Uncategorized

شيخ اياز جي شاعري منجهان پيارا پيارا بيت ـ سنڌي شاعري

1 min


 پيارا پيارا بيت ـ شيخ اياز جي شاعري 

Sindhi Poetry Shaikh Ayaz lyrics with images

سڄڻ جو ساريوم ته آيون ھيرون ھنج ۾

جيڏانھن نھاريوم چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ھئي




ستارن جي سيج تي ستس ساري رات

پڌري ٿي پرڀات چميندي ڪنھن چنڊ کي




چوسيون چانڊوڪيون تنھنجي مٺڙي منھن مان

راتين جو روڪيون واڳون اسان وقت جون




چئي سگھندين چنڊ توڏي مان ڇو تڪيان

ڏئي سگھندين چنڊ مون کي پار پرينءَ جا




چؤ مان ڪنھن جي ڪاڻ رلان پيو راتڙيون

چؤ ڪنھن جي چانڊاڻ هرکايو منھنجو ھيئون




آيو آڌيءَ رات جو پرينءَ جو پڙلاءُ

چڪڻ لڳو چنڊ جو گھرو گھرو گھاءُ

صدين جو سوداءُ جاڳي اٿيو جيءَ ۾



اچي اوت شراب اٿم اڃ ازل جي

سندم روح رباب سڪي پيو ڪنھن سر لاءِ




اچي اوت شراب اٿم اڃ ازل جي



چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي ستو رات سڄڻ

چمڪيو چوڏھينءَ چنڊ سان آڌيءَ ويل اڱڻ

الا اسر جو سندس منھنڙي جو مھڪڻ

ھيرن ۾ ٿي ڄڻ ھن جون ھٻڪارون مليون




چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي نور ڀري نيراڻ

آيو پرين پاڻ چمڪيا چنڊ زمين تي




تون چانڊوڪي چيٽ جي منھنجو من چڪور

اچي ڪڏھن اور مون سان ڳالھيون ڳج جون




منھنجي نيڻان ننڊڙي تو تائين پھتي

تنھنجي تن سان چاندني ساري رات ستي


شيخ اياز جي شاعري




مٺڙيون منھنڙي تان وتيون اتر ھير اچي

سڄڻ سيراندي ميڙو مڙني جو ھيو




ڪوڪي ٿي ڪويل چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي

ڄڻ ساري سنسار کي ٿي ڏاري ڏکويل

پرينءَ سان پويل شل رھي سا سڀن جو




چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي رنگ رليل آڪاس

رتين رتيون راتڙيون اڏاڻا احساس

چت ۾ چوڏھينءَ چنڊ جئن اڀري ڪائي آس

پريان پريان پاس آيون ڳالھيون ڳجھ جون




چنڊ لڙھي لس ليٽ ۾ جھاڳي جھڙ جي جھاڳ

مينھوڳيءَ جي مند آ وسن پيا ويراڳ

ڪٿي آن ڪنھن جاءِ آن واري اچ تون واڳ

مٺڙا منھنجا ماڳ سڄڻ منھنجي ساھ جا




چوڏھينءَ چانڊوڪي ويجھي آئي وس ۾

اڄ تنھن سان ترسي ٿيو سيني ۾ سوجھرو



ڏکائي ويو ڏور مون کي چنڊ چريو ڪري

دل کان ناھي دور دوري آھي ديد جي




نئين نھ منھنجي ننڊڙي چانڊوڪيءَ کي چوءِ

جاڳي جلندي جندڙي تن من ايندو توءِ

سور اسان لاءِ سوءِ آندا جاڳ جھان ۾




نھاريم نيراڻ ۾ تڪيندي تارا

ڪٿي آن ڪنھن جاءِ تون پرھ کان پيارا

چنڊ پٺيان چارا رليم ڪيئي راتڙيون




ڇڻي پيئي ڇاٽ ستارن جي سونھن جي

ڪرڻن ڪئي چنڊ جي وڻن منجھان واٽ

لڇڻ لڳي لاٽ ڪائي منھنجي روح ۾




سڻيم تنھنجو سڏ پھتس پھتس او پرين

ھيڻون اٿم ھڏ پر سگھ ڏسين ٿو ساھ جي




سھڙي آ سانجھي اوندھ لٿي آب تي

او منھنجا مانجھي ساٿ نھ ڇڏج سير ۾




سيڻ کنئي سا پيا پور پرينءَ جا

دکن جا دريا پار ڪياسي پل ۾




ساوڻ سندا مينھن آيو آھين ان بنا

الا ڪھڙي ڏينھن ٻجھندي پياس پرينءَ مان




اڃا آکيرو تنھنجو آ اکين ۾

صبح سويرو اڏري آءُ اسان ڳري




آ ريتيءَ تي رڃ الا پيار پرينءَ جو

اکڙين سنديءَ اڃ ڀٽڪايوم ڀٽن ۾





گھرا گھرا نيڻ ،ڪارا ڪارا ڀونر جيئن

ڀِرندا رھيا ڀيڻ، مکڙيءَ مٿان من جي




ٿي سڄڻ سار، ڳاتم ان جون ڳالھڙيون

ڇيڙيا من ملھار ، اکين آب وسائيا




ويڙھي ويا واس، ون کي محبوبن جا

آندا من ۾ آس، خزانا خوشبوءِ جا




ڇٻيون آھن ڄڻ سموري سنسار ۾

ويجھن کان وڇڙڻ جلائي ٿو جيءَ کي




تارن کي ترساءِ پرين پوئين پھر جو

سڀان تو سواءِ ناھي جس جيئڻ ۾





جدائي جانڊه پينھين ڇڏي پيار کي

سڄڻ مون سانده سوگھو رھج سا ۾




ڪڏھن آءُ قريب ڪريانءِ ڳالھيون ڳج جون

اندر جا عجيب اوريانءِ امنگ سپرين




کڻي نماڻا نيڻ مٺڙي ڏٺو ڏک مان

واسينگن جئن ويڻ ڏنگيون منھنجي ڏا کي




دلين جا دريا، اٿلي پيا اوچتو

سالن کان پوءِ سا، ساعت ۾ سرچي ويا




مينھوڳيءَ جي مند آ، اٺا اڄ اتر

وڍيو واءَ وجود کي ڪي ڪيس ڪڪر

جيڪر پايان پر، پھچان پنھنجي پرينءَ کي




گھلي ڏکڻ ھير پيا پور پرينءَ جا

سيرون ڪيون سا ۾ اندر جي اڪير

ڪڏھن کنڊون کير ڪڏھن و جئن واسطا




آئي رت رابيل جي دل ۾ دود دکيو

ناھي سا سکيو تو بن پل ليءِ اي پرين




آئي رت رابيل جي پيا پرينءَ جا پور

نينھن سندا ناسور اندر ۾ اکلي پيا




اکڙيون اڃايل ،سڄڻ تنھنجي سونھن جون

سدا سڪايل، پرين پنھنجي پيار جون




ورھين کان پوءِ ٿو وسين بر جا بادل

ترس تھ ٻھ ٽي پل پياسو آھيان پيار جو




اڄ اکڙن جي اڃ ،پوري ٿي پرينءَ مان

روح اندر ھئي رڃ، وسي بوند بر جي


شيخ اياز جي شاعري

 شيخ اياز جي شاعري منجهان پيارا پيارا بيت ـ سنڌي شاعري شيخ اياز جا بيت



ويا اڄ اڏي مون کي منھنجا سپرين

آيا گھڙي اوچتو جن کي سا سڏي

تن کان پوءِ تڏي آھي بوءِ بھار جي




سدائين ساوڻ سڄڻ لاتو سا ۾

گھٽائن ۾ ڄڻ گذريون گھڙيون عمر جون



شيخ اياز جي شاعري ـ آئي ننڊ نيڻن کي اڏاڻا ارواح


آئي ننڊ نيڻن کي اڏاڻا ارواح

سڄڻ منھنجو ساھ پھتو تو وٽ پل ۾




گھڙي جا گھاري، تنھن لاٿي سڪ صدين جي

وڃان مان واري، سھڻا تنھنجي سونھن تان




رھي منھنجو روح، ۾ سدا تنھنجي سونھن

ورھين لاءِ ورونھن، پلڪ تنھنجي پيار جي




ورھين کان واسو سڄڻ تنھنجو سا ۾

پنھنجن کان پاسو مناسب ناھي مٺا




وينديسانءِ مري، ڳائي تنھنجون ڳالھڙيون

“چوندين! ”ھاءِ چري، سچي ھئي سڪ جي


Shaikh ayaz poetry




جيئين، تنھنجي جند جي، مٺڙي موسيقي

ورھين لئيءِ وڄندي، رھندي منھنجي روح ۾


سنڌي شاعري


جيئين تنھنجي جندڙي ساري آ سرھاڻ

تن مکڙين جو ميڙ آ من خوبين جي کاڻ

آڻي توکي اوچتو قدرت منھنجي ڪاڻ

مون کي چيو ’ماڻ وٺ ھي گل گلاب جو‘


چھڪي پيو چاه مھڪي پئي محبوبڙي


چھڪي پيو چاه مھڪي پئي محبوبڙي

سرھو ھن جو ساه آھي بوءِ بسنت جي




سوچي ڪج سڄڻ جو منھنڙو مرجھايو

سرءُ جو سايو ٽھليو ٽانگر جي مٿان


best sindhi poetry by shikh ayaz




نگاھن مان نينھن ، ڇڻي پيا ڇاٽون ڪري

ڏٺي ٿيا ھئا ڏينھن،  محب ملي ويو اوچتو




پرھ کان پيارو منھنڙو منھنجي يار جو

مٺڙو موچارو سڄڻ منھنجي سا جو


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
7
hate
confused confused
3
confused
fail fail
10
fail
fun fun
9
fun
geeky geeky
8
geeky
love love
5
love
lol lol
6
lol
omg omg
3
omg
win win
10
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *