شيخ اياز جي شاعري ڪتاب چنڊ ڳليون جي شاعري

2 min


شيخ اياز جي شاعري ڪتاب چنڊ ڳليون جي شاعري


شيخ اياز جي شاعري ڪتاب چنڊ ڳليون جي شاعري


تو نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اِسرار نه آ



تو نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اِسرار نه آ،
زندگيءَ کان وڏو اِسرار نه آهي ڪوئي
چَنڊُ گل مهر مٿان عشق جو اقرارُ نه آ
وقت درياهه سهين، عشق جيان ڄار نه آ
پَل مڇين جيئن ٿا تِرڪن جي ڪوئي پيار نه آ
عاشقيءَ کان وڏو اِسرار نه آهي ڪوئي،
عاشقيءَ کان چڱو ڪو لوءَ ۾ ٿڌڪارُ نه آ،
تو نه سوچيو آ ڪڏهن، موت ته اسرار نه آ.

——–

 رات جو پويون پَهَر، هيءَ ستارن ٻُڏتَر

رات جو پويون پَهَر، هيءَ ستارن ٻُڏتَر،
پو به رابيل اڳي جان ڏني خوشبو تُنهنجي!
ٿي پوي ماڪَ گُلابن تي هوا مان هرَ هَر،
دل چَوي ٿي ته مِلين ڪاش ڪٿي تُون ٻيهرَ،
ٿو پَوي وهم ته تو آهه ڏنو دستَڪ دَر!
ٿي اچي واءُ منجهان ڄَڻ ڀِني خوشبو تنهنجي!
تُون ٽڙي آنهه ڪٿي؟ ڪيئن چوان مان؟ ها، پَر….
دل چوي ٿي ته مِلين ڪاش ڪٿي تُون ٻيهَر!
——–

ٿي وئي آ اُها زنجير، ڇني سگهندين تون؟


ٿي وئي آ اُها زنجير، ڇني سگهندين تون؟
گل ڇني ٿو سگهين، خوشبو ته اُتيئِي آهي.
جا سندس وارَ ڇُهي، هِيرَ ڇِني سگهندين تون؟
عشق کان عشق جي تقدير ڇِني سگهندين تون؟
چنڊ کان يار جي تصويرَ ڇني سگهندين تون؟
جيءَ ۾ جي لڳو جادو ته اُتيئي آهي.
هُو مٿي سمنڊ منجهان وِيرَ، ڇني سگهندين تون؟
ٿي وئي آ اُها زنجير، ڇِني سگهندين تون؟
——–

مون ته تولاءِ وِڌيون. ڪالھ  نهارون ڪيئي


مون ته تولاءِ وِڌيون. ڪالھ  نهارون ڪيئي
تون نه آئينءَ مگر رات ته گُذري ويئي!
ويو ٻُڏي چنڊُ، سندءِ سونهن جون سارون نيئِي،
ٿي پِرَهه  هيرَ اچي هاڻ ته پارون پيئِي،
اُڀ ۾ نيٺ وسامي ويا ٽيڙو ٽيئِي
رات هئي چار پَهَر، رات ته گذري ويِئي،
مون ٿڌو ساهه ڀَريو، توکي ميارون ڏيئي،
مون ته تولاءِ وِڌيون، ڪالهه نهارون ڪيئي.
——–

رات بارات جيان آئي آ


رات بارات جيان آئي آ
اِئن لڳي ٿو اِجهو ڏولي پَهتِي
ڏُک جي ڏات جيان آئي آ،
گيتَ  برسات جيان آئي آ،
موتَ جي مات جيان آئي آ،
جيئن چشمو ڦُٽي ٻولِي پهتِي،
پيار جي جا به پرولي پهتِي،
چاندني رات جيان آئي آ،
رات بارات جيان آئي آ.
——–

آھ هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن تَتيءَ واريءَ تي

آھ هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن تَتيءَ واريءَ تي
ٿِي چَوي ڄَڻ ته ڪَڪَر  ڇانوَ ته ”مان اچڻي هان“
ٿو ڪري ٻولِڙيون روز تِتِر ٽاريءَ تي،
آلهيِ سِجّ وَيو زرد  مُنهين ماريءَ تي
تون ٻڏو نانهه اڃان، تَڳّ سندم تاريءَ تي.
گهاٽَ وَٽ بيهه نه، مان گهيڙ سمورا ڄاڻان
هيءَ ٻي ڳالهه ته اڄ ٻَگههّ نه ٻيٽاريءَ تي!
آه هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن رُڳو وارِيءَ تي.
——–

جڏهن اچين ته اڳيون کيسُ ويڙهي ايندو ڪَر

جڏهن اچين ته اڳيون کيسُ ويڙهي ايندو ڪَر!
اُنهيءَ جي برٿ ۾ ڪيئي وَنيون ٽِڙيُون آهن.
جڏهن اچين ته اڳي جئن سُڳنڌ ڏيندو ڪَر!
گُلابَ ڪالهه جيان چاهه مان چميندو ڪر!
اڳي جيان به ڳُجهيون ڳالهڙيون سَليندو ڪر!
گهٽِيون لڪاءِ، جتي ڪيتريون ٿِڙيون آهن!
ڀَلي ته بَندِ هجن، گهر مگر سَڏيندو ڪر!
جڏهن اچين ته اڳيون کيس ويڙهي ايندو ڪر!
——–

ائين لڳو ڄڻ ته صدين جي ڪا ڪَهاڻي آئي 


ائين لڳو ڄڻ ته صدين جي ڪا ڪَهاڻي آئي،
گُلِ شَبّوءَ کي جڏهن تو مُڪو مون ڏانهن چُمِي،
اِئن لڳو ڄڻ ته ڪا مهڪار پُراڻي آئي،
سالها سال اڳي جوتِ اُجهاڻي آئي،
پيار جي رات ڪَنول جيئن ڪُماني آئي
مون ڏٺيون چنڊ ڳِليون تُنهنجي تمنا ۾ گهُمِي،
جئن وَتو نانءُ سندءِ ڪائي وَراڻي آئي،
گُلِ شَبّوءَ کي جڏهن تو مُڪو مون ڏانهن چُمِي.
——–

چاندني رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو


چاندني رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟
تُنهنجا چَپ يادِ اچن ٿا اُنهيءَ وانگر هاڻي!
ڇا سندم ننڊ ڪَڏهن، پيارَ، ڏٺي آهي تو؟
ٿي رهين ساهَه جيان، سارَ ڏٺي آهي تو؟
راتِ جي سانت ۾ وڻڪارَ ڏٺي آهي تو؟
ڪيئن گهر گهاٽُ ڇڏي، ٿي ڀُلين منهنجي ڀاڻي
پاڻ کان راتِ ڪڏهن ڌارَ ڏٺي آهي تو؟
چانديءَ رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟
——–

اي پرين! تو نه سوچي ڏٺو نياڻَ ۾

اي پرين! تو نه سوچي ڏٺو نياڻَ ۾
چنڊ توکي ڏٺو آرسيءَ وانگيان!
ايتري روشني آنهه تون پاڻَ ۾
مون وِسائِي بَتي ڀا ڪُرين ڀاڻَ ۾،
ڪيئن نه جَرڪين پئي پيار جي ڄاڻَ ۾،
ڄڻ ته رابيل جي تازگيءَ وانگيان!
تون هُئينءَ چؤطرف چاندنيءَ وانگيان!
اي پرين! تو نه سوچي ڏٺو نياڻَ ۾.
——–

ٻارَ کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي

ٻارَ کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي
جئن ڪَڪَر وِڄّ چُمي، ايئن چُمي ٿِي تنهن کي
مورڻيءَ جيئن اڱڻ منجهه ٽلِي ٿِي پيئِي
سِڪّ سان ڪيئن نه سَرتين سان ملي ٿي پيئي
مُڱ ڦَليون ٻارُرر کي، پوءِ ڇِلي ٿِي پيئي
ڄڻ اِجهو ٿڃ بڻيون، ٿڃ ڏئي ٿي جنهن کي
رت تَنهنجي ۾ سندس رتّ رِلي ٿي پيئي،
ٻار کي هَنجِ کڻي، ماءُ کِلي ٿي پيئي.
——–

سينڌ سُرمي کانسوا سونهن نه وڻندي آ ڇا


سينڌ سُرمي کانسوا سونهن نه وڻندي آ ڇا؟
سينڌ سُرمي کانسوا ڇو نه اچين ٿي مون ڏي
سَرسُ سينگار بنا باتِ نه بڻندي آ ڇا؟
چاندني چَنڊَ منجهان ايئن نه ڇڻندي آ ڇا؟
وَلّ ڇاتيءَ تي رُڳو گُلّ نه کڻندي آ ڇا؟
واءُ ۾ ولِّ جيان ڇو نه جُهڪين ٿي مون ڏي؟
سينڌ سُرمي کانسواءِ سونهن نه وڻندي آ ڇا
سينڌ سُرمي کانسواءِ ڇو نه اچين ٿي مون ڏي؟
——–

تون پِنيون پيار منجهان مونکي پسائين پيئي


تون پِنيون پيار منجهان مونکي پسائين پيئي
جئن گهگي  گهيرَ اُڏائي ٿو پيو واچوڙو.
چَنڊَ کي ايئَن ڏِسي ڇا نه لَڄائين پيئي!
وارَ ڇوڙي تون گهٽائن سان گهٽائين پيئي!
وِڄُ گجگوڙ ڪيا، تون چُني چائين پيئي
ريتِ جا ڍير اُڏائي ٿو پيو واچوڙو،
*پو به ٻَهڙو نه ڪِريو، ڪيئن بچائين پيئي؟
تون پِنيون پيار منجهان مونکي پسائين پيئي.
——–

ٿي کنوَڻ کَنج ڏٺا، رات وٺو هو سانوَڻ


ٿي کنوَڻ کَنج ڏٺا، رات وٺو هو سانوَڻ
جيئن چؤنري مان نِهاريو ٿي گهٽائن ڏي تو!
تو طرف ئي ٿو ڏسي باک جو سائو وَڻ ٽَڻُ!
ٿا ڪَڪَر ساٿُ ڏَيِن، جيئَن پَئي هَڪليِن ڌَڻ!
۽ وَليُون واجهه وِجهن اِيئن، وِجهي جِئن واهڻ!
ڳاٽَ ڳڀرن جا ڏسي، ٿي ڏٺو ڀائُن ڏي تو،
تو گهڻا بار ڏٺا ڪَنڌَ، ڪُهاڙيون، هَڻُ هَڻُ!
ٿي کِنوڻ 2*کَنج ڏٺا، رات وُٺو هو سانوڻ!
——–

اُداس راتِ، پيو چَنڊُ ٿو ڳِليون ڳولي


اُداس راتِ، پيو چَنڊُ ٿو ڳِليون ڳولي
خبر نه آهه ته ڪيڏانهن تون هلي وئي آن!
پئي سَراءِ اڱڻ ۾ گُلاب کي ڦولي،
سُڳنڌ جيئن وَئي آنهه ڪنهن ته تون ٽولي!
پَکي پِرهَه جو جڏهن ٻولَ ٿو پيو ٻولي،
ٻُڌي تون ٻولڙيون، ڇو اِئين ڇُپي وئي آن؟
خبر نه آ ته سندءِ رازَ ٿو پيو کولي!
خبر نه آهه ته ڪيڏانهن تون هلي وئي آن؟


*1  ٻَهڙو: هڪٻئي مٿان رکيل گهڙو.
*2  کَنج: عاج جي ٻانهين.


——–
هتي ته ساهُه مُنجهي ٿو، ڪڏهن ته پٺتي موٽُ!
ڪڏهن ته آءُ ٿڌيءَ هيِر وانگيان مون ڏانهن!
هِتي ته پَنّ به لوڏي نه ٿو پيو اکروٽُ،
پهاڙ  پَنڌُ اکٽ ٿو لڳي، پَري آ ڪوٽُ!
وڌيِ اُساٽ وَئِي، ڄَڻ ته آ کَليءَ ۾ کوٽُ!
ڪڏهن ته آءُ نديءَ نِير وانگيان مون ڏانهن!
متان وَري نه مِلي هيِئن توکي گهوڙي گهوٽُ
ڪڏهن ته آءُ ٿڌيءَ هير وانگيان مون ڏانهن.
——–
ڪڏهن ته آءُ چُمي ڏينم چاندنيءَ وانگر.
ڪڏهن ته آءُ هَٽي رات جي هتان ڪارنهن!
رهي نه موتُ، ڪڏهن آءُ زندگيءَ وانگر،
شرابِ ناب بڻي آءُ سَر خوشيءَ وانگر
اِئين نه آءُ رڳو ڪينه پروريءَ وانگر
اچِي ٻُڌاءِ ته سازش اِها سٽِي آ ڪنهن؟
ڪَڏهن ته پير ڀري آءُ دوستيءَ وانگر
ڪڏهن ته آءُ چُمي ڏينم چاندنيءَ وانگر.
——–
لڳي ٿو کُوههَ ۾ پاڻي وَڌي ويو آهي
جڏهن به چيلهه مٿان تون گهڙو کڻي نڪتينءَ.
گهلي ٿي هِير ائين ڄڻ ڪِٿي وُٺو آهي
ڪَڪَر گجن پيا جِئن تو ڇڏيو ڳِلو آهي
اڃا ته چُپِّ ڪٿي سِجّ جهانجهرو آهي
جِهمي پيو جُهڙ تون جڏهن سَکِي نڪتينءَ،
اِجهو هُو کوهه، هِتان پنڌُ ٿورڙو آهي!
لڳي ٿو کوهه ۾ پاڻي وَڌي ويو آهي.
——–
نه هيئَن شعر لٿو مينهن جيئن اڳُ ڪنهن تي،
مدام ناهه حياتي اڃا لکي وٺ ڪجهه
ملي ويو نه ڪڏهن آهه هيئَن دَڳُ ڪنهن کي
اُجارَ هيِئن ته وِرلي ڏئي ٿو جڳُ ڪنهن کي
سَليو نه سونهن اکينِ آهه سارو سَڳُ ڪنهن کي
اڃا به جيءَ ۾ جهاتي، اڃا لکي وٺ ڪجهه!
ڪيو نه موت ڪڏهن ايِئن اَڳُ مَڳ ڪنهن کي
نه هيئن شعر لٿو مينهن جيئن اڳ ڪنهن تي
——–
خبر نه آهه گهڻا مئڪدا کُٽائيندين!
ٻه چار جام اڃا پيءُ، نيٺ هلڻو آ.
ڏسان پيو ته صراحيون اڃا به پيٽيندين،
اِها اُساٽ نه ڄاڻان ڪڏهن ٻُجهائيندين
پتو نه آهه ته مدهوش تون ڪڏهن ٿيندين!
ٻه چار ڏينهن ڀَلي جيءُ، نيٺ هلڻو آ،
رڳو خمار اِهي پاڻ سان کڻي ويندين.
خبر نه آهه گهڻا مئڪدا کُٽائيندين!
——–
سرنهن جي ڇانو ۾ ويهي رهو ٻه چار گهڙيون
اڃان ته پنڌ پري آ مسافرو پنهنجو!
رُڪاوٽون ته هيون راهه ۾ هزار کڙيون،
هَلِيهءُ ٿي تيز سُوارو هڻي، اَڙين تي اَڙيون،
کُٽن ڪِٿي اِهي تقدير جون ڪڙين تي ڪڙيون!
ڪٿي نه آهه اڃا پنڌ ڇو پُنو پنهنجو
پَريان سڏِين پَيون ڄڻ ڪٿان رڙين تي رڙيون!
سرنهن جي ڇانو ۾ ويهي رهو ٻه چار گهڙيون.
——–
ٽُٽي ويون ته ڇُٽيون، ميڙ تون ڀَلي شيشا،
دليون نه جوڙِ، دليون آئيني جيان آهن
ڏٺي نه ٽاڪُئين دل جيئن ڪنهن به شيءِ ٻي ڪا!
اڳي به آهه ٽُٽي، عشق ٿي ويو ٽڪرا،
سنڀالِ! هيل به نازڪ اَٿي اِهي رشتا،
ٽٽي پيا ته وَيا، جام وانگيان آهن.
ڦُڙيون ڦُڙيون نه ڪَٺيون ڪَر اِهي نه ٻيا پيالا!
ٽُٽي ويون ته ڇٽيون، ميڙ تون ڀلي شيشا.
——–
ملين ته اڄ ئي ملي وڃ، سُڀان هُجان نه هُجان!
خبر نه آهه، گهڻا ڏينهن زندگي آهي!
سڀاڻي سِج نه نڪري متان گهٽائن مان،
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان فضائن مان،
سڀاڻي مهڪ نه ايندي اِئين هوائن مان،
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽڙي آهي،
وَري سُڳنڌ اِئين ڀي اچي ڪڏهن نه متان!
ملين ته اڄ ئي ملي وڃ، سُڀان هُجان نه هُجان!
——–
پتو پيو ته سياست فريب هُئي يارو!
پتو پيو ته فقط شاعري چڱي آهي.
پتو پيو ته اهو خواب ئي هُيو سارو،
هُيو نه رات منجهان ڪو به چَنڊَ جو چارو،
اِئين لڳو ته ڪيم موت کي ڳچيءَ ڳارو،
جِتي به، جيئن به آ، زندگي چڱي آهي،
اِئين به ناهه ته هر چيز آ کِکيءَ کارو،
پتو پيو ته سياست فريب هُئي يارو!
——–
اڃا ته ننڊ منجهان ٿي ڏَري اُٿِي ڏارو،
اڃا ته جَنڊُ پيو پيسجي اڳي وانگر!
اڃا عوام اڳي جِيئن آهه ويچارو،
اڃا ته باک ڦُٽي نانهه اي وطن وارو!
ٻُڏي ويو آ وَري تيرگيءَ ۾ تارو،
اڃا ته هانءُ پيو هيسُجي اڳي وانگر
اڃا نصيب مٿان آهه ڪو ڪڪر ڪارو!
اڃا ته ننڊ منجهان ٿِي ڏَري اُٿي ڏارو!
——–
اڃا ته سُمهه، خدائي سُتي پئي آهي
اڃا ته چَنڊ پيو آسمان مان گهوري!
جِتي به پنڌ ۾ تنهنجي جُتي پئي آهي،
اُتي لڳي ٿو اڃا تائين روشني آهي،
خبر نه آهه نئين واٽ ڪا ٺهي آهي!
پَيو اڃا هُو زمان و مڪان مان گهُوري،
اڃا نه آهه کُٽِي، زندگي پَئي آهي،
اڃا ته سُمهه، خدائي سُتي پئي آهي.
——–
خدا پيو ٿو سڄيءَ ڪائنات مان گهوري
خدا جي واٽَ ۾ جيڪي ڪَرين، چڱو آهي
ائين به نانهه ته هرڪو سُتو اکيون پُوري،
اکيون ڪِروڙَ اَٿِي آسمان جي کوري،
خدا پيو توکي ذات و صفات مان گهُوري
اڃا به چُونڊ، جي پُٺ تي وَرين، چڱو آهي
جئين ٿو چنڊ ڏِسي هيٺِ رات مان گهُوري
خدا پيو ٿو سڄيءَ ڪائنات مان گهُوري.
——–
خدا جي ڳُجھ  ۾ ڇا لاءِ پَوَڻ چاهين؟
خدا جو ڳُجھ ڀلا ڪنهن اڃا لڌو آهي!
نچي ٿو مور اُهو ڇو نه ٿو ڏسڻ چاهين؟
ڪَڪَر جي ڪورَ ته ڏِس، تون ته سا نه ٿو ٺاهين!
وَليون ڀٽُن تي ٽِڙن ڪيئن ٿيون، جي ساڃاهين!
اِهو به رازُ وسيهِر ڪٿي لِڪو آهي،
چڱو ته آهه اِئين ڪاهِه جئن پيو ڪاهين!
خُدا جي ڳُجھ ۾ ڇالاءِ ٿو پَوَڻ چاهين؟
——–
ڪِناري ساڻُ اُجهاڻل ٻه جهوپڙيون آهن
اُداس چنڊ تري ٿو اُداس مَنڇر ۾!
اِئين اُداسُ اُجهاڻل سندم اکيون آهن
 صديون ٿيون ته نه ٻيڙائتون ڏٺيون آهن،
ڪَتيِن ڏِيا ٽيون هوا ۾ اُجهامڻيون آهن،
اُنهن جا هاڻِ جَهڪا عڪس ٿا لڳن جَر ۾
خبر نه آهه ته آڙيُون ڪِٿي لَٿيون آهن،
ڪِناري ساڻ اُجهاڻل ٻه جهوپڙيون آهن.
——–
پِرھ  جي هيِرَ ۾ رابيل جئن ٽِڙڻ ٿا پيا
ائين لڳي ٿو جوانيءَ ۾ تون ٽِڙي آهين!
وَهن ٿيون ڪنگريون، کوهه ڄڻ گِڙن ٿا پيا،
سندءِ وجود مان نغما اِئين ڇڙن ٿا پيا،
اَڃان گلاب کِڙن ٿا ڀَوَنر مڙن ٿا پيا،
ٻه پل ته ويهه، اِئين ڇو اُتامڙي آهين؟
پياڪ سُونهن ڏسي، ڪيترو ٿِڙن ٿا پيا!
پرھ  جي هِير ۾ رابيل جئن ٽڙن ٿا پيا!

——–

هو فونِ  تارَ مٿان ڪيترا پکي آهن
اُهي پيام نه ڄاڻن وڃن پيا ٿا جي!
اِهي سَٽاوَ اندر هونءَ گيتَ ئي آهن،
مَري وڃن ته ڪِري ٿا پَون مِٽي آهن
 ٻه ٽي گهڙيون ته هوا منجهه ڦَڙڪِڻي آهي،
خبر نه  آهه ته ڇاهِن مَرن پيا ٿا جَي!
لٿي آ شام اُتي ئي اڃان سکي آهن.
هو فونِ  تارَ مٿان ڪيترا پکي آهن!
——–
ڇا سبب اِئن تو جواني ڏئي، موٽائي وَتي؟
ڇا سبب ايئن اچي تو نه وري آئين آن؟
مون نه ڄاتو هو ته ٿيندي آ اُڪنڍَ ايئن اَتي
ٿي اَچين جيءَ ۾ جگنوءَ جِي جئين چَنڊَ بتي
پيارَ جي سارَ اِئين آهه جِئين مَڌُ مَتي،
روح ۾ اِيئن رچي تون نه وَري آئي آن
جئن ڪڪر ڇانوَ ڏِين، جيئن اچي مُند ڪَتي!
ڇا سبب اِئن تو جواني ڏئِي موٽائي وَتي.
——–
ڪيئن چئجي اسان ٻيهار مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي ته مُلاقات وَري ٿِي ويندي!
وقت درياهه، تَرِي تارِ، ملون يا نه مِلون!
آنءُ هِن پارِ، تون هُن پار، مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي ته گهڙيون چارِ مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي ته برهه  بات وَري ٿي ويندي!
آه اوچي اڃا ديوارِ، مِلون يا نه مِلون!
ڪيئن چئجي اسان ٻيهار مِلون يا نه ملون!
——–
رات جو ريت کي جنهن وقت اُڏائي ٿي هوا،
ٿا سندءِ روپ جيان چنڊ سِتارا ٽمڪن.
تو بِنا تيرَ جيان ڄڻ پئي گهائي ٿِي هَوا
تُنهنجي خوشبوءَ ۾ سڄي رات سمائي ٿِي هَوا
تُنهنجا رابيل پَٽي ڄڻ ته پَسائي ٿي هَوا،
گڏُ پَل جي به گُذاريا ٿا اُهي رم جهم ڪَن
ٿي اچي سارَ سَندءِ، روز سَتائي ٿي هوا
رات جو ريت کي جنهن وقت اُڏائي ٿي هوا.
——–
ڏات توکي نه ڏني آهه خُدا، مان ڇا ڪيان!
چَنڊُ ڪِشتي نه جَهليندءِ، تون ڀلي سَڏ اُن کي!
ڪو پيام آندو نه تولاءِ صَبا، مان ڇا ڪيان!
گُل سِبي نانهه اگر تنهنجي قِبا، مان ڇا ڪيان!
نه شفق ئي ڏني تولاءِ صدا، مان ڇا ڪيان!
نه اُها گُل پَٽي ڏيندءِ، تون ڀلي سڏ اُن کي!
شعر مون لاءِ اگر پاڻَ ڇڻيا، مان ڇا ڪيان!
ڏات توکي نه ڏِني آهه خدا، مان ڇا ڪيان!
——–
تو ڪَٺا ڪوڏَ ڪَنڌيءَ تي جي ڪَيا، ڇا ٿي پيو!
تون به شاعر آن مگر شعر ته ٻي شيءِ آهي.
ڪوڏَ ۾ سَمنڊ جو آواز ٻُڌو آهي تو؟
شعر ڪهڙو جي منجهس سَمنڊُ نه سارو ڇُلڪيو!
شعر تولاءِ اِئين آهه جِئين رانديڪو،
سَمنڊَ ۾ گُتّ نه ڏيندين تون اهو طئي آهي،
تون رڳو ٻارَ جيان راندِ رچائين ويٺو،
تون ڪَٺا ڪوڏَ ڪنڌيءَ تي جي ڪَيا، ڇا ٿي پيو!
——–
گُل سَرءُ واءُ ۾ ڪنهن وقت ڇَڻي وڃڻو آ،
آءُ سُرهاڻ کي پَڪڙيون، تون ڇڏي ڏي گُل کي!
گُل گهڙيون چارِ، هوا مَنجهه لُڏي وڃڻو آ،
هو اُترڙي ۾ پرين پار هلي وڃڻو آ.
ڇا تون سمجهين ٿو ته هو توکان پُڇي وڃڻو آ؟
شعر ۾ تون رکين سُرهاڻ کي جيڪر سانڍي!
هُن جيان شعر ته تُنهنجو نه مَري وڃڻو آ،
گُل سَرءُ واءُ ۾ ڪنهن وقت ڇَڻِي وڃڻو آ.
——–
زندگي چڻنگ جيان نيٺ وِسامي ويندي.
چڻنگ جي لاءِ جياپو ته گهڙي پَل آهي!
هوءَ ستارو ته نه آ جو سدا جهل مل ٿيندي!
سِجّ جِئن نانهه، گهڻو وقت حرارت ڏيندي؟
کُڙ کٻيتي جان اُجهامي، وَرِي اُڀري ايندي،
ڄاڻَ اِن جي به اڃا تائين ته ڪنهن کي ناهي!
پر مڃي دل ته نه ٿِي بس اِئين کامي ويندي!
زندگي چڻنگ جيان نيٺ وِسامي ويندي!
——–
چَنڊ! رابيل ڀري رات نه رهڻي آهي.
ڇو نه ڄاتوم ته ڪنهن وقت جواني ويندي!
ڇا ڪندو هيءُ ڇَپَرُ ڇانوَ ته لهڻي آهي،
ڇو نه پاتوم ندي ڪيترو ڪَهڻي آهي!
نيٺ هي ناوَ ڪڏهن پارِ اُسهڻي آهي،
ڇو نه تاتيوم ته ڪيڏانهن رواني ويندي؟
ڪيترو سانت پَريان سَمنڊَ  سُمهڻي آهي!
چَنڊَ! رابيل ڀري رات نه رهڻي آهي.
——–
چَنڊ جي ڪَڍّ نه پَؤ، چنڊُ نه ڪنهن جو ٿيندو،
ڪو مسافر نه ڪَرِين يارُ ته بهتر آهي.
گُل نه پٽجانءِ ڪڏهن، ڇَڏ پيو خوشبو ڏيندو!
ڪوڙڪيون اَڏِ نه، ڇڏي ڏينس، تِترُ ٻوليندو،
ڪيئن چئجي ته ڪِٿي مينهُن گهٽائون ٿيندو،
مون ڪَنان جي نه پڇين پارُ ته بهتر آهي؛
ڪيئن چئجي ته اڳيان ڇاهي، اڳيان ڇا ايندو!
چَنڊ جي ڪَڍّ نه پَؤ، چنڊُ نه ڪنهن جو ٿيندو.
——–
مور گهنگهور گهٽائن کان جدا ٿيو آهي؟
تون متان سمجهين ته مون کان تون وَئِي آن وسري!
رقص هن جو نه صدائن کان جدا ٿيو آهي،
عشق ڪنهن وقت وفائن کان جدا ٿيو آهي؟
جئن بَسيرو نه سَرائن کان جدا ٿيو آهي
سارَ تُنهنجي کان سوا نانهه گهَڙي ڪا گذري،
ڪو ئي گذريءَ جي غفائن کان جدا ٿيو آهي؟
مور گهنگهور گهٽائن کان جدا ٿيو آهي؟
——–
جي وِساريان به ته وِسرن نه ٿيون تنهنجون باتيون
ڪيترا سال ڪيون روح  رهاڻيون تو سان!
تون هئينءَ ڪير؟ اکيون ڇو هُيون تو لئه آتيون؟
جيئن گُل مهر مٿان چنڊَ وِڌيون ٿي جهاتيون،
اِيئن تو ساڻ گذاريون مون چُميندي راتيون،
راهه تي ڇا نه چِٽيُون چاندنيون ماڻيون تو سان!
ٿيون اچن ياد ڪِئي باکَ  ڀِنيون برساتيون،
جي وِساريان به ته وِسرن نه ٿيون تنهنجون باتيون.
——–
ڪلهه ڇڏي چَنگَ چَڙا آنءُ ڏٺو ٿي توکي،
تون جدا نانهه مِلان يا نه مِلان مان توسان!
ڪا خبر ناهه ته ڇا چَنڊَ چيو ٿي توکي!
هيءُ ڄاڻان ته وَري سِيرَ سڏيو ٿي توکي،
هي به ڄاڻان ته پِرينءَ پار ڇڪيو ٿي توکي؛
مون ٻُڌا سَڏّ، ٻُڏان يا نه ٻُڏان مان توسان؟
تون ٻُڏي وئينءَ ته رڳو چنڊَ چميو ٿي توکي
ڪلهه ڇڏي چَنگَ چَڙا آنءُ ڏٺو ٿي توکي.
——–
گڊَ ڇرڪن ٿا ته هي نِنڊَ نِهوڙي نيندِي،
چَنڊُ جنهن وقت پَهاڙن تي وجهي ٿو پاڇو.
نِنڊَ درياهه، اَچي ويئي ته ٻوڙي ويندي
راتِ جي آرسي ٽوڙي ڪائي گولي ايندي
جي سڄو وقت پَئي جاڳَ ڇلانگُون ڏيندي
پو شڪارين جو مَٿانئس نه ڪو پوندو پاڇو
ڪنهن چيو آهه ته آ ننڊ ندوري ٿيندي؟
گڊَ ڇرڪن ٿا ته هي نِنڊَ نِهوڙي نيندِي.
——–
هي سَرءُ واءُ وکيڙي ٿي ڪَڪا پَن ڪيڏا!
گُل ڇَڻي ويا ته نظر ڪو نه اچن ٿا پوپَٽَ.
ڪالهه خوشبوءَ ۾ پيا رنگَ اُڏامَن ڪيڏا!
ڪالهه سانوَڻ هُيو، سانواڻِ ٿِيا بَن ڪيڏا!
تو نَوان نينهن ڪَيا، ڪالهه ڪُڏي مَن ڪيڏا!
اڄ نديءَ نانهه رَواني، نه اُهي گهيڙَ نه گهَٽ!
ڪالهه جِئن چَپّ چُمي، مُنهن ٿياوَن ون ڪيڏا!
هي سَرءُ واءُ وکيڙي ٿي ڪَڪا پَن ڪيڏا!
——–
هر مُسرّت کان اِئين دُور رهان مان ڪيسين؟
چَنڊ نَدّيءَ ۾ رهي، دُور رهي جئن اُنَ کان!
هر محبّت جا رڳو درد سَهان مان ڪيسين؟
نه کُٽن لَڪّ ڪِٿي، نيٺ ڪهان مان ڪيسين؟
نِير نيڻان جي وهايان ته اڃان مان ڪيسين؟
چَنڊ جا لُڙڪ ته ڏس، ڪئن نه وَهن ٿا اُن مان
آنءُ آهيان ته سهين، پو به نه هان مان ڪيسين؟
هر مسرت کان اِئين دور رهان مان ڪيسين؟
——–
زندگي رات جيان نيٺ وِهامي ويندي
خواب ۾ خواب هُئي ڄڻ ته محبّت تُنهنجي.
صبح جو پَهرو رهِي ماڪ اُڏامي ويندي
سِج  لالاڻ انڌيري ۾ اُجهامي ويندي،
ظاهري اِيئن لڳو شمع وسامي ويندِي
تا اَبد آهه اِهو رنج نه راحت تُنهنجي،
ڀَؤ نه ڪر، ڇو ته اِها وَٽِّ نه کامي ويندي
زندگي راتِ جيان نيٺ وهامي ويندي.
——–
تو بِنان نيڻَ  چُئا ڪَن کي سِتارا ٿا چُمَن
تو بنان وائرو ٿڦڪيون ٿو ڏئي ڄَڻ ڳل کي!
مَن به تو لاءِ ٿو تانگهي، نه اَچي چئن هَٿَن،
تون اچين جي ته املتاسَ خوشيءَ ۾ جهومَن،
۽ ڀنڀرڪي جي ڀِنيءَ ماڪ ۾ رابيل ٽِڙَن،
ٿي چَوي ڄَڻ ته پرَهه  هيِر ٿَڌا ساهه ڀَري
”اڄ پرين پير ڀَري، شالَ ڪري ڀال اچن!“
تو بِنان نيڻَ  چُئاڪَن کي سِتارا ٿا چُمَن.
——–
دل چوي ٿي ته ڪڏهن واءُ وري وَرڻو آ
دل چوي ٿي ته سدا ماڻهپو مرڻو ناهي،
دل چوي ٿي ته وَري هيءُ سفر ڪرڻو آ
۽ انهيءَ لاءِ کليٿو به وَري ڀَرڻو آ،
يا رَمِي راهَه، ڪٿي دَڳّ مَٿي مرڻو آ؟
جو لکيو آهه اُهو ڪيئن به ٽرڻو ناهي،
ڀل هجن جيترا هاتارَ، نه پَر ڏَرڻو آ
دل چوي ٿي ته ڪڏهن واءُ وري وَرڻو آ.
——–
تون اچين جي ته سندم ٻانهون ٽڙي ٽاريون ڪَن
تو بنان آءُ لڳان سِيءَ ۾ ٿوهر وانگر،
تو بنان چَنڊَ منجهان چِيرَ، تِکيون آريون ڪَن؛
هي پرهَ هير، پَنوهاريون ٿيون پيون ساريون ڪَن،
جئن جُهڪن ٿيون ته گهگهن منجهه پيون ڏاريون ڪَن!
۽ اُٿن ٿيون ته ڪَڪَر  ڪورَ سندن ڪَر وانگر!
ٿيون جُهڙالين ۾ جِئين، يادِ پيون ياريون ڪَن
تون اَچين جي ته سندم ٻانهون ٽِڙي ٽاريون ڪَن.
——–
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت چَوي موتُ ته ”هلُ“
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت سوارِي آڻي!
ها، اِها ڄاڻَ اٿم، موت سفر آهه اَٽل،
دور لوڙهي ٿي وڃي ڪا ئي اَچي لَهر اجَهلُ،
آ غنيمت ته حياتيءَ کي مليو آ ٻيو پَلُ،
ڪوڙڪِي، ڪيرُ چَوي، ڪيئن ٿو مارِي آڻي!
تيستائين ته ڏئي ڇالَ ڀِٽُن ڀالَ نه ڀُلُ!
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت چَوي موتُ ته ”هَلُ“
——–
تون اچين ٿي ته سندم چَئن کسين ٿي مون کان!
تون وَئين آنهه ته موٽِي نه وَري تون اَچجانءِ!
تو سَوا گُل ته اُئين ئِي آ گلابي تو جان!
تون به اِئن ڀانءِ ته خوشبو به هلي وئي تو سان!
مورَ جا کَنڀَ کِڙن اڄ به پيا پَل پَل مان،
زندگي قوسِ قزح آهه، نه ٻيهر نچجانءِ!
تون ته هڪ رنگ هُئين، سنگِ هُئين جان جانان،
تون اچين ٿي ته سندم چَئن کسين ٿي مون کان!
——–
واءُ ۾ گُل ڇَڻي درياه ۾ ترندو ويندو.
ڪير چَوَندو ته ڪڏهن هُو به هُيو ٽاريءَ ۾؟
واءُ جو گيت پيو سير ۾ ٻُرندو ويندو،
شام ٿيندي، ته شفق ڏانهن اُڪرندو ويندو،
رات ٿيندي ته ستارن ڏي اُڏرندو ويندو
چِڻنگَ اَٽڪي نه پئِي رات ڪڏهن ڪاريءَ ۾؛
چنڊَ سان پو به سندس ساٿ وِسرندو ويندو.
واءُ ۾ گُل ڇَڻي درياه ۾ ترندو ويندو.
——–
ڄام شوري جي هوائن ۾ تون،
هِي نما شام، نديءَ ۾ سورج!
ڄڻ ته گُل مَهَر فضائن ۾ تون!
سَروَ جهوميا ته ادائن ۾ تون،
۽ پَرندن جي صدائن ۾ تون!
هي اَملتاس جِيان توتي گج!
ڇو ڇپي آنهه گهٽائن ۾ تون؟
ڄام شوري جي هوائن ۾ تون.
——–
راتِ جو رند خِرابات ۾ جهُومَن بيٺا.
جامَ تي جامُ ڀري ڏين پيا هر ڪنهن کي.
رات گُذري وَئي، پرڀات سان اُڀرن بيٺا
سِجَ کي اوتَ وِجهي، جَامَ اُڀا ڪَن بيٺا
ٿا جُهڪي هيٺِ ڏسن، وَڻ به پِياڪَن بيٺا،
هي وِلايت ته ملي نانهه اڳي جَنهن تَنهن کي
پَلَ ۾ ڄڻ ته صدين مان اُهي گُذرن بيٺا!
راتِ رِند خرابات ۾ جهُومن بيٺا.
——–
زندگي غور سان ڏسجي ته رُڳو خواب آهي.
خواب سچّو لڳي، ساري حقيقت ڪُوڙي!
اِئن رَوان آهه جِئين آبَ ۾ مهتاب آهي!
ٿو فسانو نه کُٽي باب پٺيان باب آهي!
سِج آ سج پٺيان، تاب مٿان تاب آهي!
ٿورڙو سوچ ته آ سارِي حَرارت ڪُوڙي!
موت کان پوءِ سڄو تاب به ناياب آهي،
زندگي غور سان ڏِسجي ته رُڳو خواب آهي.
——–
آءٌ دارا سان ملاقات ڪٿي ٿي ويندي!
آءٌ ماضيءَ ۾ ڦري آءُ ٻه ٽي ڏينهن ڪَڏهن!
ڇا پَسايانءِ اُهو ڪَنڌُ ڪپيو آهي ڪَنهن؟
موتَ کي تخت پُٺيان ڪنهن به ڏٺو نانهه جڏهن،
ٿو ڪَري ڪِيسَ، سَتائيس ستم ٿو نه تڏهن،
موت ايندو ته عَيان باتِ ڪڏهن ٿي ويندي،
آءُ دارا سان ملاقات ڪڏهن ٿي ويندي.
——–
اي ميان! ڏاتِ خرابات مٿان واري ڇڏ!
تون مَٿو اِئين کڻين، جيئن کڻي ڪو ساغَر!
اي ميان! اهلِ سياست کي پريان ٽاري ڇَڏ!
ڏاتِ سان دين مذاهب به سَڀئي ڏاري ڇڏ!
ساهَه ۾ سَپّ اٿي، ڳولِ، اُهي ماري ڇَڏ!
تون کَٿو اِيئن کَڻين، جِيئن ڇڏي ڪوئي تَر!
منزلون دُور اٿي، پير نه اِئن ٺاري ڇڏ!
اي ميان! ڏات خرابات مٿان واري ڇَڏ!
——–
رات سان رُوح نه وِندراءِ، اِجهو باک ڦُٽي،
لاک لوئيءَ تي هنئين آهه، اُفق ڄڻ تولاءِ!
ها، اِجهو رات کُٽي، رات کُٽي، رات کُٽي،
ها، اِجهو ننڊَ ٽُٽي، ننڊَ ٽُٽي، ننڊ ٽُٽي،
ٿا وڄن گهنڊَ سوَين، سُڻ ته سَهين، سانت ڇُٽي،
چوطرف ڄڻ ته پيو گونججي ڪارَڻ تو لاءِ
هيل تائين ته سندءِ ڪَنٺَ پَئي ڪُوڪَ گهُٽي،
رات سان رُوح نه وِندراءِ، اِجهو باک ڦُٽي.
——–
قافلا واٽَ وٺي، سَنکَ وڄائن ٿا پيا.
هي نئين راهه، خبر ناهه، ڪٿي کُٽڻي آ!
هو اڳين واٽ ڇڏي، وِکّ وڌائن ٿا پيا
ٿي اِجها باکَ ڦُٽي، آس لڳائن ٿا پيا
گيتُ تي گيتُ چَئِي، پاڻ ڀُلائن ٿا پيا
راهه کي زادِ سفر نانهه، ڪٿي کُٽڻي آ؟
بس، پَٽيُون پيٽَ ٻڌِي، پَنڌُ پڄائن ٿا پيا
قافلا  واٽَ وٺي، سَنک وڄائن ٿا پيا.
——–
ڇو اِئين پيار حياتيءَ سان ڇَڏائي ويئينءَ؟
چنڊ سان ڳالهڙيون ڪو نه ڪريان ٿو هاڻي!
ڇو اِئين هٿّ ڏَئِي، پوءِ هَٽائي ويئينءَ؟
رُتِ رابيل جي ڪيڏانهن اَلائي ويئينءَ؟
مُرڪ مُگري جيان ڇا لاءِ ڇپائي ويئينءَ؟
هِير جِئن آئي هُئينءَ ڪيئن ڀُلِي مون ڀاڻي؟
لُونءَ ۾ منهنجي لگن ڇو اِئين لائي ويئينءَ؟
ڇو اِئين پيار حياتيءَ سان ڇڏائي ويئينءَ؟
——–
پُٽ تُنهنجا ته نه آهن، هُو پراوا آهن،
هَڏ جِن جا ڀڃي، ڌُوڻِي هي دُکائي آ تو!
چاندني رات ۾ هنگلاج ڏي نڪتا آهن،
وَر وَڪڙ واٽَ، اُنهيءَ ۾ ڪئِي دوکا آهن،
ٿي مَٿان وَلهه وسي، مَچّ وِساڻا آهن،
ٻار ٻارَڻُ ڪري هِي آگَ جلائي آ تو!
ٿو ٻري ماسُ، منجهس جيئرا شعلا آهن
پُٽ تُنهنجا ته نه آهن، هو پراوا آهن!
——–
ڦهلندي چنڊ جيان ڏاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
ڪنهن نه ڄاتو ته اِئين موتَ کي شهه ڏَئِي ويندين!
زيرِ بحث آهَه اَڃان ذاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي
موت کان پوءِ ڪندا تاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي
ٿو ٻُڌان آنءُ برهه  باتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
ڪنهن نه ڄاتو ته اَمر ٻولَ سوين چَئي ويندين!
شاعري ڄڻ ته آ برسات ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
ڦهلندي چنڊ جيان ڏاتِ ڏَسان ڏَس تُنهنجي!
——–
آرزو ڪا به رَهِي نانهه، هتي جا روڪي،
اوچتو اوچتو ڪنهن وقت مَرِي وينداسين،
ڇا ڪيو آهِه اوهان ڪير اسان کي ٽوڪي؟
ويا کُٽي کوهَه، چُڪي ڪا نه ڇڏي ڪا ٻوڪي،
هيترا شعر ڏٺا حصّي ۾ ڪنهنجي توڪي؟
آهيون مهمان هتان نيٺ ٽري وينداسين
ڪو سبب نانهه، گهڙيون ٻيون به وڌايون جوڪي!
آرزو ڪا به رهي نانهه هتي جا روڪي.
——–
چَنڊُ اڄ راتِ به ڪلهه جيئَن پيو هيٺِ تَڪي،
آهه حيرانُ ته ڪيڏانهن ويا هُو آخر!
کَٽ تي ڪو به نظر ڪو نه اچي ٿو هن کي،
نِنڊَ ۾ ڪو به نه آ، پيئي ڏکڻ  هِيرَ گُهلي،
ڪالهه جئن جنهن ۾ پَئي راتِ جي راڻي ڦَهلي،
آ پريشانُ ته ڪيڏانهن ويا هُو آخر!
باک ٿي آهه، ٿَڪو آهه گهٽائون ڳولي،
چَنڊُ اڄ رات به ڪلهه جيئَن پيو هيٺِ تڪي!
——–
وارَ ڇوڙِين ته گهٽائن کي ٻُڌائيندي ڪَرِ!
جي اُهي اُڀّ تي ڇانيون ته انڌيرو ٿيندو.
ڪَنڌَ تي اِيئن وَسيهر نه جهُلائيندي ڪَر!
رات جي بات ته ٻي آهه، اِئين ايندي ڪر!
اوچتو چَنڊَ جيان ڏِکّ ڪڏهن ڏيندي ڪر!
دُور رهندينءَ اگر پيار گهڻيرو ٿيندو،
هي ڀَلو آهه ته ڪُجهه وقت ڀُلائيندي ڪر!
وارَ ڇوڙِين ته گهٽائن کي ٻُڌائيندي ڪَر!
——–
مان سندءِ سُونهن کان انِڪار ڀَلا ڪيئن ڪَيان!
عشق اقرار سوا اِيئَن به افشا ٿي ٿو.
آنءُ توساڻ اکيون چار اَلا ڪيئن ڪيان!
نيٺ وَلهارَ ٿيا ساهَه  سَلا، ڪيئن ڪيان!
تو اچين جي ته تڏهن، بند ڳلا ڪيئن ڪيان!
شام جو عشق سَوين رنگَ شفق جاٿي ٿو
زندگي آهه ڪَلاڪارَ  ڪَلا، ڪيئن ڪيان!
مان سندءِ سُونهن کان اِنڪار ڀَلا ڪيئن ڪَيان!


——–
گُل سَرءُ واءُ پئي روزُ اُنهيءَ جا ڇاڻي،
موڪلاڻِي ٿي ڪري ڄَڻ ته سِرنهن جي خوشبو!
اَرٽُ ڪوئي به رَهيو نانھ اَڱڻ ۾ هاڻي،
ڪا ڪَتڻِ ڪاڻِ رَهِي آهه نه مُنهنجي ڀاڻي،
ڪيئي ڪا پائتيون آهن ويون سانجهيءَ ٽاڻي،
ڪا ورونُهَڻِ نه رَهِي ۽ نه وِرنهَن جي خوشبو؛
ڪيستائين ڪو اڪيلائي کي پنهنجي ماڻي
گُل سَرءُ واءُ پَئي روز اُنهي جا ڇاڻي.
——–
پَرو پَيو نه سندءِ، آسَ مون پَلِي آهي،
اَچِين نه اَچِين، رات ته گذري ويندِي!
کُٽي ڪِٿي به نه ٿي هيکلي گلي آهي،
ائين ته راهه مَٿان چاندني ڀَلي آهي،
ٻه ٽي گهڙيون ته سندس واڳَ مون جَهلي آهي
اَچين، اچين نه اچين، ڏاتِ ته گُذري ويندي،
پتو نه آھ ته ڪنهن وقت کان هَلي آهي!
پَرو پَيو نه سندءِ آس مون پَلي آهي!

—-

ڪَڏهن ته آءُ  اڃا انتظار آهيان مان
ٻُڏي ٿو سِجّ، سُنهري ندي وهي ٿي پَئي،
شرابِ شام، سراپا خمار آهيان مان
وَڃي وَيو نه اَڃان جو بَهار آهيان مان،
اَڃان ته ويرَ چَڙهي ٿي، اُڀارُ آهيان مان
ڏَئي ڇلانگَ، ندي سمنڊ ڏي ڪَهي ٿي پَئي،
انهيءَ ۾ چَنڊَ ڇُلين جي ته پيار آهيان مان
ڪڏهن ته آءُ، اڃان انتظار آهيان مان
——–
اجنبي گيتَ پُر اسرار ڪشش وارا ها،
اجنبي گيت ڪٿي دُور ڌڪي ويا مونکي!
اجنبي گيت فقط سُر جي سِڌِي ڌارا ها
سَمجھ ۾ ٻول ته آيا نه مگر پيارا ها،
نينهن جا گيت نوان ڪو نه هُيا، نِيارا ها،
ٻهڳڻيون ڳائِڻيون جِن ڏانهن ڇِڪي ويا مونکي
گجّ تن کي نه هُيا ڄڻ ته گگن تارا ها!
اجنبي گيتَ پُر اِسرار ڪشش وارا ها.
——–
اجنبي رات اَڃا تائين رُلائي پيئي
اجنبي ساز پکيءَ جيئَن ٿي پرواز ڪَيا!
پيار جي سارَ اڃا تائين سَتائي پيئي
تو بنا چَئن نه آ، پو به لنوائي پيئي
اي پرين! وَسّ ڪري توکي ڀُلائي پيئي،
چارَ پل، توسان جي گذريا، اهي ڪيڏانهن وَيا!
ڏاتِ کي ڏينهن ٿيا جو اُها ڳائي پيئي،
اجنبي راتِ اڃا تائين رُلائي پيئي.
——–
تون اَچين يا نه اَچِين، وقت ته گذري ٿو وڃين،
تو سوا اڄ به ٻَٻُرَ ٻور ڪيو آ ٻيهر
ڪو بِرَهه نانھ مگر جِيءُ بهلجي ٿو وڃي،
شمع ٻُجهندي به ته ڇا، وقت وهامي ٿو وڃي
ٿي کُٽي رات، وَري سِج ته اُڀري ٿو وڃي
تو سوا صبح وَري نُور ڪَيو آ ٻيهَر
ٿورڙي دير رُڳو سِجّ اُجهامي ٿو وڃي،
تون اَچين يا نه اچين، وقت ته گُذري ٿو وڃي.
——–
مان اَسُر وير اُٿي توکي پيو ٿو ساريان،
چَنڊُ آڪاش  سمندر ۾ ٻُڏي ويو آهي 
سارَ جي سِير تِکي، مان پيو تَرهو تاريان،
هُو ڪَڪَر ڪاڪِ مَٿان، ڄڻ پيو چانگو چاريان!
آ اڃان پَنڌ پَري، پيرَ ڪٿي ٿو ٺاريان؟
عمر گذري وئي، ڪجهه وقت مگر پيو آهي،
آ اڃا وَجهّه، اگر چاهيان ته ڪجهه هاڪاريان!
مان اَسُر ويرَ اُٿي، توکي پيو ٿو ساريان!
——–
ماڪَ جنهن وقت گُلابن تان ڇَڻِي ويندي آ
ڄاڻندو ڪو به نه آهي اُها ڪيڏانهن وَئي!
باکَ جنهن وقت به نيڻن کي وَڻي ويندي آ
ماڪَ تِنهن وقت گُلابن تان ڇَڻِي ويندي آ
پَر اُها پاڻَ سان خوشبو نه کڻي ويندي آ
ٿِي پُڇي ڄڻ پَئي خوشبو، ’ڀلا ڪيڏانهن وَئي‘؟
ماڪَ جا رات جي لُڙڪن مان ڄَڻي ويندي آ
ماڪَ جنهن وقت گُلابن تان ڇَڻي ويندي آ
——–
تِرمِرائي ٿي پئي راتِ، ڪٿي آهين تون؟
جَڻ سِتارا ٿا سَوين ڳالهڙيون تنهنجون ڪَن!
ٿِي اڳي جِئن پَئي برسات، ڪٿي آهين تون؟
اي سندم تانگھ، سندم، تاتِ، ڪٿي آهين تون؟
تو سوا ڏاتِ نه آ ڏاتِ، ڪٿي آهين تون؟
واءُ مان ڄڻ ته ٿَڌا ساهه پيا سِيرُون ڪَن
موت کان مان نه مڃان ماتِ، ڪٿي آهين تون؟
تِر مِرائي ٿي پَئي راتِ، ڪٿي آهين تون؟
——–
تون اگر چاهين، گهڙي هڪ نه وڌائي سگهندين!
۽ اگر چاهين گهڙي هڪ به نه گهٽجي سگهندي!
ڇا سمندَر ۾ ڪڏهن چنڊُ سمائي سگهندين؟
چَنڊُ آڪاس جو آهي تون نه پائي سگهندين؟
وَنجهه تو چَنڊَ  نگر ڏانهن هلائي سگهندين؟
نه پُڄي ناوَ ڀَلي، راتِ ته ڪَٽجي سگهندي،
ناکُئا! ناوَ ته ڪنڌيءَ نه پُڄائي سگهندين!
تون اگر چاهين گهڙي هڪ نه وڌائي سگهندين!
——–
دِل نه وِندراءِ، ٻي طرح مُنهنجا پرين!
دَرد جي راتِ آ، دَرد جي ڳالهه ڪر!
ڇو نه اڄ رات ٿو درد جا گيت ٿين؟
ماتِ جي راتِ جو اَشڪ منهنجا اُگهين؟
قهقها ايترا؟ تون ته بيٺو کِلين؟
رَنگَ؟ هڪ رنگَ جي، زَرد جي ڳالهه ڪر!
آءٌ ڀورا ته آهيان، اڃا ٿو ڀڃين!
دِل نه وندراءِ ٻي طرح مُنهنجا پرين!
——–
جام غمخوار ٿيندو نه آهي ڪڏهن،
جام سان هوش رهندو نه، سَچ ٿو چوين!
ڇا چَيُئه يار ڪوئي به ناهي ڪڏهن،
روح سان رنجُ جيڪو وِراهي ڪڏهن،
ڌير دِل کي ڏئي، ٺاههَ ٺاهي ڪڏهن
ڪو به اَهڙو اُسهندو نه، سچ ٿو چوين،
اوچتو جو چڱيءَ لاءِ چاهي ڪڏهن؛
جام غمخوار ٿيندو نه آهي ڪڏهن!
——–
چَنڊ جو روپ ڌاري اچين ٿي پئي.
وقت درياھ وانگر وَهي ٿو پيو!
آنءُ ساريان ته ساري اَچين ٿِي پَئي،
نينهن سان تون نِهاري اَچين ٿِي پَئي
پر ڪٿي رات گهاري اچين ٿِي پَئي
گَجّ ڪيڏو نه توتي ٺهي ٿو پيو!
وارَ ڪنهن لَئه سَنواري اچين ٿي پئي؟
چَنڊ جو روپ ڌاري اچين ٿي پئي.
——–
ڪو به انسان تقدير ٿيندو نه آ،
تون نه هوندينءَ ته ٻي ڪا محبّت ڪندي.
پيارُ اڳواٽ سوچي، سڏيندو نه آ،
پر سبب کان سوا دل ڇڪيندو نه آ!
جي وڃڻ تي اچي هُو مڃيندو نه آ،
عاشقي آھ  وِرلي قيامت ڪندي
جيڪڏهن ڪنهن سَوا ڌِير ايندو نه آ!
ڪو به انسان تقدير ٿيندو نه آ.
——–
ٿا لُڏن ڪارا ڄمون، جيڪي پيا هيڙها ٽُڪِن،
اوچتو برسات جو بوندون وڻن تي ٿيون وَسَن.
لوءِ کي لهسائِيو هو هيل چوڌاري لُڪَن،
تاسَ ڄڻ پنهنجي ٻُجهائي ڪا نه ٿي پاڻيءَ ٻُڪن!
لُوهَه ايڏِي جو اَواڙي مالَ ٿا هَر هَر دُڪن!
اوچتو ئي اوچتو ٿا اُڀَ مان سانوَڻ سِمن،
اوڙڪون ٿي آءُ! ڪيسين هر طرف جَر ٿَر سُڪن؟
ٿا لُڏن ڪارا ڄَمون، جيڪي پيا هيڙها ٽُڪن.
——–
روز ويندو نه ڪَر يارَ جي پارَ ڏي
روزُ تَنهن ڏي وڃِي پيارُ گهٽجي متان!
دورُ تان تون نِهارين اگر يارَ ڏي،
۽ ڏِسين ٿورڙو سُونهنَ  سنسارَ ڏي،
جِئن وَري ڪا گهڙي واءُ وَلهارَ ڏي.
ٿِي نه گُستاخ تون ايترو عشق سان!
دورُ تان ڏِس، چڱو ٿي ته دلدارَ ڏي،
روزُ وِيندو نه ڪَر، پيارَ جي پارَ ڏي.
——–
رِڻ ٻري ٿو پَيو، وِکَ کي ڪَر ڍَرو،
رات برساتِ جي دُور آهي اَڃان!
رُڃّ ۾ ڪنهن ٽُٻي ڏئي، لڌو آ تَرو؟
واتُ واريءَ ڪَيو آ رڳو ڪَر ڪَرو!
رُڃّ مان اُڃّ ڪنهن آ اُجهائي ميان!
سڀ اُڃارا چون ٿا ته پُٺ تي وَرو!
رِڻ ٻري ٿو پيو، وِکَ کي ڪَرِ ڍَرو!
——–
بهتر آهي ته تون ڏينهن ٺاري وَڃين،
اُسّ ۾ ڪانوَ جِي اَکّ نڪري پئي!
نِمُ جي ڇانوَ ۾ پهر گهاري وڃين!
۽ وڃين جي ته تون ڪنهن سَهاري وَڃين،
ڪو وَٺِي واهُه، اُن جي ڪِناري وڃين
نانهن آرهڙ اُٺو، رُتِ کائي پئي،
آهه ڪيڏي تپت، جنهن جي به چاري وڃين!
بهتر آهي ته تون ڏينهن ٺاري وَڃين.
——–
نيٺِ اوٺارَ پَسائِن پيا جهاٻا جُهوڙا
باکَ جِي ساکَ رَکي يارَ اچي ويا پَنهنجا.
مُنهن مَنهَن منجھ لِڪائن پيا ڪُرٽا ڪُوڙا!
چَنڊَ جِئن مُرڪَ ڇپائي نه سگهيا ويسوڙا،
ايتري جوتِ، لڳي ٿو ته ٻَرن ٿا ٻُوڙا!
پاکِڙا، چَنڊَ  چِمتِڪار اچي ويا پَنهنجا
مونگهڙن وَٽّ سُڳنڌون ٿيا جيڏِين جُوڙا!
نيٺِ اوٺارَ پَسائِن پيا جهاٻا جُهوڙا!
——–
ڪيئن چئجي ڪيرِ؟ پاڇا ٿا اَچَن
هِيرَ ۾ ڪا ڳالهڙي پيئي هَلي؛
رُتِ ۾ رابيل ڇا ڇا ٿا اَچن!
ڪيئن چئجي ڪير؟ پاڇا ٿا اچن.
ٿي اڱڻ ۾ چاندني توڙي آلي،
آ سِرنهن خاموش، خوشبو ٿِي سَلي
وارَ کولي ڳُجهَه ۾ پنهنجي ڳلي،
هُو کٿورِيءَ جِئن اَلا ڇا ٿا اَچن!
——–
هيءُ هَرڻيءَ کان ٻَچو ڇو ٿو ڦُرين؟
ڏس، وَليون توکي ميارُون ٿيون ڏِيَن.
چاندنيءَ کان اولڙو ڇو ٿو ڦُرين؟
سڀ ڳليون توکي ميارون ٿيون ڏين.
ريتِ کان تون پيچرو ڇو ٿو ڦرين؟
هيءُ هرڻيءَ کان ٻَچو ڇو ٿو ڦُرين؟
——–
رات جي برسات ۾ ايندي نه ڪر!
جيڪڏهن تُنهنجي ڀِڄي چولي پَوي!
جيءَ مان مُنهنجي ڇُلي ڇولي پَوي!
هَٿُ ٿِي تولاءِ پاٽولي پَوي!
مينهن واريءَ رات ۾ ايندي نه ڪر!
رات جي برسات ۾ ايندي نه ڪَر!
——–
ڪلھ جِيان مون تي سِتارا ٿا ٻَرَن،
تو بنا پَر راتڙي ساڳي نه آ،
زندگانيءَ جا سهارا ٿا ٻَرَن،
پيارَ ۾ ڪيڏا نه پيارا ٿا ٻَرَن!
تو جيان نيڻين  نهارا ٿا ٻَرَن،
تو بنا پَر زندگي ساڳِي نه آ!
ڪلھ جيان مون تي سِتارا ٿا ٻَرَن
پَر لڳي ٿو روشني ساڳي نه آ!
——–
ڌر تتيءَ جي تاوَ ۾ ڪجهه وقت ڪائي ننڊَ ڪر!
ٿي ٻَري وارِي، پيا ڪُونڀٽ جَلن
ٿو ڏِسان جيڏانهن ٿا سڀ گهَٽ جلن
ٿا ڇِڊا تُنهنجي مٿان سَڀ ڇَٽ جلن
مان چَوان ٿو راهه اڳتي آ اَڻائي ننڊَ ڪَر!
مان مڃان ٿو ڇانوَ ۾ آهي ڇڊائي، ننڊَ ڪرَ!
ڌرتيءَ جي تاوَ ۾ ڪجهه وقت ڪائي ننڊَ ڪر!
——–
ڇا چوان! ڇو پيارُ توسان ٿي وَيو
ڪِئنَ چوان ڇا ڳالهه تو ۾ مون وَڻي؟
سُونهن هي سنسار تو سان ٿي ويو،
دڳ گُل و گُلزار توسان ٿي وَيو،
چَنڊَ جئن وَنهوار توسان ٿي ويو،
ڄڻ سِتارا ها پِرين تنهنجي پَڻي
ڇا چوان! ڇو پيارُ توسان ٿي وَيو
جو گهُمان توکي اکين ۾ ٿو کڻي؟
——–
*تو منجهه ڏِسان آءٌ پيو جُڳَ جڳانتَر،
تون آءُ، هلي آءُ ته مان تو ۾ نهاريان!
ڪيڏا نه هُيا دُور، اڃا دُور اُهي درَ
جن مَنجِهه پَئي جوت جَلي، واٽَ کُٽاوَر!
جيڪي به هُيون ڪالهه گِهٽيون، گهاٽَ، اُهي گهر
تون آءُ، هلي آءُ، جِئين مان نه وِساريان!
تو لاءِ هُري هانءُ، هلي آءُ نه ٻيهر!
تو منجهه ڏسان آنءُ اُهي جُڳّ جُڳانتَر!
——–
جنهن وَقت وَراڻي نه ڏَنئه، آنءُ هليو ويس،
ڪنهن وقت متان آنءُ اَچان، ٻُوٽ نه تون دَر!
ڪيڏو نه وَتو آنءُ، سندءِ نانءُ، هليو وِيس
توکان نه ملي ڏات نه ڪي ڏانءُ، هليو وِيس
تولاءِ گهڻو وقت هُريو هانءُ، هلي وِيس
اُميد ته آهي ته بَچان، ٻُوٽِ نه تون دَر!
*گهرگهاٽ اُهو نانهه، ڇڏي گانءُ هليو ويس
جنهن وقت وراڻي نه ڏِنئه آنءُ هليو ويس.
——–
مَدّ پيتو آهه ڪنهن ڪنهن ٿانوَ سڀ ڪجهه ياد آهي،
سَال ٿِي ويا گڏ گذاريون جي گهڙيون، سڀ ياد آهن
چَنڊ جو پاڇو، سِرنهن جي ڇانوَ، سڀ ڪُجهه ياد آهي.
 اي پرين! تو ساڻ لُنءِ لنءِ لانوَ، سڀ ڪجهه ياد آهي
هير ۾ جُهولا جُهليا جي هانوَ، سڀ ڪجهه ياد آهي
پَل هُيا موتين جيان، مونکي لَڙيون سڀ ياد آهن،
سَال ٿي وِيا، گڏ گذاريون جي گهڙيون سڀ ياد آهن.
——–
رات جو ڏات کڻي ايندي ڪَر!
جئن ڏياٽيون نه وسامن تون اڳي ايندي ڪَر!
اِئن بِرهه  بات کڻي ايندي ڪَر!
ڄَڻ ته برسات کڻي ايندي ڪَر!
تانگهه ۽ تات کڻي ايندي ڪَر!
نيڻ جيسن نه اُجهامن تون اڳي ايندي ڪَر!
موتَ جي ماتِ کڻي ايندي ڪَر!
راتِ جو ڏاتِ کڻي ايندي ڪَر!
——–
تون نه ايندينءَ اگر راتِ ته گذري ويندي!
راتِ جو چَنڊُ اڳي جيئن ڪَندو چانڊوڪي،
تو بنا نِمّ ڪندي ٻُور اڳي جئن ٻوڪي،
وقت جي واڳَ اڃان ڪنهن به ته ناهي روڪِي!
چَڳّ چَهري تي سندءِ نيٺ ته وِسري ويندي
ڇا اِنهيءَ ڳالهه مٿان سوچيو آهي تو ڪِي؟
تون نه ايندينءَ اگر رات ته گذري ويندي!
——–
رات ڪَٽ  مست ڪُميتن کان پُڇي ٿي پيئي
جئن اُتر واءُ لڳي، ”تيز وڃون ٿا ڪيڏانهن؟“
ڪو نشانو به اَٿوَ تير سڃون ٿا ڪيڏانهن؟
*وِڄُ جي واٽَ وٺي، ڀنڀَ ڀڃون ٿا، ڪيڏانهن؟
گهاتِ ڪَٽ  مست ڪميتن کان پُڇي ٿي پيئي
”ڪجهه وراڻيو ته سهين! ڇو نه مڃون ٿا؟ ڪيڏانهن؟“
ڏاتِ ڪَٽ  مست ڪُميتن کان پُڇي ٿي پيئي.
——–
تون اگر رات رهين، گيتُ اڃا باقي آ
اُڀَ  ڪچنار، ڪَتيون ڪنهن به پٽيون آهن ڪونه!
ٿي ٿِئي وَسّ مٿان، وَڻ به ڇٽيون آهن ڪونه!
وقت جي مست نَدي، گهاٽ گهٽيون آهن ڪونه!
تون جي برسات رهين گيت اڃا باقي آ
ڪنهن به اُستاد پڙهايون هي پٽيون آهن ڪو نه!
تون اگر ڏاتِ رهين، گيت اڃا باقي آ.
——–
روز اڌ رات اُٿي، آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
ڪا ازل منجھ لکيل چِيزَ پڙهان ٿو ڄڻ مان!
ٽاريون آڪاس پڳيون، جنهن جون اهو هان وڻ مان!
ڪوئي تنبورو وَڳو، جنهن جي هُيس تَڻ تَڻ مان!
چؤ ته اي ڏات اُٿي، آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
وَسّ ۾ آنءُ نه هان، هونءَ نه ڄاڻان گهَڻِ مان
موتَ جي مات! اُٿي آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
روز اڌ رات اُٿي، آنءُ لکان هي ڇا ٿو؟
——–
خُدا جي راه طرف ڪيتريون ڳِليون آهن،
خُدا جي راه اَبد کان به جاڳي ٿي وڃي!
خبر نه آه ڳِليون سڀ ڪٿي مليون آهن؟
ازل کان تن ۾ پَئي وينگسون ٽِليون آهن؟
اَچي جي نَنڊ، مٿان اُڀّ جون رِليون آهنِ
خبر نه آه ته هي زندگي ڪٿي ٿي وڃي!
هِتي ته لاش رهن ٿا، مٿان هِليون آهن!
خُدا جي راھ طرف ڪيتريون ڳِليون آهن!
——–
ڪلھ جيان مون تي ستارا ٿا ٻَرن
تو بنا پر راتڙي ساڳي نه آ
زندگانيءَ جا سهارا ٿا ٻَرَن
نيڻ ٻيا، ساڳا نِهارا ٿا ٻَرَن
پيار ۾ ڪيڏا نه پيارا ٿا ٻَرن
تو بنا پر زندگي ساڳي نه آ
ڪلھ جيان مون تي ستارا ٿا ٻَرن
پر لڳي ٿو روشني ساڳي نه آ!
——–
آجيان ٻيءَ صديءَ جي نه ڪئي آهي تو؟
هي صدي آهه رديءَ منجهه وئي، پوري ٿي!
ڊارون، مارڪس، فرائڊ کي تو دل تان لاٿو،
زلزلي خيز صديءَ ڪجهه ته بچايو هوندو؟
آءُ ڇنڊڇاڻَ ڪَيون، آءُ ڏِسون ’ڇا‘ ۽ ’ڇو‘!
سِجّ کي هيءَ صدي پُٺِ ڏئي، پوري ٿي
ڪُوڙ جي ڪِٺّ ته ڏِسُ، سَچّ اڃان آ سپنو!
آجيان ٻيءَ صديءَ جي نه ڪئي آهي تو؟
——–
سِر ڏئي سَچّ بچائڻ ڪو ضروري ته نه هو!
سَچّ کي ساهَه ۾ سانڍُيِئه ته چڱو ڪُيهءِ ڏاها!
تو سرِ دار هجين ها به اگر گئليلو،
هيءَ ڌرتي ته ڦرڻ ڪو نه ڇڏي ها پنهنجو،
دؤر جو دؤر حماقت جو هُيو آئينو،
هاڻِ جا سوچ نئين آهه، چَئي ٿي آها……
سِر ڏيڻ کان ئي سَوا سَچّ بچائي ويو ڪو!
سِر ڏئي سَچ بچائڻ ڪو ضروري ته نه هو!
——–
اڙي منصور! رڳو توکي پيا ٿا ڳائن،
رَتّ سان پنهنجي وُضو ڪنهن نه ڪيو آ مون جِئن!
هي نئين دؤر جا مُلا ٿا اِهو ورجائن،
ڪالھ جي ڳالھ  رُڳو ٿا ڪري ڳهڻا پائن!
آرسيءَ جيئن ڏسي سَچّ، پيا گهٻرائن!
آهه! هي دؤر جو وهلورُ ويو آ ڪِئن ڪِئن!
ديس ۾ ارڙهين صديءَ سان ٿا پيا لَنوَ لائن!
اڙي منصور! رُڳو توکي پيا ٿا ڳائن!
——–
چَنڊُ مينار مٿان ڪالهه سنڌوءَ جي ڀرسان،
ٿي سکر  سارَ اچي ڪالهه پرينءَ جي پاسي!
ڪالهه ڪيڏانهن ويو؟ آنءُ پيو ٿو سوچان!
ڪالهه هو هِيرَ جيان مُنهنجو گذر ٻارين مان!
ڪيترا گُل هُيا، خوشبوءَ ۾ خُماريل هُن جان!
مون ڀونر جيئن ڀرِي پاڻُ ڇَڏيو هو واسي!
آه! اڄ رات پيو ڪيترو تن کي ساريان،
چَنڊُ مينار مٿان ڪالهه سنڌوءَ جي ڀرسان!
——–
خبر نه آ ته وڃي دور ڪيتري ٿو لَڪُ
تمام عمر ڪَٽي انتظار ۾ مُنهنجي!
لڳي ٿي لُوءِ، لُڏي ٿو ڪِٿي ڪٿي ڪو اَڪ!
مَٿي مَٿان نه ٻَڌو، پو به مون ڪڏهن اَجرڪ
پُڳو نه پَنڌُ، رڳو ٿيڙها، رڳو هو ٿَڪّ!
نهارَپو به رهي آهه پارَ ۾ مُنهنجي،
اڃا ته ڪو نه سندم جيءَ کي اَچي ٿو جَڪُ،
خبر نه آ ته وڃي دورُ ڪيترو ٿو لَڪ!
——–


*  جُڳَ جُڳانتَر – ازل
*  گانُ – ڳوٺ (هندي ۽ اردوءَ ۾)
*  ڀنڀَ اوندهه، گهاٽي اوندهه.



——

مورڻيون مُنهنجا ٽهوڪا ته ڇِڪي آيا ها!
آنءُ گهنگهور گهٽائن مان هليو آيو هوس،
لَڪ جڏهن ڪالهه ليارن ٽڙي مهڪايا ها
ماڪ جئن گيت تڏهن آنءُ اچي ڳايا ها
گيت جي ڏيهه مٿان ڇانوَ ڪري ڇايا ها!
انت کان پار صدائن مان هليو آيو هوس
ڪير چوندو ته سندم گيت هُيا مايا ها!
مورڻيون منهنجا ٽَهوڪا ته ڇڪي آيا ها!
——–
موت! ڪجهه وقت اگر ڏين ته وَسان ڌرتيءَ تي
هي ڪَويتا ته نه برسات جيان ڪجهه آهي!
واءُ ۾ جئن گسي وَلهارُ، گسان ڌرتيءَ تي،
مون گهٽايو نه وَسان چَئِن ڏَسان ڌرتيءَ تي،
ڦول چوڌار پيو آنءُ پَسان ڌرتيءَ تي،
سَڀ ٻُڌِي گيت چَون ڏات جيان ڪجهه آهي،
جئن ٽِڙن ٽارَ ائين آنءُ هَسان ڌرتيءَ تي
موت! ڪجهه وقت اگر ڏين ته وسان ڌرتيءَ تي.
——–
دُور جا سَڏ گهڻو وقت لنوايا آهن،
هاڻِ تنبورو وٺو، هاڻِ هليو ويندس  مان!
ايترا گيت ستارن نه ٻُڌايا آهن،
جيترا گيت اوهان لاءِ مون ڳايا آهن،
گيت ٻين لاءِ به مون ڪيئي بچايا آهن
اڱرين ڇا نه سَٺو! هاڻ هليو ويندس مان!
اي ازل! تو سان ڪيل قول نڀايا آهن،
دُور جا سَڏ گهڻو وقت لنوايا آهن.
——–
هاڻ ڏيئو به متان ساٿ نه ڏي!
رات يلغار ڪَري آئي آ
چَنڊ جي مَنڊ جيان دُور اَڏي،
ڪيئن چئجي ته ڪڏهن جُوءِ ڇَڏي،
موٽ کائي نه وَري جيءُ لڏي!
تيرگي وارَ ڪري آئي آ
ڇانئجي آهه وَئِي اڄ ته تَڏي،
هاڻ ڏيئو به متان ساٿ نه ڏي!
——–
نِنڊ جو نانءُ نه وَٺ، ننڊ اسان لئه ناهي،
ننڊ هڪ اجنبي مهمان جيان آهي هِت!
مَڏُ کُٽڻو ئي نه آ، مَڌ پيو ڪو ٺاهي،
چَنڊَ جو ٿانءُ ته کڻ، ايءُ پيَڻ لئه آهي،
کيپُ گهنگهور گهٽا جيئن اچي ٿو ڪاهي،
پر اکينِ  نِنڊَ ته ارمان جيان آهي هِت
هُو ڪلال آهه ڪٿي، ڇا ٿو چڪائڻ چاهي؟
نِنڊ جو ناءُ نه وَٺ، نِنڊَ اسان لئه ناهي!
——–
موتَ ٻوساٽَ هُئي، واءُ ٿي گهُوگهاٽَ ڪَيا
تيز گهوڙي تي اِئين نِنڊَ اچي وَئي توکي!
تُنهنجي ارمان سوين گهيڙ ڪيا گهاٽَ ڪَيا
ٿي گجيو اُڀّ، کِنوڻ ڪالهه ٿي چمڪاٽ ڪَيا،
ڇا نه احسانَ ٿي لهرين جي مٿان لاٽَ ڪيا!
ايڏي رفتار ۾ ڪِئن اکِ لڳي وئي توکي؟
آنءُ جاڳايو گهڻو، آنءُ ته رانڀاٽ ڪَيا!
موتَ ٻُوساٽَ هُئي، واءُ ٿي گهُوگهاٽ ڪيا!
——–
تون نه ڄاڻين ته ڪِٿي انت پُڄائي توکي!
تو پرستش ته رڳو آهه ڪَئي هِن پَل جِي!
پاکڙو چَنڊَ جُهڪايو ته ڀڄائي توکي،
مارئيءَ جيئن کنڀي، ڪوٽِ رَسائي توکي،
۽ رکي بندِ اُتي، روز هڄائي توکي!
تو حقيقت نه آ معلوم اَجَهل جي جَهل جي،
ڪوٽَ ڪيرائي ڪڏهن جيڪو بچائي توکي!
تون ته ڄاڻين ته ڪِٿي انت پُڄائي توکي.
——–
کوهَه تي پويون گهڙو آهه، اِهو ڪيئن چوان!
ڪيترو پنڌ ڪري آنءُ ڀرڻ آيو هان!
ڪئن نه گِرڻي ٿي ڦِري، مان ٿو جڏهن ڪوسَ ڪڍان!
مان نه ڪي زور ڏيان ۽ نه ڇِڪان ڇِڪ ئي ڪيان!
ڪير ٿو وَرت ڇڪي، آنءُ پيو هيٺِ ڏسان،
منهنجو وارو آ، اُهو پورو ڪَرڻ آيو هان
کوهُه اڳ کان به گهڻو آهه، اِهو ڪيئن مڃان!
کوهَه تي پويو گهَڙو آهه، اِهو ڪيئن چوان!
——–

 
ڪا گهڙي نانهن جڏهن ياد نه آئي آهين،
تُنهنجي صورت جيئن تقدير جو آئينو آ!
مون ته سمجهو هيو مون لاءِ تون ڄائي آهين،
پر ازل منجهه لکيو ڪنهن ته پرائي آهين،
پو به تون ڪيئن نه رڳ رڳ ۾ سمائي آهين،
جنهن صنم ساز جڏهن ٺاهيو سندءِ سينو آ
تنهن نه معلوم، ته ڪئن مون کان تڳائي آهين!
ڪا گهڙي نانھ جڏهن ياد نه آئي آهين.
——–
چَنڊُ جنهن لاءِ پيو روز لياڪا پائي
* اڳُ به صورت گرو هِن جيئن ڏٺي ٿَوَ ڪائي؟
ڄڻ ته درياهه ڇُهڻ لاءِ وراڪا پائي
ڇوليون ٿِي گهاٽ مٿان آ ويو ڏاڪا پائي
هُن جيان تيز ورانگون وئي ڇاڪا پائي؟
هيئن سُهڻي ڪا ڏٺي ٿَوَ يا ٻُڌي ٿَوَ ڪائي
سانت ۾ ڪُنّ وَيا ڪيئن نه واڪا پائي!
چَنڊُ جنهن لاءِ پيو روز لياڪا پائي.
——–
گهَر گهٽيون، گهاٽَ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن
اوچتو ڪلهه هتي طوفان لڳو هو ڏاڍو،
وِڄُ چمڪاٽ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن!
ڪنهن ڳڻيا ڳاٽَ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن
ڪيتري ڇاٽَ، سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن،
مون ڏٺو شهر ته وِيران لڳو هو ڏاڍو
ٿي رُني ماٽَ سڀيئي ته ٻُڏي ويا آهن
گهر، گهٽيون، گهاٽَ، سڀيئي ته ٻڏي ويا آهن.
——–
دوستيءَ منجهه دغا اڳ به ڏٺي آهي تو
هي پُٺيءَ مَنجهه ڇُرو، هي ته نئين ڳالهه نه آ!
اشڪ آلود وفا اڳ به ڏٺي آهي تو
جيءَ جي لاءِ جفا اڳ به ڏٺي آهي تو
زندگي هيئن خفا اڳ به ڏٺي آهي تو
آدمي ڪو به بُرو، هي ته نئين ڳالهه نه آ
هيءَ دَستار و قبا اڳ به ڏٺي آهي تو
دوستيءَ منجهه دغا اڳ به ڏٺي آهي تو.
——–
هنج ۾ ٻارُ جئين ماءُ جَهلي
شاعريءَ لاءِ سرشٽي ائن آ!
هوءَ ڳاڙهاڻ پريان، باکَ بَلي!
ٿي نديءَ جيئن پِرَهه  هِير هَلي،
مامتا نِنڊَ ڀريا نيڻ مَلي،
ڏس ته ٿي راتِ رواني ڪِئن آ
ٿا اچن گيت وَري ڳوٺ ڳلي
هنج ۾ ٻارُ جئين ماءُ جَهلي.
——–
ڪيرَ ٿي ياد اچي هڏڪيءَ ۾
پارَ کان پيارُ اچي ٿو ڪنهن جو؟
ڇا نه رابيل ٽِڙي آ جيءَ ۾؟
واس ڪو آهه وَريو ڌرتيءَ ۾!
ڄڻ اُڏار آهه پکين ٽوليءَ ۾
هيءَ اسرار اچي ٿو ڪنهن جو
اوچتو شعر جيان ٻوليءَ ۾؟
ڪيرَ ٿِي ياد اچي هڏڪيءَ ۾؟
——–
جي اچين، رات رَهي پوءِ هَلي ويندي ڪَر!
ڇو اِئين شام لٿي، راهَه رَمي ويندي آن!
جي وڃي چَنڊ لَهي، پوءِ ڀَلي ويندي ڪَر،
مُنهن انڌيري ۾ ٽپي پارِ ڳلي ويندي ڪَر،
ڪو پڇيئي ته ’ڪٿي هُئينءَ؟‘ اَلي ويندي ڪَر،
ترسندي نانهه، اُڀي پير هَلي ويندي آن!
اُڃ اُجهائي ته اڙي پيارَ کَلي ويندي ڪَر!
جي اچين، رات رَهي پوءِ هَلي ويندي ڪرَ!
——–
ايترو وقت ڪٿي ايئن ڇُپي وئي آهين؟
چنڊ تولاءِ ڳِليون روز اڃا ڳولي ٿو.
ٿورڙو پيار ڏئي، پوءِ هلي وئي آهين!
ڪيئن خوشبوءَ جيان راهَه ڀُلي وئي آهين
ڄڻ ته رابيل ۾ ٻيهار گِهري وئي آهين
چَنڊُ تولاءِ چَڪيون روز اڃا ڦولي ٿو!
ڪئن چوان لوءِ ۾ ڪنهن جاءِ لڪي وئي آهين!
ايترو وقت ڪٿي ايئن ڇپي وئي آهين؟
——–
رات برسات پُڇيو هوءَ وئي آ ڪيڏانهن؟
هوءَ پَر سالَ ته رابيل جيان کِلندي هُئي!
هُو ڇُڙيل وار ويا ڄڻ ته گهَٽائون جيڏانهن!
چَنڊ تون ڳول مَتان هوءَ هُجي ڪِٿ ايڏانهن!
گهَر جتي آهه سندس واءُ هلي وڃ تيڏانهن!
هوءَ پَر سال هتي ڊيل جيان ٽلندي هُئي
دِل اشارو ڪَيو ڪنهن جاءِ ڇُپي آ هيڏانهن،
رات برسات پُڇيو هوءَ وئي آ ڪيڏانهن؟
——–
مانگهه جي راتِ هوا ٿي پَئي گهوگهاٽ ڪري!
مانگهَه جي رات گهران ڪيئن هَلي آئي آن؟
اوڙڪون پيئون پَوَن وِڄُ ٿي ڪڙڪاٽَ ڪَري،
واهه وهندا ٿا رهن، تون ٿي اچين واٽَ ڪَري
گهر مان نڪتينءَ سکيءَ سان رُڳو سُرٻاٽَ ڪري
ايڏي برساتِ، تَران ڪيئن هلي آئي آن؟
هيئَن ڪنهن لاءِ سندءِ جيءُ پيو جاٽ ڪري؟
مانگهه جي رات هوا ٿِي پئي گهوگهاٽ ڪَري!
——–
پيارَ جو نانءُ هوا مَنجهه هُري ٿو، هل تون!
پيارَ جي لاءِ ندي ڪا به تکيري ناهي.
ٻاجهه جو ٻولُ لڳاتار ٻُري ٿو، هَل تون!
اي اَجهل ڇِڪّ وري پيرُ چُري ٿو، هَل تون!
تنهن طرف جنهن کي سندءِ ساهُه گُهري ٿو، هَل تون!
آ سِڌي واٽَ، وَرِي واءُ به ويري ناهي،
جنهن گهڙيءَ لاءِ سندءِ جيءُ جُهري ٿو، هَل تون!
پيار جون نانءُ هوا منجهه هُري ٿو، هَل تون!
——–
ڏِس ته ڪئن ڪُونڀٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
تو ڏٺو ڪئن واءُ ۾ ساريون وَليون ڄَرڪن پيون؟
ڏِس ته سڀ برپٽ ٻرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
*مِينهَن ۾ مَرگهٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
اِنڊلٺ يا ڳٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
لونءِ ۾ لارون ڪَري، سارُون وَري جَرڪن پيون،
پيار جا پوپٽ ٻرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
ڏِس ته ڪئِن ڪُونڀٽ ٻَرن ٿا، ڪنهن ازل جي آگ ۾!
——–
راتڙيون هونءَ اِئين ٻيون به گُذاريون آهن.
سُونهن جي ساٿِ، اِها رات به گذري ويندي.
گوپيون شام به ائن ڪو نه ڌتاريون آهن
جيءَ جمنا ۾ لٿيون ڪيتريون ناريون آهن،
چاندني رات ۾ جي نِينهن نِکاريون آهن!
تون متان ڀانئين ڪا بارات به وسري ويندي.
پيار جي پنڌ ۾ ڪيڏيون نه سواريون آهن
راتڙيون هونءَ اِئين ٻيون به گذاريون آهن.
——–
ڪوڪ تارن ۾ هلي ويندي آ،
ڪويليون ڪوڪَ نه مرندي آهي،
آگ هرطرف لڳي ويندي آ،
دور تائين ڪا ڄڀي ويندي آ،
ڪيئي درياهه ٽپي ويندي آ،
ڪويليون ڪوڪَ ته تَرندي آهي
دُور تارن ڏي تَري ويندي آ،
ڪُوڪَ تارن ۾ هلي ويندي آ.
——–
ڪو به خوشبوءَ جي بَها ڪو نه ڪٿيندو آهي.
ڪو به رابيل رَتين ساڻ نه توريندو آ.
عشق ايندو آ ته اِئن مفت ۾ ايندو آهي.
ڪو گُلابن سان اَچي پاند ڀريندو آهي؛
ڪو به ان لاءِ ڀَلا رِٿّ رِٿيندو آهي؟
مُرڪ سان ڄڻ ته شڪنجي ۾ جَڙي ويندو آ
پيار جئن ڪو ئي به طوفان نه ٿيندو آهي.
ڪو به خوشبوءَ جي بَها ڪو نه ڪٿيندو آهي.
——–
هر تصور کي بنا ڏوهَه اُجاڙي ويئينءَ،
تون ته هر چيز کي ويران ڪري وئي آهين!
تو ٻُڌايو به نه ڪنهن جي پَئي پاڙي ويئينءَ!
گُل ته زنجير هيا پو به لتاڙي ويئينءَ،
چاندني سَرو و صنوبر تي پڇاڙي ويئينءَ
هر تبسم کي بيابان ڪَري وَئي آهي!
سُڃّ سان جيءَ سڄي عمر سَلهاڙي ويئينءَ
هر تصور کي بنا ڏوهَه اُجاڙي ويئينءَ.
——–
هر نئين رات نئون صبح اُڀاري پيئي،
ڪيئن چئجي ته اهو سلسلو ڪيسين هلندو!
باک ٿئي ٿِي نوان رابيل ٽِڙن ٿا ڪيئي،
ٿا وَڃن نيٺ ڇَڻي واءُ کي خوشبو ڏيئي،
زندگي چار پَهر آ، اجهو ويئي، ويئي!
ڪير ڄاڻي ته اِهو سلسلو ڪيسين هلندو!
سوچ سُرٻاٽَ ڪيا پاڻ مان ٻاهر نيئي،
هر نئين رات نئون صبح اُڀاري پيئي!
——–
شاعري منهنجي ڪڏهن نانھ شعوري ڪوشش
ننڊ مان ڪير اُٿاري ٿو، لکان ويٺو مان!
ننڊ جي لاءِ ڪَئي آهه مون پوري ڪوشش،
نِنڊَ جي لاءِ مگر نانهه ضروري ڪوشش،
جيستائين نه لکان، نِنڊَ اَڌوري ڪوشش!
ٻيو به ڪو آهه سندس ساٿ ڏيان ويٺو مان،
شعر سِرجي وَئي ڪيڏا نه سموري ڪوشش!
شاعري مُنهنجي ڪڏهن نانهه شعوري ڪوشش!
——–
اي ازل آءُ، اچي ويهه، رهاڻيون ڪَر ڪي!
مان جڏهن کان ٿو لکان، ڪيئي صديون ٿيون آهن،
ميٽليءَ منجهه لکيو ڪيئن، ڪهاڻيون ڪَرڪي!
ڪويليون ٻُور ڏسي، اڄ به اُماڻيون ڪَرڪي!
۽ ڪويتائون نئين نينهن سان واڻيون ڪَرڪي!
مان وري پينگهه لُڏان، ڪيئي صديون ٿيون آهن.
ڳالهڙيون ڳُجههّ جون مون ساڻ پُراڻيون ڪَرڪي!
اي ازل آءُ، اچي ويهه، رهاڻيون ڪَر ڪي!
——–

 
تون چوين ٿو ته ”اُٿي لِکّ! اُٿي لِکُ هاڻي!“
”هي گهَڙِي آهه اَمر ڪو نه وَري وَرڻِي آ.“
”ننڊ مان ڪالهه جيان جاڳُ، وَري لِکُ هاڻي!“
”پيا – رابيل اَسر ويرَ ٽِڙي لِکُ هاڻي!“
”تون وهائوءَ کان گهڻو ڏورُ ڏسي لِکُ هاڻي!“
تون چوين ٿو ته ”اُها ڪَرِ، جا سندءِ ڪرڻي آ“
”ڪنگريون جيئن ڀَري کوهُه گِڙي لِکُ هاڻي!“
 تون چوين ٿو ته ”اُٿي لِکُ هاڻي!“
——–
ڏات هَرڻيءَ جيان رُڃ ڏني آهي ڪا،
رُڃ جا دور وڃائي ٿِي پري کان پَرتي!
زندگيءَ ڪُجهه نه ڏنو سُڃّ ڏني آهي ڪا،
تون کُهيون کوٽِ، جئڻ اُڃّ ڏني آهي ڪا!
بُک سانجهيءَ لٿي جُڃّ آهي ڪا،
ڏس ته ٿِئي سِج سَڳائي ٿي پري کان پرتي!
ڪنهن ’رَسي وَٽّ‘ چئي مُڃ ڏني آهي ڪا
ڏاتِ هرڻيءَ جيان رُڃَ ڏني آهي ڪا!
——–
شاعري، موت کي اِسرار بنائي ويندينءَ،
عُمر جي هيئن لِکِي تنهنجي گُذرندي رَهندي!
جيئندينءَ تا به ابد، موتُ مِٽائي ويندينءَ
چَنڊَ جئن گهاءُ ڏَئِي رات کي گهائي ويندينءَ
هِيرَ جئن پو به گهڻو ڪجهه ته ڇُپائي ويندينءَ،
جا کُٽي نانهه ڪويتا اُها وَرندي رهندي؛
سُونهن جو هڪ نئون سنسار بڻائي ويندينءَ،
شاعري موت کان اسرار بڻائي ويندينءَ!
——–
سارَ جي ڏارَ مٿان ڪيڏا پکيئڙا آهن.
هر نئين سِجّ نَيون ٻولڙيون ٻولن ٿا!
ڏينهَن جي پيارَ جي ٻانُهنِ ۾ گذاريا آهن،
ٿي ڪَڪَر  ڇانوَ مٿان عمر تي بيٺا آهن،
يادگيرين به يَڪا مِينهَن وَسايا آهن،
تاڪِيا پَٽّ جا ڄڻ پَهر اَچي کولن ٿا،
لونءَ ڪانڊارجي ٿي ايترا لسّا آهن!
سارَ جي ڏارَ مٿان ڪيڏا پکيئڙا آهن!
——–
عمر آغوش ۾ هر رات ٿي توکي ڳولي،
تون خبر نانهه ته ڪيڏانهن هَلي وَئي آهين!
رات جا پهر ستارن سان پئي ٿِي ڦولي،
باک تولاءِ پڇي ٿي پئي ٽولي ٽولي
پو چوي ٿي ته ”پُڪاريوس، پکيئڙا ٻولي!“
اِئن لڳي ٿو ڪِٿي ڪَڪرِين ۾ رَلي وئي آهي،
سمنڊ ۾ پوءِ به ڇوليون ڏٺيون مون ڇاڇولي،
عمر آغوش ۾ هر رات ٿِي توکي ڳولي.
——–
ڍيرَ قالينَ اڳيان پيارَ پٿاريا آهن.
ڇا کڻان ڇا نه کڻان، مان ته مُنجهي پيو آهيان!
جيترا پيار ڪَيا، سڀ اُهي ساريا آهن،
ڄڻ ڏِياريءَ جيان ڏيئڙا ٻاريا آهن،
ڪيترا چنڊ سندءِ سار تي واريا آهن
ايترا چنڊ گهڻا، مان ته مُنهنجي پيو آهيان
ائن لڳو ڄڻ ته سَوين ڦولَ ڦُلاريا آهن!
ڍير قالين اڳيان پيار پٿاريا آهن.
——–
جي ٻُڌَءِ هيئن صدائون ته اُڏامي ايندينءَ،
پئد سڀ پاڻ تان هڪ سَٽّ سان لاهي وجهندينءَ؛
مون اڱڻ جان نه پڄين، پَر نه ڪٿي ساهيندينءَ،
جئن گهٽائن ۾ تکو چنڊ، اِئين ٿي ايندينءَ،
راهه ۾ ڪيتريون سالن جون چُميون ساريندينءَ،
پهچنديئي تون ڳراٽيون ڳلي ٺاهي وجهندينءَ
هر جدائيءَ کي ڀُلي جان وَري واريندينءَ،
جي ٻُڌءِ هيئن صدائون ته اُڏامي ايندينءَ.
——–
پيار اڳ ۾ به ٿيا هيئن ٿيو نانهه ڪڏهن،
ڄڻ ته مهتاب ڇُليو آهه ڇِتين ڇولين ۾!
گل مُسرت ۾ اَچي هِيرَ جُهلائي ٿي جڏهن،
تُنهنجي خوشبوءِ کي لڳاتار پکيڙي ٿي تڏهن،
پيارَ اڳ ۾ به ٿيا، هِئن نه ٿيو آهه ڪڏهن!
شاعري هيئن ڏٺي ٿي ڪِٿي ٻين ٻولين ۾؟
پيار جا پُور ڪَٺا هِيئن ڪيا آهن ڪنهن؟
پيار اڳ ۾ به ٿيا هئن نه ٿيو آهه ڪڏهن!
——–
راڳ جا ڀاڳ ته ڏس، ڪِئن نه ٽِڙي پيو آهي
جئن ٽِڙي چيٽَ ۾ اڌ رات جو رابيل پَوي!
ڄڻ ته خوشبوءَ جي ڪٿي پيرُ ٿِڙي پيو آهي
ڄڻ ته ڀونرن جو مٿس ميڙُ مِڙي پيو آهي
ڄڻ ته وَلهار مٿان چَنڊ کِڙي پيو آهي!
روشني روح مَٿان ايتري ٿي هيل پوي
ڄڻ ته تارن جو پريان کوهه گِڙي پيو آهي
راڳ جا ڀاڳ ته ڏس، ڪئِن نه ٽِڙي پيو آهي!
——–
جيترا پيار مليا ايترا قافيا آهن؟
ڪيئن ٻوليءَ ۾ اَچن ايتِريون زلف  وَليون!
تو پَري روءِ خدا ڇا نه پسايا آهن!
چنڊ جئن آنءُ ڏٺا ڪيترا چهرا آهن!
دل جي آئيني ۾ آيا ڪيئي جلوا آهن
مون تصّور جون گهميون ڪيتريون گلرنگ گليون!
گُل تن منجهه ٽڙيا اوچتو ڪيڏا آهن!
جيترا پيار مليا ايترا قافيا آهن.
——–
پوءِ به ورڻو ته اَوَس هان جي مري ويندس مان،
ها، هتي راتِ رهي آنءُ هليو وڃڻو هان!
جئن اُتر واءُ گُهلي اِيئن ٽَري ويندس مان،
جيترا بارِ به ايندس ته وَري ويندس مان؛
هن دفعي جئن کڻي گيتن جي ڀَرِي ويندس مان
چَنڊَ جِئن دُور ڪَهِي آنءُ هليو وڃڻو هان!
شمع وانگر ته نه آهيان جو ڳري ويندس مان،
پو به وَرڻو ته اَوَس هان جي مري ويندس مان.
——–

 


*  نوٽ: اُتر ۾ اَٿَو کي ٿَوَ به چوندا آهن.
*  مَرگهٽ – مساڻ.


——-

هَر نئين رات نئين گهاتِ جڏهن آڻي ٿِي.

موتُ جو تيرُ گُسائي ٿي حياتي مُنهنجي
موت جي روز نئين مات جڏهن آڻي ٿي،
گيت آڪاس مَنجهان ڏات جڏهن آڻي ٿي،
سانوڻيءَ جئن ڀري برسات جڏهن آڻي ٿي،
ٿي ٿِئي دورُ اڳي کان به مماتي منهنجي
زندگي وائي نئين وات جڏهن آڻي ٿي
هر نئين رات نئين گهاتِ جڏهن آڻي ٿي.
——–
توڙ تائين نه هليو ڪو به ويا سڀُ موٽي،
موڙَ تائين به هليو آهه ته هُو جَس لهڻي،
مون جڏهن لَڪّ لتاڙيا ٿِي وڇوٽِي وڇوٽِي،
مون سان چاڙهي نه چَڙهيا، جي به هُيا گڏ ٽوٽي،
آئيني جيئن پَئي چَنڊَ سان چَمڪي چوٽي!
جنهن به ڪُجهه ساٿ ڏنو آهه ته هو جَس لهڻي،
جنهن سُڃاڻي وَتي آ ڏات کَرِي ۽ کوٽي،
توڙ تائين نه هليو ڪو به ويا سَڀُ موٽي!
——–
مون تي سي سيڻ ڪيا ننڊَ نه ڪن ٿا جيڪي
سمجهندين ڪيئن اِهو جيسين ڀٽائي نه پڙهين!
بُکَ جي لاءِ ٻه ٽي سَنگ کنيا جِن سيڪي،
جِن وهاڻا نه هيا، تُڙَ ئي جي ويٺا ٽيڪي،
نِمُ جي ڇانو تتي ڏينهن ٿا ماڻِن ڪي ڪي،
تون اِهو علم ڀلا منهنجي مَٿان ڇو ٿو مڙهين؟
مونکي وڻ ٽَڻ سان مِلي لڙڪ وهائڻ ڏي ڪي!
مون تي سي سيڻ ڪَيا، ننڊ نه ڪَن ٿا جيڪي.
——–
هي اَملتاسِ ته ڏِس سِجَ لَٿي جئن پيلي!
آجيان چنڊَ جي ٿا اُن جا ڇُڳا ڪَن وَڻ مان
اِئن وئي سانجهه جئين چانهِه اُڏاڻي نيلِي،
اَتّ اونداهه ڏسي ٻارِ نئين ڪا تيلي،
ڪُجهه ڏِياٽي ته ٻَري، باهه ته ڀِڙڪيلي!
روشني چَنڊُ ڪندو نيٺ ته ڪنهن وقت مٿان!
ٿو نئون پَکّ اچي، رات وَڃي تاريلي،
هي اَملتاس ته ڏِس سِج لٿي جئن پيلِي!
——–
آنءُ وڻڪار ۾ جهڻڪارَ ٻُڌان ٿو ڪائي
ڇيرَ ڇمڪي پَئي پر ڪيئن چوان ڪنهن جي آ!
سارَ مون لاءِ کڻي آئي هوا هَرجائي،
ڄڻ پٻڻ منجهه کڙِي پئي نئين ڪُوڻي ڪائي،
۽ ڀَونر سُڻس رکي، آيو اُڏارو کائي،
سارَ ٽِمڪي پَئي پَر ڪيئن چوان ڪنهن جي آ!
ساهه ۾ سار اِها ڪيئن چوان ڇو آئي!
آنءُ وڻڪار ۾ جهڻڪارَ ٻُڌان ٿو ڪائي
——–
چنڊ جئن گم ٿي وئي آنهه انڌيري پَک ۾
ڇا رکان آس ڪڏهن آنءُ سهائي پَک جي!
ڇا نه طوفان هُيو ڪالهه اُڏاڻل ڪک ۾!
پيار مون لاءِ هُيو ڪُجهه ته جياپي  جَک ۾
ها، رهي آهه اڃان چڻنگ وِڇوڙي  رک ۾
ٻانَهن ڇو ڇِڪَ لَکائي پئي تنهنجي ٻَکَ جي؟
ڇا نه ايندينءَ ڪڏهن تو وَري ٻيهر ٻَک ۾؟
چَنڊَ جئن گم ٿي وَئي آنهه انڌيري پَکّ ۾!
——–
جيءَ ٿا جهولڻي جئن جُهلن واءُ ۾،
ٿي ٺٽي ۾ ڏکڻ هير جيئين اچي
ٿا ڀَونر ڪيترائي ئي ڀُلن واءُ ۾
ڳلّ رابيل وانگر کُلن واءُ ۾
ڏس ته ڳڀرو پيا ڪئن رُلن واءُ ۾!
ٿي نظر ڪنهن جي تصوير جيئين اَچي
ڇاتِيون کيتَ ۾ ٿيون ڇُلن واءُ ۾،
جيءَ ٿا جهولڻي جئن جُهلن واءُ ۾!
——–
هن طرح دِل نه وندراءِ منهنجا پرين!
درد جي رات آ، درد جي ڳالهه ڪَر!
ڇو نه اڄ رات تون درد جا گيت ٿيِن؟
مات جي رات آ، لڙڪ مُنهنجا اُگهين؟
مون نه سمجهو ته تون ڪيئن ٿو ٽهڪ ڏِين!
سُرخ ڪَهڙو؟ ڪٿي؟ زرد جي ڳالهه ڪَر
آنءُ ڀورا اڳيئي، پيو تون ڀڃين!
هن طرح دِل نه وندراءِ منهنجا پرين!
——–
ٿا لُڏن ڪارا ڄمون جيڪي پيا طوطا ٽُڪن،
اوچتو برسات جون بُوندون وڻن تي ٿيون وَسَن،
لوءِ کي لهسائيو هو هيل چوڌاري لُڪَن،
تاس پنهنجي ڄڻ ٻُجهائي ڪا نه ٿي پاڻيءَ ٻُڪَن،
لُوءَ ايڏي جو اواڙي ڍَور ٿا هَر هَر ڊُڪن!
اوچتو ئي اوچتو ٿا اُڀَ مان سانوڻَ سِمن،
اوڙڪون ٿي آءُ ڪيسين هر طرف جر ٿر سُڪَن!
ٿا لُڏن ڪارا ڄمون جيڪي پيا طوطا ٽُڪن!
——–
تون ملين ها ته ائين پيار ڪيان ها توسان؟
پيارَ جي لاءِ جُدائي ته بُري ڪا نه آهي!
ٿو اَچي ياد سندءِ رَنگُ گلابي گُل جان!
توکي جنهن وقت ڏٺو آنءُ ڇني ٽاريءَ مان،
رنگ و بو تُنهنجي سدا لاءِ مون سمجهي جانان!
وقت جئن ڪا به مگر تيز ڇُري ڪا نه آهي،
ڪيترا روهَ رُليا آنءُ جدا ٿي توکان!
تون ملين ها ته اِئين پيار ڪَيان ها توسان؟
——–
اچين، اچين نه اچين مان پيو نهاريندس،
جيئن کجُور ڇَڙيون چنڊ لئه هَڻي پيئي،
ملينءَ نه تون ته ڪڏهن باهڙي نه ٻاريندس،
سکر جا سيءَ اِئين تو سوا گذاريندس،
اُداس گيت چَئي پيار لئه پڪاريندس،
سِرنهن  اُماسَ اُتر  واءُ ۾ ڇَڻي پيئي
بسنت  چنڊ پيو بار بار ساريندس،
اچين، اچين نه اچين، مان پيو نهاريندس
——–
ڪو حياتيءَ جو پتو نانھ ته ڪنهن وقت کُٽي!
جو به لِکڻو ٿي لکي وٺّ، هلي ٿي، جيسين!
ڪيئن چئجي ته ڪتيندي ٿِي ڪڏهن تندُ ٽٽي!
موه جي ڄار مَنجهان ڪوئي ڇُٽي يا نه ڇٽي!
اُڃَ جي سينڱ لڳاتارِ پَئي تِيرُ چُٽي،
مَن ته آ رُڃّ  هَرَڻ، پَر ڏسي ڀٽڪِي ڪيسين؟
ڪاش، ڪنهن وقت ڪٿي نور جيان نهر ڦُٽي!
ڪو حياتيءَ جو پتو نانهه ته ڪنهن وقت کُٽي!




Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
4
hate
confused confused
10
confused
fail fail
7
fail
fun fun
6
fun
geeky geeky
5
geeky
love love
2
love
lol lol
3
lol
omg omg
10
omg
win win
7
win
Mansoor

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *