شيخ اياز جي ڪتاب چنڊ ڳليون جي شاعري حصو 2

1 min


شيخ اياز جي ڪتاب چنڊ ڳليون جي شاعري


رات جي وقت تِکي آءُ چَڪوريءَ وانگر
گيت ٿو چنڊ جيان اڄ پئي چمڪي منهنجو!
تون متان دير ڪرين نِنڊَ ندوريءَ وانگر!
ڪاش! مون ڏانهن اچين لونءَ ۾ لوريءَ وانگر،
ڏِس نه درياهه ڪڏهن گهاٽ تي گوريءَ وانگر!
مان مڃان ٿو ته گهڙيءَ لاءِ گهَڙو ٻوڙي ٿو،
ڪنهن اَمرتا نه مِلي جيءَ جي جهوريءَ وانگر،
رات جي وقت تِکي آءُ چڪوريءَ وانگر!
—————-
ياد آئي پَئي ڪلهه رات ڇو چنبل گهاٽِي؟
تانتيا ڪالهه هُيس آنءُ اِهو ڪئن چئجي!
مون جڏهن سارَ جي ڪنهن وقت ولوڙِي ماٽِي
جُهڙ ٿيا مُنهنجي انڌيري ۾ هزارين جهاٽِي،
وِڄ وانگر مون سڄي واٽَ حياتي ڪاٽِي،
مون کي ڪنهن وقت هو ٿِر ٿانءُ، اِهو ڪئن چئجي!
يا گهٽائن ۾ سندم سار پَئي گهُوماٽي؟
*ياد آئِي پَئي ڪلهه رات ڇو چنبل گهاٽِي؟
——–
اهڙي دولت ته ڪلاڪار کي ملڻي ناهي،
جسم آزاد هجي روح به آزاد هجي!
هونءَ دولت ته رڳو ڌوڙ آ، دولت ڇاهي؟
”زندگي ڪوڙُ اَٿي“، موت پيو ٿو باهي،
جستجو جيءَ ۾ جنهن وقت به جنهن کي چاهي،
تنهن پٺيان پنڌءِ پَئي، پنڌُ رڳو ياد هجي؛
لَڪّ تي لَڪَ هجي، پوءِ به ڪر هو ڪاهي،
اهڙي دولت ته ڪلاڪار کي ملڻي ناهي!
——–
ڳالهڙيون تنهنجو ائين سونَ لَڙهين جان آهن،
پو به ڀانيان ٿو لِڪائين پَئي هيرا ڪيئي!
آزمائن ٿيون پيون ڪيرِ ڪِٿي بيٺا هِن،
سوچَ جا گهُنج سندءِ نِرڙ مٿان ٿا باهِن،
آنءُ ڀانيان ٿو اڃا مون کي ٿا کوٽڻ چاهن،
اصل جا ڳالهه هُئي ڇو نه پَڌر سا پيئي،
ٻولڙيءَ منجهه اِشارا پيا ڪاڏي ڪاهن؟
ڳالهڙيون تنهنجون ائين سون لڙهين جان آهن!
——–
رات مون ساڻ اگر جاڳين تون
چنڊ جي ناوَ ۾ تاريان توکي.
دور آڪاس سڄو جهاڳين تون
’نانهه‘ سان نينهن وري واڳين تون
جڳّ کي جوٺ چئي تياڳين تون،
گيت جي جيت ڏياريان توکي
ڏات مون ساڻ اگر واڳين تون!
رات مون ساڻ اگر جاڳين تون!
——–
تون پِپون جهولَ ڀري نينگرڙي
دور ڪيڏانهن وڃين ٿي پيئي؟
گجّ تي ڀرت ڀري نينگرڙي
وانڍ ۾ سانجهه ڪَري نينگرڙي
۽ چِڀڙَ چار تَري نينگررڙي
اَڄّ جيڏانهن وڃي ٿي پيئي
پنڌ سو آهه پَري نينگري،
تون پِپون جهولَ ڀري نينگرڙي
——–
گيت برسات جيان ڪالهه گگن ڳايا ها
انت کان پارِ صدائن مان هليو آيو هوس.
ٻيو ته مايا هو ڀلا گيت به سڀ مايا ها؟
هو ٽهوڪا جي ڇِڪي مورڻيون آيا ها؟
۽ تتي ڏينهن ۾ روهيڙا رڳو ڇايا ها
جن جي هيٺان مان گهٽائن مان هليو آيو هوس؟
ساٿِ سانوڻ ۾ هُو سَرتيون نه هيون، سايا ها؟
گيت برسات جيان ڪالهه گگن ڳايا ها.
——–
هيرَ ۾ ڪا ڳالهڙي پيئي هَلي
ڪيئن چئجي ڪير؟ پاڇا ٿا اچن.
ٿي اڱڻ ۾ چاندني توڙي اَلي،
آ سِرنهن خاموش، خوشبو ٿي سَلي،
وارَ کولي، ڳُجههّ ۾ پنهنجي ڳلي،
هو کٿوريءَ جئن الا ڇا ٿا اچن!
جهومندا ڪارين گهٽائن جئن، بَلي!
ڪيئن چئجي ڪير؟ پاڇا ٿا اچن!

___

چَنڊَ! ڪنهن توکي چيو ڏيهه ڇڏڻ چاهيان ٿو؟
تنهنجي نگريءَ ۾ نئين وانڍ اَڏڻ چاهيان ٿو،
سَڏَ پولار ۾ ڪنهن لاءِ سَڏڻ چاهيان ٿو،
ٿي وَسي ماڪ مٿان راتڙي پياري آهي!
نئن جيان گيت گهٽائن ۾ گڏڻ چاهيان ٿو
چَنڊَ! ڪنهن توکي چيو آنءُ لَڏڻ چاهيان ٿو؟
——–
نه آئينءَ، نه آئينءَ، نه آئينءَ تون
اَلا! چاندني رات گُذري وَئي!
نه گُل مَهرَ ٿِي ڳلِ لڳائينءَ تون
نه رابيل سان جيءُ لائينءَ تون
نه اڳ جئن ٿَري ڳيچ ڳائينءَ تون
وَري ٻي به برسات گُذري وئي
ڪٿي مورڻيون ٿي ڇُپائينءَ تون
نه آئينءَ، نه آئينءَ، نه آئينءَ تون!
——–
تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
ٿيون چَنڊَ ڳليون روز سندءِ پيرَ نهارن.
تون نانهه ته ٿو چَنڊ جيان روز چِڪي گهاءُ!
تون نانهه ته هر رات ٿڌا ساهه ڀري واءُ!
تون نانهه، سڳنڌون نه ڏَيِن ڪالهه جيان ساءُ!
ڦولارجي وَڻ ٿا پيا چَؤڦير نهارِن
ڇالاءِ وئي آنهه کسي چنڊ ڳِلين چاءُ؟
تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
——–
تو لاءِ ٽِڙيا گُل ته ٿيون ڪيئي سُڳنڌون،
ٿيو ڄاڻُ ڀنڀرڪو تون ڀَلي آءُ، ڀَلي آءُ!
تولاءِ پره  هير ڏِسي ٿي پئي واٽون،
تولاءِ گلابن تان تَڪِن ماڪ جون بُوندُون،
رابيلَ پُڇن ٿا ته ڪٿي ديرِ ڪئي تون؟
آهي ڪوئي بيتاب هلي آءُ، هَلي آءُ!
ڏِسُ ٻانهون وڌائن ٿيون پيون باک جون ريکُون
تو لاءِ ٽِڙيا گُل ته ٿيون ڪيئي سُڳنڌون!
——–
هزار رنگَ سندءِ ڪائنات آ سائين!
حياتِي سانجَهه لٿي جئن سَمنڊ ۾ ٻيڙي!
خبر نه آهه ته ڇا ۾ نجات ٿو ڀانئين!
جڏهن گلاب ڦُٽن، ٿو هوائون هِرکائين،
اُنهن جي خوشبو کي ٿو دور دور ڦهلائين،
اُها وڃي ٿي جِئين ڪا گُهمنڊ ۾ ٻيڙي
سَرءُ جي ڪُنّ ۾ تون نيٺ پَنّ ڦيرائين!
هزار رنگ سندءِ ڪائنات آ سائين!
——–
سارَ کي سِٽّ ٿيڻ لاءِ ڪيئي سالَ کَپن،
سِٽَ ڪنهن سَمنڊ مان ڇوليءَ جيان اُڀري ٿي اچي!
جيءَ جهنجهوڙ کپن ۽ ڪيئي جنجال کَپن،
مَٽّ موکيءَ جا کُلن، مَڌ جا ڀَلا ڀالَ کَپن،
شاعريءَ لاءِ نوان نينهَن  مَهيوال کپن،
سِٽّ سُهڻيءَ جيان درياهه مان اُڀري ٿي اچي!
سِيرَ ۾ ڪيئي ڪَتيون، جوتِ جا ڪَٺمالِ کپن،
سار کي سِٽَ ٿيڻ لاءِ ڪيئي سالَ کَپن!
——–
عيد آئي ته وَري ياد سندءِ آئي آ
تو سَوا چَنڊ اڪيلو ٿو لڳي ڄڻ مون کي!
ڪيڏي قالين جيان هيٺان ڇٻر سائي آ!
موٽرون، شور، مگر پيهه ۾ تنهائي آ،
تون ڪٿي انهه پرين؟ اکّ ڦرِي ڏائي آ
ويجهو تنهنجو ڪٿي پيرو ٿو لڳي ڄڻ مونکي!
مان ئي اَرهو ٿو لڳان ڪيتري سرهائي آ!
عيد آئي ته وَري ياد سندءِ آئي آ!
——–
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت چئي موت ته ”هَلُ!“
ڪُوچَ نَقارو ڪڏهن نيٺ ته وَڄڻو آهي!
پِيهه ۾ موتُ اَچي ۽ چئي، ”ٽولا ڇَڏ، ٽَلُ!“
”تون رُڳو نانهن، زمانو ته ڀَلئون تي آ ڀَلُ“
مان نه ڄاڻان ته ٿوڪنهن وقت کُٽي هِت اَنَ جل!
جاءِ ڪا نانهه جتي موت کان ڀڄڻو آهي.
آ غنيمت جو حياتيءَ جو مليو آ ٻيو پَلُ
ڪا خبر نانهه ته ڪنهن وقت چئي موت ته ”هلُ“!
——–
ٿي ٿئي، شام، ڪَجل پائي اَکيون ڪاريُون ڪَن،
ڳيچ ڳائن ٿيون ته گهر ٿو نه لڳي گهَر وانگر!
ٿِي مَٿا ميڙ ته ٿيون ناچُ سَکيون ساريون ڪَن،
لَڄّ لاهي پوءِ اها سوچ پيون ڪُنواريون ڪَن،
’راتڙيون ڪيئن پراڻيون ٿيون نيون ناريون ڪن‘
سجّ جي لِيڪ سان سر ٿو نه لڳي سَر وانگر!
ڪيترو مَن کي پيون پنهنجي ککيءَ کاريون ڪَن!
ٿي ٿئي شام، ڪَجل پائي اکيون ڪاريون ڪَن.
——–
مون چتائي جو ڏٺا ڦَٽ پُراڻا تُنهنجا،
تُنهنجي نفرت کان سوا تِن جو سبب ڪو نه هيو.
ڦَٽّ هِي نيٺِ ڇُٽن ڪيئن اياڻا تُنهنجا!
هاءِ نفرت ۾ گهِريل سارا گهَراڻا تُنهنجا!
پيار کان وَنءُ ٿا وڃن جيءَ جڳاڻا تُنهنجا،
تنهنجو نفرت کانسواءِ ٻيو ڪوئي رَبُ ڪو نه هُيو
ٿيون صديون، پوءِ به شعلا نه وساڻا تُنهنجا.
مون چتائي جو ڏٺا ڦٽَ پُراڻا تنهنجا.
——–
خدا جي راهه ۾ ڏِس ڪيتريون ڳِليون آهن،
اگرچه آنءُ رُڳو شاهراهه ورتي آ!
خدا جي راهه ۾ ڪيئي سَکيون مِليون آهن
گهڙا سِرن تي رکي ٽورَ سان ٽِليون آهن،
قدم قدم تي ڏِسِي ڪَنڊِ کي کِليُون آهن
لهولَهان گل و گلزار جيئن ڌرتي آ
اُنهن ڏٺو نه ڪٿي ڪيترو ڇِليون آهن!
خُدا جي راهه ۾ ڏِس ڪيتريون ڳِليون آهن!
——–
هَر تصور کي بنا ڏوهه اُجاڙي ويئينءَ
تون ته هر چيزَ کي ويران ڪَري، وئي آهين!
چاندني سَروَ صنوبر تي پڇاڙي ويئينءَ!
چَنڊَ کي دور گهٽا ۾ ڪٿي تاڙي ويئينءَ
گُل ته زنجير هيا پو به لتاڙي ويئينءَ
هر تبسم کي بيابان ڪري وئي آهين
تو ٻُڌايو به نه ڪنهن جي پئي پاڙي ويئينءَ!
هَر تصور کي بنا ڏوهه اُجاڙي ويئين!
——–
عشق جي لاءِ جوانيءَ جي ضرورت آهي؟
عشق پيريءَ ۾ اڳي کان به چڱو ٿيندو آ
مُنهن انڌيري ۾ ڪَئي چنڊ محبت آهي
چنڊ ناريل مٿان صرف صداقت آهي
پو به نيرو ٿو چِڪي پيار ۾ حيرت آهي
ٿو چوي ڪيرُ ته پيريءَ ۾ بُرو ٿيندو آ
عمر سان عشق ۾ ڏس ڪيڏي نفاست آهي
عشق جي لاءِ جوانيءَ جي ضرورت آهي؟
——–
ڇڻي، ڪڏهن به ڇَڻي، عشق گُل جيان آهي
اَچين، اَچين نه اَچين، دَر ته ٻوٽجي ويو آ!
اڳي جيان نه هِتي ڪا به آجيان آهي
ندي اُئين ئي اڳي جئن رَوان دوان آهي
اُنهيءَ تي بَڙ جو هيو سوکَڙو اڃان آهي
اگرچه هاڻ اڳوڻو ڪَپر ٻُڏِي ويو آ
نه ڳولِ گهاٽ اَڳيون، سير ۾ ڪٿان آهي!
ڇَڻي، ڪڏهن به ڇڻي، عشق گُل جيان آهي.
چَنڊَ! ڪنهن توکي چيو آنءُ لَڏَڻ چاهيان ٿو؟
ڇا نه گُل مَهر مٿان چاندني پياري آهي!

*  چنبل گهاٽي – دليءَ کان اُتر پرديش ڏانهن ويندي هڪ گهاٽي، جنهن ۾ ڊاڪن جو آستان آهي ۽ جتي تانتيا ٽوپي انگريزن سان وڏي جنگ جوٽي هئي.

——–

خدا جي چونڊ نه ڪَر، پاڻُ ڇا نه ٿي پيارو؟
خدا سان عشق اِئين، جيئن رقص خنجر تي!
ٻُڏي ويام سڀيئي، ڪِٿي ڪِٿي تارو
ڏِئي ٿو ڏيکُ، ته ڏيکارجي پيو چارو،
خدا جي راهه جيان نانهه ڪوئي نيتارو،
لهولهان ٿا وڃن پيرَ اُن مٿان پَرتي،
هَلين ته آءُ ڳچيءَ ۾ ڪَري ڪڏهن ڳارو،
خُدا جي چونڊ نه ڪَر، پاڻ ڇا نه ٿي پيارو!
——–
ڪڏهن ته شام کي آغوش منجهه آڻي ڏس،
شفق جو رنگ لبِ يار جيئن ٿي ويو آ!
سَڏي ٿو ڏُور، هَليو هَل، ڀُلي نه ڀاڻي ڏس!
ڪڏهن ته پاڻ پَري کان پَري اُماڻي ڏس!
’اياز‘ رنگ رَليون چار ڏينهن ماڻي ڏِسُ!
مگر سٽاءُ سڄو، ڄار جِيئن ٿي ويو آ
مَڇيءَ جيان پيو تڙڦين، ڪَنڌيءَ تي هاڻي ڏِس!
ڪڏهن ته شام کي آغوش منجهه آڻي ڏِس!
  
——–
نه ٻوڙ نِيرَ ۾ ڪَپڙا ڀُلي نه چَنڊ پوي
ته هيءَ ڪير سندس خاندان مان آهي؟،
بَسنت هِيرَ، مٿان ماڪ ٿي، پَئي برسَي،
اَسُر اڃان نه ٿيو آه، ننڊ آ پاڙي،
لڳي هَوا ته متان ڳوٺ ۾ ڍنڍورو ڏي،
’اُٿو، ڏسو هي پَريان آسمان مان آهي،‘
اِنهيءَ طرح ته ڳُجهي ڳالهڙي پئي ڦهلي!
نه ٻوڙ نِيرَ ۾ ڪَپڙا، ڀُلي نه چَنڊ پوي!
——–
ڪڏهن ته آءُ سندءِ آرسي ته آهيان مان!
پَساءِ پاڻُ اِنهيءَ ۾ ڪڏهن تون چنڊَ جيان!
اُداس کوهه جيان تيرگي ته ناهيان مان،
ڏئِي ڇلانگ نديءَ وانگيان ٿو ڪاهيان مان
سوين ستارا پيو پاڻَ سان وِرهايان مان
 اچين ته پاڻَ پَسايان مان ساري مَنڊَ جيان!
وري سُجاڳ ٿي هر لَهر سان نباهيان مان
ڪڏهن ته آءُ سندءِ آرسي ته آهيان مان.
——–
اچو، پٿر کي تراشيون، ڪَيون وري ظاهر
صديون ٿيون، ڪا هتي مورتي ڇُپي وئي آ
ڏسو! اننت  ڏياٽيون، ٻَري پيو مندر،
اچو ته پِنڊ پَهڻ ٿِي، لڳي پئي هوُ بِرُ!
اچو ڪَلا ٿِي انهيءَ تي ڪَري جڏهن جِهرمِر،
تڏهن لڳي ٿو ته ڪا ڪامِڻي سُتي پئي آ!
اَچو پٿر مان انهيءَ کي ڇِڪي اچون ٻاهر!
اچو، پٿر کي تراشيون، ڪَيون وري ظاهر!
——–
خبر اَٿي ته ٻه چوٽيون جڏهن ڪرين پيئي،
تڏهن ائين ٿو لڳي نانگ ڪَن پيا لهرا!
پرينءَ جي پارِ جڏهن پَنڌ تون وڃين پيئي،
ائين لڳي ٿو ته تون واءُ جئن گهلين پيئي،
هوا کان تيزُ ڇَپر تان جڏهن ڇُلين پيئي،
تڏهن ته ڪو به رکي ڪو نه ٿو سگهي پَهرا!
اِئين سماج جا زنجير ڇو ڇنين پيئي.
خبر اَٿي ته ٻه چوٽيون جڏهن ڪرين پيئي،
——–
چَري! هي عشق جو اِقرار ايترو جَلدي،
اَڃان اَڻي ته سندس ڪانه آ کُتِي دل ۾!
اَڙي! هِي پيار جو اظهار ايترو جَلدي!
دلين جِي ٿِي نه خريدار ايترو جَلدي!
اکيون اِئين نه ڪجن چار، ايترو جَلدي!
اڃا ته ڇيتِ رُڳو آهه ڪا ڇُتِي دل ۾،
ڪيو ٿي ويڄ جو ويچار ايترو جَلدي!
چَري! هي عشق جو اِقرار ايترو جلدي.
——–
هِيرَ ۾ ڪا ڳالهڙي پيئي هَلي،
ڪيئن چئجي ڪيرِ! پاڇا ٿا اَچن
ٿي اڱڻ ۾ چاندني توڙي اَلي،
آ سِرنهن خاموش، خوشبو ٿي سَلي،
وار کولي، ڳُجهه ۾ پنهنجي ڳَلي
هو کٿوريءَ جئن الا ڇا ٿا اَچن،
جهُومندا ڪارن گهٽائن جئن، بَلي!
ڪيئن چئجي ڪير! پاڇا اچن.
——–
ڇا ڪوئي گُل ٿو نمودار ٿئي مقصد سان؟
ڇا شفق ٿي ڏئي پيغام به ڪوئي ڪنهن کي؟
گل تي پوپٽ ٿو ڪڏهن ڦيرا ڏئي مقصد سان؟
رنگ و بو مان ٿو ڪڏهن سُرڪ پِئي مقصد سان؟
حُسن ٻي لاءِ ٿو ڪنهن وقت جِئي مقصد سان؟
حُسن آ عشق جو انعام، ملي ٿو جنهن کي
تنهنجو اُن ساڻ نه ٿو پيارُ ٿئي مقصد سان؟
ڇا ڪوئي گُل ٿو نمودار ٿئي مقصد سان؟
——–
سيءَ جي رات، پَئي باهه ٻَري سِگرِيءَ ۾،
آءُ، هَٿ سيڪِ، سُڀان تائين هجون يا نه هجون!
يارِ جو گرم بدن ڇا نه وڻي ٿو سيءَ ۾!
هئن مِلي يا نه مِلي پيارُ حياتيءَ ٻيءَ ۾،
ڪجهه ته ڳالهاءِ پرين جو به اِچيئي جيءَ ۾
تون ڇڏي ڇيڪِ، سُڀان تائين هجون يا نه هجون!
ائن نه چئجانءِ ڪڏهن ڪجهه به نه آ ڌرتيءَ ۾!
سيءَ جي رات، پيئي باهه ٻَري سکريءَ ۾.
——–
سرِنهن ڦُلار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون!
شفق زمين تي پيلاڻ ٿي وئي تنهنجي
هوا خمار ۾ آهي اڃا نه ايندينءَ تون؟
بدن اُڏارن ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون؟
تڏهن کان پيار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون؟
جڏهن کان ساهه ۾ سرهاڻ ٿي وئي تنهنجي،
اُفق نهار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون!
سرنهن ڦُلار ۾ آهي، اڃا نه ايندينءَ تون!
——–

ڪڏهن ڏٺو ٿي پريان لوءِ جي پريان لوسڻُ

نِمي هوا ۾ نسورو سلام ٿيندو آ!
کجين تي هونءَ ته ايڏو وَڻيو پئي سانوڻ
وَهين کي واءُ ۾ جيڏو لڳو پَئي ڌانوڻ!
ڏکڻ کان هيرَ گهُلي ايتري ته مَن  ڀانوَڻ،
جئين پري کان پرينءَ جو پيام ايندو آ
هِيون اِئين آ جِئين ڌوپجي ويو وَڻ ٽِڻ،
*ڪڏهن ڏٺو ٿي پريان لوءِ جي پريان لوسڻُ
——–
شفق جي رنگ ۾ ڏس هو، گِدامڙيءَ جو وڻ،
انهيءَ تي ڪيترا چيِها اچي مِڙيا آهن!
انهن جي گيت ۾ پَن پَن گِٽار آهي ڄَڻُ!
انهيءَ جي ساهه ۾ گرجي پيو ڪوئي سانوَڻُ،
اٿيو آ ساههُ پَٽي ڇانوَ ۾ رڍن جو ڌَڻ،
ڌراڙ ڳوٺ وڃن ٿا، اُتامڙا آهن،
اَچي ٿو مينهُن، وُٺو جي ته دورُ آ واهڻ،
شفق جي رنگ ۾ ڏِس هو گدامڙيءَ جو وَڻ!
——–
پَري پَري کان پِرين تون نظر اچين پيئي،
ڪڏهن ڪَتيءَ جي ڪڪر جيئن ڇُپي وڃين ٿي تون!
شفق جي شام جيان ڄڻ ته ڏيک ڏين پيئي
لڳن ٿا وارَ گهٽائون، جڏهن وڃين پيئي،
سرءُ سان پيارُ ڪَري، سجّ کان لڪين پيئي،
لهي ٿي رات ته رُويا جيان لڳين ٿي تون
اُداس آهه انڌيرو، ڪٿي وسين پيئي؟
پَري پَري کان پِرين تون نظر اچين پيئي.
——–
لڳي ٿو لوءَ، کجين ۾ پچن پيا ڏوڪا،
تپي وئي آ سڄي لوءِ اڄ ته جهولي سان!
ڪَڪر اچن ٿا، وَڃن ٿا رُڳو ڏئي ڌوڪا،
پَئي نه بوند ڪٿي هيل تائين آ ڇوڪا؟
سِرَن تي سِجّ مٿان هڻي پيو ڪوڪا،
هَلو ته گهر کي پُڄون، الامانَ رولي کان!
ائين تتا نه ڪڏهن ڏينهن جيئن هيلوڪا،
لڳي ٿي لوءَ، کجين ۾ پچن پيا ڏوڪا.
——–
ڇَنو نه ڇانوَ، رڳو ڪانوَ سي به سڀ پياسا،
لڳي ٿي لُوءَ، جُهلن ٿيون پيون ڪنڊيءَ ڪامون!
وَري وَساءِ اسان تي ڪڏهن ته چوماسا!
ڪَڻا به ڪو نه رهيا جُوءِ ۾، ڪٿي ڪاسا!
ڪسي به ڪانه رهي آ، سُڪي وئي آ سا
*پگهر ۾ هيل شرابُور ٿي ويون شامون
ڏسين ٿو واهڻي سارا اُداس، آڻاسا؟
ڇَنو نه ڇانوَ، رڳو ڪانوَ سي به سڀ پياسا.
——–
خبر نه آهه ته تولئه اُداس آهيان ڇو؟
ٻه ٽي دفعا ته ملي آنهه سانوڻيءَ وانگر!
تون منهنجي ٿِي نه سگهين ٿِي اهو به سمجهان ٿو،
مگر اچين ٿي ته تنهنجين اکين ۾ اَمجهان ٿو!
سبب نه آهه ته هئن توکي آنءُ چاهيان ڇو؟
رڳو تون نانهه سکي چيٽ  چاندنيءَ وانگر!
چوان ٿو توسان ڀلا نينهن مان نباهيان ڇو؟
خبر نه آهه ته تو لئه اُداس آهيان ڇو؟
——–
پَوي ٿو مِينهُن، ڳلن تان پيون ڦُڙيون ڇَلڪن،
پرينءَ جي پاسِ رهِي سانوڻيون گذاريون مون!
ٿيون رهگذار تي ڇاتيون هزار ڇَل ڇَل ڪَن،
اگرچه مون کي ڍڪي آ ڇڏيو پرينءَ پَلڪن.
تلور جيئن پيا آدمي هِتي ٽَلڪن،
ڪَٽيُون جي توسان نه سي راتڙيون وساريون مون،
اَچن ٿيون ياد جيئن جُهڙ جِهمن، ڪَتيون جهَلڪن!
پَوي ٿو مِينهُن، ڳلن تان پيون ڦُڙيون ڇَلڪن،
——–
ڪڏهن ته آءُ لهي آءُ چاندنيءَ وانگر،
ڪڏهن ته آءُ گهرن تي اُداس اوندهه آ!
ڪڏهن ته آءُ گلابن جي تازگيءَ وانگر!
پرهه جو مِينهُن وُٺو آهه شاعريءَ وانگر!
ڪڏهن گه گهرَ ۾ گهِري آءُ زندگيءَ وانگر!
پپل جي ڏارَ مٿان جِن پکين جي چَهه چَهه آ
لنوي نه لات اُنهن تُنهنجي ٻولڙيءَ وانگر!
ڪڏهن ته آءُ، لهي آءُ چاندنيءَ وانگر!
——–
دَسهري شام رهي آ نه رنگُ هوليءَ جو
سندن گهرن ۾ سڄي زندگي بدلجي وئي!
پُڇان ته ڪنهن کان پڇان آنءُ نانءُ گانڌيءَ جو!
ڏيان ٿو سَڏُ آهنسا ۾ آجڪائيءَ جو،
اڃان ته آنءُ ڪَوي هان وِشال ڌرتيءَ جو!
ويا جي گورا ته ڇا دُرگتِي بدلجي وئي؟
جواب تنهنجي کي ڄڻ ويس آ ٺٺوليءَ جو!
دَسهري شام رهي آ، نه رنگُ هوليءَ جو!
——–
خبر نه آهه ته ڪهڙي لگن لڳائي وَئينءَ
خبر نه آهه ڇو ڳوڙها اڃا سُڪا ناهن!
هتان وَئينءَ ته سندم چَئن ڇو تڳائي وئينءَ؟
انيڪ ٻول سندم ساهه ۾ سمائي وئينءَ
اکين سان گيت سَکي ايترا ته ڳائي وئينءَ
جو شعر مِينهَن جيان هِئن اَڳي وُٺا ناهن
*لڳي ٿو جيءَ کي جَل  مئه جيان بڻائي وئينءَ
خبر نه آهه ته ڪهڙِي لگن لڳائي وئينءَ!
——–
زندگي آ سَوين امڪان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
ڪيئن چئجي ته ڪڏهن مينهُن ٻنا ٻوڙ وَسي!
ٿا اَچن ڄڻ ڪيئي طوفان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
هي نئين دؤر جا انسان، نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
جيڏا دانا تيڏا نادان، نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
ايترو بغض متان نيٺ سندن مَتِ کسي!
ٿي وڃن جنگ جو اعلان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
زندگي آ سَوين اِمڪان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
——–

*  پريان لوءِ:پريالو، خيرپور ضلعي جو هڪ ڳوٺ.
*  شرابور: (اردو) ٽمندڙ.
*  جَل – مئه – آفاقي سيلاب

——–

گلاب جيئن ٽڙي هانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
ڪڏهن ته آءُ وَري تون مجاز ٿي مون وَٽ!
جَپي ٿو چَنڊُ سندءِ نانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
نه ٿاڪ تُنهنجو نه ڪي ٿانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
لنوي ٿو نمّ مٿان ڪانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ
اگر تون آئينءَ ته رهندينءَ راز ٿي مون وَٽ
ڏنو آ ڏات اهو ڏانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
گلاب جيئن ٽِڙي هانءُ، او ڪڏهن ايندينءَ؟
——–
ڪڏهن ته ڇانوَ ڪري وَڃ اسان تي بادل جان
ڇَمر جي ڇاٽَ! ڏِسن ٿيون پيون اکيون تو ڏانهن.
ڪڏهن ته آءُ، اچي ويهه تون ائين ڀرسان،
جِئين بسنت اچي، موتيا ٽِڙن تومان،
متان سُڳنڌ جيان تون هلي وڃي پَرتان
گُلن تي ماٽَ! ڏسن ٿيون پَيون اکيون تو ڏانهن
نه لاٿي آس نما شام تائين آهِه اَسان!
ڪڏهن ته ڇانوَ ڪَري وڃ اسان تي بادل جان
——–
اڃا ته ڪيئي گهٽين ۾ گهُلي نه آهين تون!
بسنتَ هيرَ! ڀلا مون ڳري ڪڏهن ايندينءَ؟
سدائين پيئي نوان رهگذار چاهين تون!
سَچي ٻُڌاءِ! ڪٿي منهنجو وهم ناهين تون؟
سدائين چنڊُ چمين ٿي، سدا اُتاهين تون
سُڳنڌَ سِيرَ! ڀلا مون ڳري ڪڏهن ايندينءَ؟
اڃا ته آنهه پرينءَ وانگيان پرانهين تون
اڃا ته ڪيئي گهٽين ۾ گهلي نه آهين!
——–
شبِ برات آ، تارا مٿان پيا ٽمڪن
گهرن ۾ ڏيئڙا ڄڻ تُنهنجي آجيان ڪَن ٿا!
اڃا ته جيءَ ۾ ڪجهه آسرا پيا جهمڪن
اڃا اکين  پيا تنهنجا پيار رم جهم ڪَن،
اڃا ته ڳالهڙيون ڇَيرَ جئن پيون ڇمڪن
سَرن تي سِيئڙا ڄڻ تنهنجي آجيان ڪن ٿا
پَرن ۾ هنج لڪي ٿا ڪڏهن ڪڏهن چِمڪن
شبِ برات آ، تارا مٿان پيا ٽمڪن.
——–
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويندي
*ڏِس، دريچي مان لڳي چنڊ ٿو ڪيڏو پيارو!
زندگي تُنهنجي ائين ذات ۾ گذُري ويندي
ذات سان ڄڻ ته ملاقات ۾ گذري ويندي،
جي ڪڍيُئه پيرُ، خرافات ۾ گذري ويندي،
آدمي ذات، سڄو شهر اندر جو ڪارو
هر گهڙي تُنهنجي سندس گهات ۾ گذري ويندي،
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويندي.
——–
وڃّ، ميان وَڃ! اسان لاءِ ته ڪجهه ناهين تون
آ وئي آگ وسامي ته رڳي رک آهي.
ڪو پتو نانهه ته ڪيڏانهن پيو ڪاهين تون!
منزلون دور ٿيون، پيرَ نه ٿو ساهين تون
ڇا اِها ڄاڻ اَٿي ڇا ٿو پيو چاهين تون؟
تُنهنجي جا ڳالهه به آ ڄڻ ته رڳو جَکَ آهي
هي نئون دؤر اڃا ڪونه ٿو ساڃاهين تون،
وڃ ميان وَڃّ، اسان لاءِ ته ڪجهه ناهين تون.
——–
سدا گُلاب هوا ۾ ٽڙي پيا آهن
ٿي سارَ تُنهنجي اچي، ڄڻ ته جُهڙ جهمن ٿا پيا!
انيڪ خواب اکين ۾ کِڙي پيا آهن
لڳي ٿو کوهَه گهڙيءَ ۾ گِڙي پيا آهن
وَري پياڪ مَٽن تي مڙي پيا آهن
نوان شراب انهن ۾ وري سُجهن ٿا پيا
مڃان ٿو پي ڪَري ڪيئي ٿڙي پيا آهن،
سدا گلاب هوا ۾ ٽڙي پيا آهن.
——–
اڃا ته ٻيو به پيارينم، پياس ڪا نه ٻُجهي،
ڪلال! پرکَ پيا ڪن جي ڪا نه آهي تو!
لهي ٿو سِجّ، وَهي وقت جي ندي پيئي،
شرابِ ناب سڄي ڪائنات ٿي ويئي
اڃا خُمار ٿيو نانهه، جامَ ڏي ڪيئي
اڃا ته مَڌّ مٽن ۾ سندءِ نه آهه کُٽو
اڃا پيار، اڃا ٻي، ڀَري ڀَري ٻي ڀي!
اڃا ته ٻيو به پيارينم پياس ڪانه ٻجهي.
——–
ڄامشوري جي هوا ۾ پَن اڏامَن ٿا پيا
باک تائين آنءُ تُنهنجي راهه ڏسندو ٿو رهان.
صبح ٿيو آهي، صنوبر رات مون سان جاڳيا
ڪلهه جيان چوڌار چَهه چَهه ۾ پرندا ساڳيا
ڪيئن چئجي ڪيترا اڄ عشق ۾ اوجاڳيا!
ڇا چوان، تو لئه تڪيندي سُورَ ٿو ڪيڏا سَهان
*ڪيئن چئجي، تون به مون لئه رات جاڳين آ پِيا
ڄامشوري جي هوا ۾ پَن اُڏامن ٿا پيا.
——–
اڃا ته ويهه! ڏوپهرو ڪري ڀلي وڃجانءِ!
اڃا ته آهه تَتيءَ تاءُ، ٿي ٻَري واري!
ڀَلي ڀَلي تون پرينءَ پارِ رات ٿانءِ ٿِجانءِ،
پَري نه آه هتان پنڌ، ڀونءِ ايندءِ ڀانءِ!
اُتامرو ته نه ٿي، واٽَ ٿو سَنئين سليانءِ،
ڀلي مَهار ڇِڪي ڏِس، جڏهن ٺري واري
جڏهن پڄين ته سڀن کي سندم سلام ڏجانءِ!
اڃا ته ويهه! ڏوپهرو ڪَري ڀلي وڃجانءِ!
——–
ڪڏهن ته آءُ ٽَپُون شام وقت لوڙهي تان،
ڪڏهن ته آءُ افق پار مون سان ڊاٻو ڪَر!
ڪڏهن ته آءُ ڀڄون مَرض، موت، پيريءَ کان!
ٻه ٽي گهڙيون ته گذاريون وري ڪويتا سان!
ڪڏهن ته آءُ ڀريون ڍُڪّ ڪي اَمرتا مان
ڪڏهن شفق کي او اوٺار جهاٻو جهوڙُو ڪر!
ڪڏهن ته ڪاهه تون ڪَرهو پري پري هِتڙان!
ڪڏهن ته آءُ ٽپون شام وقت لوڙهي تان!
——–

 


*  دريچو(فارسي) ننڍي دَري.
*  پِيا: پرين


———-


اَچو، اَچو ته اِئين آسمان ڦيرايون
ڪُنڀَر چَڪيءَ تي نوان ٿانوَ ٿو جِئين جوڙي!
اچو ته اڳ ۾ رڳو آدميءَ کي بدلايون!
اچو، ڌڪار سندس جيءَ مان ڌڪارايون!
اچو ته پيار جا پهراڻ کيس پارايون!
گُلن جي ننڊ ڦٽائي، هوا ۾ ڪَر موڙي
بسنتَ هيرَ جيان گيت ڪي نوان ڳايون!
اَچو، اَچو ته اِئين آسمان ڦيرايون!
——–
جهانُ ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان،
پُڇي ڏسين ته ڀلي چَنڊَ کان پڇي ڏِس تون!
سِرنهن سان ٽيڪ ڏئي، راهه ڏي نهاريان مان
سُڳنڌ لاءِ پيو واٽ آنءُ واجهايان
ڪٿي اچين ته نه ٿي؟ پو اُداس ٿي سوچان
ڪڏهن ته پيار ۾ ڪنهن لاءِ هئن لُڇي ڏِس تون!
لگن ڪڏهن ته لڳي مون جيان سندءِ ڪنهن سان!
جَهان ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان!
——–
خدا جو قهر بظاهر ته قهر آهي پر
خدا جي رحم مان اميد ڪيئن ٿو لاهين؟
اگر بغور ڏسين ڪنهن عقاب جا شهپر
ڪَرن ٿا ڇانوَ مٿان توڻي ڄڻ ته ڏورانهين
خدا جو هَٿّ سندءِ سِر مٿان رکيو آهي
خدا جي رحم مان اميد ڪيئن ٿو لاهين؟
خدا جو زهر ڀلا تو ڪڏهن چکيو آهي؟
چکين ته ڪو به ٻيو امرت نه تون ڪڏهن چاهين!
——–
وڃن ٿيون ڪارِ  بتيون ائن اداس رستي تي
اکين کان دور وئي آهه ڄڻ ته منزل ٿِي!
پوري ٿو مينهن، پَلر چؤطرف پيو چمڪي،
*پرين به پاس، وڏي واٽ آهه پِنڊيءَ ڏي.
جُهڪي ٿو جيءُ ائين وِڄّ جئن وراڪا ڏي
چپن کي چَپّ ٿا ڳولن، نه ڳالهه پڇ دل جي!
چوي ٿي ڪارِ هتي اوچتو ڪٿي رُڪجي!
وڃن ٿيون ڪارِ  بتيون ائن اداس رستي تي.
——–
تنبور ڀت سان کڙو آهه ڄڻ وڄي ٿو پيو!
مگر ڀٽائي نه آهي جهانِ فانيءَ ۾
خبر نه آهه ته ڪيڏانهن هو ڀڄي ٿو پيو
ڪڪر جي ڪور ڇڏي هوا اڃا کڄي ٿو پيو.
اگرچه شعر سندس روح کي رڄي ٿو پيو
جهان سان ڇا محبت آ آنجهانيءَ ۾!
اچي ٿي سار سندس هانءُ ڄڻ هڄي ٿو پيو
تنبور ڀت سان کڙو آهه ڄڻ وڄي ٿو پيو!
——–
زندگي ڪيتري پاٻوهه سان آهي ڪاٽي!
پندرهن ڏينهن ٿيا موت هٽي ويو آهي.
سنڌ ساريءَ جي مٿان جهڙ به ٿيا ائن جهاٽي
شام کان اڳ ئي اُفق آهه گهٽا ڪاراٽي.
ميڙُ ٻيهار ستارن جو مچي ويو آهي
زندگي آهه ائين جئن هجي مڌ جي ماٽي
زندگي ڪيتري پاٻوهه سان آهي ڪاٽي!
——–
جهان جوٺ اَٿي، آ انهيءَ تي ٿُوڪاريون!
تون آءُ، گوشه نشيني جي زندگي ڪاٽي!
پوي ٿو سيءُ، ٻه ٽي ڪاٺڙيون کڻي ٻاريون!
کڻي ته آءُ لَئيءَ يا ليار جو ٽاريون.
وڃي نه وقت، ڪنڊِي ڪو نه ٿا تڏهن ڏاريون،
تون آءُ، هَٿ اچي سيڪ! اي مِٺي ڪاڏي؟
رڳو مياڻيون سڀئي من، سڀئي ککيءَ کاريون
جهان جوٺ اَٿي، آ انهيءَ تي ٿوڪاريون!
——–
ڪير ڄاڻي ته پري دور نگر ڪهڙو آ؟
ڪير ڄاڻي ته گهڻو وقت حياتي آهي.
ڪير ڄاڻي ته ترائي اُهو تَر ڪهڙو آ؟
آ لڳاتار جهڙالي، رڳو جهاتي آهي.
دور جي ڄاڻ اڃا تائين نه پاتي آهي
ڪير ڄاڻي ته پري دُور هو گهر ڪهڙو آ؟
ڪير ڄاڻي ته پري دُور نگر ڪهڙو آ؟
ڪير ڄاڻي جو اها جاءِ اَڄاتي آهي؟
——–
سکر جي شام، ڪنارو سنڌوءَ جو، تون مان
پکي اُڏار ۾ آهن، اڃا سُجهندو آ
لڳي ٿو اِيئن فلڪ دور تان پرندن سان
چِٽيو آ ٻار ڪوئي نقش ڄڻ ته ڀِتّ مٿان
خبر نه آ ته گهڻو دور آهه ڇوڙُ هتان
وڃي ٿي سِير هي پاڻي ڪٿي نه بيٺو آ.
ڪٿي کُٽي ٿي ندي؟ ’سمنڊ ۾‘ ٻڌان ٿو مان
سکر جي شام، ڪنارو سنڌوءَ جو، تون مان.
——–
اڃا ته آئي نه آهين، لهي ٿو سجُ پريان
چوان ٿو پنڌ پوان، دور دور وستي آ.
اگرچه دل ٿي چوي توسان موڪلايان مان،
وداع پوئين چميءَ سان ڪري وڃان توسان.
جئين ٿو سج نديءَ سان ڪري، ائين وڇڙان
اڃا ته دل ۾ رڳو مئڪدي جي مستي آ.
اڃا ته ساٿ صراحيءَ جو آهه ساغر سان
اڃان ته آئي نه آهين، لهي ٿو سِج پريان.
——–
لهي ٿو شعر ائين مون تي آبشارن جئن
چوان ٿو تنهنجي عطا ڪيتري نه آ مون تي!
ڪڏهن به ڪو نه لکان آنءُ خامڪارن جئن،
اچن ٿيون اُڀ ۾ گهٽائون پرينءَ جي وارن جئن.
ڪوئي اُٿي ٿو لکي ايئن ڄڻ بهارن جئن
ٽڙن وڻن تي سوين گل، سڄي فضا مهڪي.
ڄمار هڪ ئي ۾ لک، تون سوين ڄمارن جئن،
لهي ٿو شعر ائين مون تي آبشارن جئن.
——–

 


*  پنڊي: راولپنڊي.
(نوٽ:ڪِن شاعرن اهڙيون قلبي وارداتون نظمايون آهن، جن جو پس منظر هو ئي ڄاڻن ٿا.)

——–

خدا جي ساٿ وڃڻ ڪيترو ڀَلو آهي!
هلون ٿا هڪ ٻه قدم واٽ ڇو ٿڪائي ٿي.
لڳي ٿو گول چڪر، جيئن ڪو ڇَلو آهي
ائين ته سڀ کي ڏنو رهزنن وَلو آهي.
خدا جو پيار اُهو اوچتو سَلو آهي
ائين وڌي ٿو جيئن وَلّ ڪا ورائي ٿي
خدا جي پيار ۾ هر وکّ مرحلو آهي
خدا جي ساٿ وڃڻ ڪيترو ڀَلو آهي.
——–
رند ڪنهن وقت خرابات ۾ نعرا پيا هڻن،
هيا بيدار مگر هاڻ سُتا پيا آهن.
جام کي جام سان ٽڪرائي مٿي جام کڻن
پوءِ گل مهر جي گل جيئن پيا هيٺ ڇڻن.
هاڻ آ ننڊ اچي وئي ڊَهِي ڌرتيءَ تي ڌڻن،
آدميءَ کي ته ڇڏيو ڍور کُتا پيا آهن.
لهر تي لهر اچي ننڊ جي، ڪيڏي نه وڻن
رند ڪنهن وقت خرابات ۾ نعرا پيا هڻن.
——–
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويئي
جام تي جام جي فرمائش اڃا جاري آ
هيل برسات خرابات ۾ گذري ويئي
يار سان بات خرابات ۾ گذري ويئي.
ائن ملاقات خرابات ۾ گذري ويئي.
ڪيتري سِجّ چڙهي ڪيف اڃا طاري آ!
ڪيتري ڏات خرابات ۾ گذري ويئي
رات جي رات خرابات ۾ گذري ويئي.
——–
ڏک يا سُکّ، جي اک ٻوٽ ته ڪجهه ڀي ناهي
رات جي رات ته آهي ائين گذري ويندي.
جي ستارا نه به اُڀريا ته انهيءَ ۾ ڇاهي؟
جي تون فانوس نه ٻاري سگهين اُلڪو ناهي!
انت اونداهيءَ ڏي هر چيز پئي ٿي ڪاهي
ڏيکُ مايا جو ڏئي، انتُ جا سپنو ٿيندي
اک کُلي ٿي ته لڳي ٿو ته حياتي ڇاهي!
ڏک يا سُکّ، جي اک ٻوٽ ته ڪجهه ڀي ناهي.
——–
اجنبي گيت ائين روح کي ريجهائن ڇو ٿا؟
اجنبي گيت هوائن ۾ ائين گونجن ٿا
ڄڻ صدين سار، صدائن ۾ ائين گونجن ٿا
اجنبي گيت ائين روح کي هرکائن ڇو ٿا؟
ڪئن تري پار ڪٿان روز هتي پهچن ٿا
ڇو نه وسريا هو مَنان روز هتي پهچن ٿا
پَٽَ  ڳِٽڙن کي سڄي رات لسائن ڇو ٿا
اجنبي گيت ائين روح کي ريجهائن ڇو ٿا؟
——–
خدا جي راهه ۾ جيڪي مُئا ڪڏهن نه مُئا
انهن جي جا به عقيدت، سلام آ اُن تي.
انهن جي جيئري ڪيڏا هُئا نه لوڪَ لُئا
انهن جي موت کان پو ڄڻ ته هو مدام هُئا.
انهن جي رَبّ سوا ڪنهن انهن جا سڏّ سُئا؟
انهن جي جا به بصارت، سلام آ اُن تي
چڱو اٿي جي اُنهن لاءِ تون گهرين ڪا دعا
خدا جي راهه ۾ جيڪي مُئا، ڪڏهن نه مُئا.
——–
ڪڏهن تون ٻار جي ڪنهن خواب ۾ ويو آهين
بهشت ڀيٽ ۾ ان جي ته ڪجهه به ڪو نه آهي
ڪڏهن تون خواب جي گرداب ۾ ويو آهين
ڪڏهن تون ننڊ جي سيلاب ۾ ويو آهين.
ڪڏهن تون بحر جي اُن آب ۾ ويو آهين
ڪتين ۽ چنڊ کان جو دور ٿو پيو ڪاهي
ڪڏهن تون خواب جي اسباب ۾ ويو آهين؟
ڪڏهن تون ٻار جي ڪنهن خواب ۾ ويو آهين.
——–
سلام اهلِ قبور، آنءُ نيٺ آيو هان،
پتو نه آهه ته ٻيهار اکّ کلڻي آ
ائين لڳي ٿو اوهان وٽ اڃا پرايو هان!
ڏسو ٿا ايئن پراسرار ڪوئي سايو هان.
هزار خواب ڇڏي آنءُ هت اجايو هان،
اڃان ته مونکي سڄي ڪائنات رُلڻي آ.
اڃا ته آنءُ انهيءَ ۾ ڪٿي سمايو هان!
سلام اهلِ قبور، آنءُ نيٺ آيو هان.
——–
سوين گلاب ڇڏي راهه ۾ رباب ڇڏي
صدين جا گيت پرانهان سمائي آيو هان
نديءَ نديءَ ۾ڻ ڪئِي عڪس ماهتاب ڇڏي
پرهه جا ورق ورائي، سوين ڪتاب ڇڏي.
زمين تي اِئين پنهنجا اڌورا خواب ڇڏي
خبر نه آهه هتي ڇو الائي آيو هان.
سوال ڪو به نه سانڍي، سوين جواب ڇڏي
سوين گلاب ڇڏي، راهه ۾ رباب ڇڏي.
——–
خدا جي راز کي ڇا لاءِ ٿو سَلڻ چاهين؟
خدا جو راز شگفته نه ٿي ته بهتر آ
خدا جي مُنجهه ۾ ڇا لاءِ ٿو پوڻ چاهين؟
خبر نه آهه ته ڇالاءِ ٿو ٽُٽڻ چاهين؟
خدا جي راهه ۾ ڪيڏانهن ٿو رُلڻ چاهين؟
ڪٿي به راهه نه تُنهنجي کُٽي ته بهتر آ.
خبر نه آهه ته، ڇو ٿو ڇڄي پوڻ چاهين؟
خدا جي راز کي ڇا لاءِ ٿو سلڻ چاهين؟
——–
خدا جو پنڌ پري آ، قدم کڻين ته چڱو،
نه ڏونگرن کي ڏسي هانءُ هار تون پنهنجو!
جي راهه ۾ کڻي رهبر اڳي هلين ته چڱو،
لَهي جان سجّ وڃي پار تون پُڄين ته چڱو.
انڌيري رات ۾ فانوس ڪو کڻين ته چڱو،
نه پٿّرن کي ڏسي هانوَ هارِ تون پنهنجو
رڪاوٽون ته اٿي راهه کي ڏسين ته چڱو،
خدا جو پنڌ پري آهه تون قدم کڻي ته چڱو.
——–

پريان ستارا جئين ڏيئڙا پيا ٽمڪن
خدا هُو چنڊ جو فانوس آ جهلي بيٺو
هوا ۾ ڪيئن ٻري روشنيون پيا ٿا ڪن!
پرهه ٿئي ٿي ته پن ڇير جان پيا ڇمڪن.
جڏهن ٿا ماڪ جَهپن تارڙن جيان جرڪن
خدا ڪُدڳَ کان توکي پيو پَلي بيٺو
جئين نه پير سندءِ لوءِ تي ڪڏهن ترڪن
پريان ستارا جئين ڏيئڙا پيا ٽمڪن.
——–
خدا جي راهبري ڪيتري نه بهتر آ
گناهگار، اُٿي آءُ پوئتان هُن جي
نظر ڪرين ته خدا لاٽ جيئن گهرِ گهر آ
عشا جي وقت اذان عرش تي منور آ
انهيءَ جو نور سماوات ۾ سراسر آ
سياه ڪار اُٿي آءُ پوئتان هُن جي
نه پنڌ آهه گهڻو، ٿورڙو پريان گهر آ
خدا جي راهبري ڪيتري نه بهتر آ.
——–
ڏسين ٿو خواب هوائن ۾ ڪئن پيا ترڪن!
خدا جو پنڌ پري نانهه هو اچي ويو آهه
ڏسين ٿو تارا پيا ڪيتري نه جهرمر ڪن!
وهي پيو ڪوئي درياهه، سڀ پيا گهر ڪن!
نه ڪا به آهه ڪنڌي جئن رديف شاعر ڪن
وئي آ رات، نئون سجّ اُڀري آيو آهه
ڏسين ٿو تِرورا ٿا اُن جا ڪيئن تِر مِر ڪن!
ڏسين ٿو خواب هوائن ۾ ڪئن پيا ترڪن!
——–
بگهڙ ۽ ڪيترا هاتار ٿا ڦِرن چوڌار،
اچي ٿو دل ۾، سمهان اِيئن جو اُٿان نه وري!
خبر نه آهه ائين ڇو پئي ڪُتن سان ڪار!
اداس ڀينگ مان ڪيڏي اچي پئي ڀؤنڪار!
آ مال و زر جو هَوس ايترو هتي بيڪار
چوان ٿو جيئري ڪنهن ساڻ مان ملان نه وري
ڀُلي ٻُڌان نه وري آدميءَ جي ڀڻڪار
بگهڙ ۽ ڪيترا هاتار ٿا ڦرن چوڌار
——–
ڪڏهن ته آءُ سمهون آسمان جي هيٺان!
کُلي هوا ۾ ستارن جي ڇانوَ پياري آ.
گهٽيل هوا ٿِي لڳي ڪيتري نه پنکن مان،
ڪڏهن ته اوريون ڪشاديءَ فضا جي وسعت سان!
هي شهرُ تنگ، دليون تنگ ٿيون رهن تنهن کان
سرءُ ۾ ڪيڏي چنارن جي ڇانوَ پياري آ!
هتي ته هانوَ جي ٻوساٽ ۽ فقط دونهان!
ڪڏهن ته آءُ سمهون آسمان جي هيٺان!
——–
خدا ٿو جهول ڀري ڏات سان سدا تُنهنجي
خدا فياض رهيو آهه ڪيترو توسان!
اڳي نه ٿي جا انهيءَ بات سان سدا تُنهنجي
آ رسم و راهه خرابات سان سدا تُنهنجي.
رهي آ گفتگو دن رات سان سدا تُنهنجي
ڪڏهن آ وَڏ  ڦڙي جيئن ڪڏهن آ رم جهم جان
ڀري ٿو ڏات ڪو برسات سان سدا تُنهنجي
خدا ٿو جهول ڀري ڏات سان سدا تُنهنجي.
——–
ڪجهه ڪڪر ڪور مٿان چنڊ  چَهَڪ آهه اڃان،
ٿورڙي رات رهي آهه سان گذري ويندي.
گڊّ جو دُور دهو ڄڻ ڪٿي لڪَ آهه اڃا
ڪو بسنت آ وري اچڻو اها پڪ آهه اڃا.
ڪائي خوشبو ٿي وَري ساهَه سمڪ آهه اڃا!
موت جي گهات رهي آهه سا گذري ويندي
واءُ ڇڻ ڇڻ ٿي ڪري ٿورڙي جَهڪ آهه اڃا
ڪجهه ڪڪر ڪور مٿان چنڊَ  چهڪ اڃا.
——–
موت جي رات هوائون پيون هيرون آڻن
زندگي پوءِ به روڪي ٿي وڃڻ کان مونکي
ڪيترو دور خبر نانهه گهٽائون تاڻن
جيءَ ۾ ڪيئي تمنائون پيو ساماڻن.
حادثا سار جي ڇاڻيءَ ۾ پيون ٿيون ڇاڻن
عاشقي پوءِ به روڪي ٿي وڃڻ کان مونکي
ڪير اوجهاڻ اُڊيڙي پيا ٻيهر واڻن؟
موت جي رات هوائون پيون هيرون آڻن.
——–
ننڊ ۾ اِيئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي،
جئن مڇي سمنڊ منجهان پاڻ اچي ساحل تي.
ننڊ ۾ ايئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي،
پاڻ ئي اٺّ سٽون ڪير پيو ٿو آڇي؟
ننڊ ۾ اِيئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي
جيئن رابيل مان خوشبو اچي، اڌ رات ٿئي.
ننڊ ۾ اِيئن ترائيل اچي ٿي مون ڏي،
مان نه ڄاڻان ته انڌيري ۾ پيو ڪير لکي؟
——–
بَس رهي هاڻ ٻَه ٽي پهر حياتي آهي
ڪا خبر نانهه ته ٻيهار اُٿان ننڊ منجهان.
ٿو چوي چنڊ ته هيڏانهن هلي آءُ اِتان
آنءُ شيشي اڳيان مجبور نه آهيان تو جان.
آءُ آڪاس گهمون، آنءُ اڪيلو ٿو ڦران
آ تري آءُ، رڳو لهر حياتي آهي
تون ٿو جنهن لاءِ تڪين هاڻ وَئي آهه هِتان!
بس رهي هاڻ ٻَه ٽي پهر حياتي آهي.
——–



Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
5
hate
confused confused
1
confused
fail fail
8
fail
fun fun
7
fun
geeky geeky
6
geeky
love love
3
love
lol lol
4
lol
omg omg
1
omg
win win
8
win
Mansoor

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *