان اوھان کي سمورو نتيجو ھيٺ ڏينداسين ان ۾ پوري تفقيل سان ٻڌائينداسيين تہ اوھان ڪيترن سوالن جا درست جواب ڏنا آھن. جي جواب پاس ٿيڻ جيترا ھوندا تہ اوھان جي تعريف ڪئي ويندي يا لڳندو تہ اسان اوھان کي ڪا صلاح ڏيون تہ اھو بہ آخر نتيجي ۾ ٻڌائينداسين. 





اوھان اسان جي ڪمينٽ سيڪشن ۾ پنھنجو نتيجو ڪاپي ڪري پيسٽ بہ ڪري سگھو ٿا ۽ پنھنجو نتيجو دوستن يا پنھنجي ڪٽنب سان بہ ونڊي سگھو ٿا. اھا سھولت بہ اسان اوھان کي ڏينداسين. 





اوھان پنھنجي دوستن کي بہ ان سنڌي چٽاڀيٽي جو حصو آساني سان بڻائي سگھو ٿا بس دير آھي تہ اوھان جي آڱر جي ھڪ ڪلڪ (ٺُونگي) جي.









  1. 1 اڇي اڇي ڇار، جنهن تي جهرڪي نه جهار

    سنڌي ٻاراڻيون پروليون
    1. بيدو
    2. کنڊ
    3. ڪڻڪ
    4. لوڻ
    Correct!
    Wrong!
  2. 2 اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوھ جو، جيڪر نه ڀڃي، سو پُٽُ ڳوھ جو

    1. چمٽو
    2. ڪوڏر
    3. ڏاٽو
    4. ڪُھاڙي
    Correct!
    Wrong!
  3. 3 گهر گهر ۾ ڳاڙهي ڪنوار

    1. ڪڻڇي
    2. ٽماتا يا چماٽا
    3. ٻھارو يا ڦريو
    4. باھ
    Correct!
    Wrong!
  4. 4 هيڏو هيڏو پاڻ، سؤ کلن ساڻ

    1. ڏاڙھون
    2. اخروٽ
    3. بصر
    4. ڄاھو
    Correct!
    Wrong!
  5. 5 هيڏو هيڏو پاڻ سؤ سئين ساڻ

    1. ٻھارو
    2. ڪتاب
    3. گدڙ
    4. ڄاھو
    Correct!
    Wrong!

سنڌي ٻاراڻيون پروليون منھنجي مٺڙي سنڌ جون

Created on
  1. Quiz result
    You scored
    Correct!
    Share Your Result
  2. Quiz result

    اڃان اوھان ٻار آھيو

    You scored

    اڃان اوھان ٻار آھيو ۽ اوھان کي گھرجي تہ بابي ۽ امڙ سان سنڌي پرولين بابت گھڻي ڪچھري ڪيو

    Share Your Result
  3. Quiz result

    وري ڪوشش ڪيو

    You scored
    سنڌي ساديون پروليون

    اوھان کي وري ڪوشش ڪرڻ گھرجي پوءِ اوھان جا سڀ جواب درست ٿيندا. ھي تہ صفا سوليون پروليون آھن سائين. خير اوھان گھڻن جي نسبت ڪجھ بھتر آھيو

    Share Your Result
  4. Quiz result

    وھ واھ ٿي وئي

    You scored
    سنڌي پروليون

    چڙھي چيلھ ڀڃو. اوھان جا جواب ٻڌي لڳي ٿو تہ اوھان وڏڙن جي سنگت ۾ گھڻوئي رھيا آھيو. ھاڻي ھڪ ڳالھ ٻڌو اوھان اسان جون ٻيون بہ چٽاڀيٽي وارين مشقن کي کيڏو ِ ھي نتيجو دوستن ساڻ بہ ونڊيو ۽ انھن کي بہ کيڏاري سندن عقل جو جائزو وٺو

    Share Your Result
  5. Quiz result

    ھو جمالو

    You scored

    صاحب اوھان تہ ڪمال ڪري ڇڏيو. صفا واھ واھ ٿي وئي راڄن ۾. ھو جمالو ٿي ويو. اوھان سڀني پرولين کي ڀڃي وڌو. زبردست. ھي نتيجو سنگت سان شيئر ڪري انھن جي ھيان تي مُڱ ڏريو ھاھاھا جي انھن کي ھنن پرولين جا جواب نٿا اچن تہ 

    Share Your Result

Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
2
hate
confused confused
8
confused
fail fail
5
fail
fun fun
5
fun
geeky geeky
3
geeky
love love
13
love
lol lol
2
lol
omg omg
9
omg
win win
7
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *