ضمير جي حياتي بچايون – Save Sindhi Poet Zamir Kharl

اچو ته ضمير جي حياتي بچايون سندس حياتي ۾ Lets save zamir kharal

اچو ته ضمير جي حياتي بچايون سندس حياتي ۾


اچو ته ضمير جي حياتي بچايون سندس حياتي ۾

اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا تنهن ۾ ائين ته هر شي پنهنجي وقت آهر ڏسڻ ، ڪرڻ ۽ اُٿڻ ويهڻ ۾ صحيح هوندو آهي پر هن سڄي مرحلي دوران بس هڪ ڪمي يا ڪمزوري چئجي ته اسان هن معاشري کي آباد ڪرڻ وارن کي جيئري مڃتاء لائق نه سمجهندا آهيون سي انهن جي دنيا ڇڏي وڃڻ کان پوء کين لفظن ۽ مختصر پيئسن جي ورکا ڪري فوٽو سيشن مرحلي مان گذري مئل انسان کي ڀيٽا پيش ڪنداآهيون۔


اهڙي صورتحال شاعر، اديب، نوحه گر، صحافي، مصور، خطاط ۽ هڪ بهترين انسان ضمير کرل سان به پيش آيل آهي خدا نه ڪري جو شهدادڪوٽ جو هن مٺڙي انسان جي دنياء ڇڏي وڃڻ کان پوء کيس هن مئل سماج جر پِڙ چاڙهي بس نام نهاد فوٽو سيشن ۽ کوکلن نعريبازي جي کيس سلامي پيش ڪري پنهنجي اندر جي آند ماند کي تسڪين ڏيون ۽ پنهنجي اندر جي ستل ضمير کي مزيد ننڊ ۽ غفلت جي آغوش ۾ سمهڻ ڏيون!
هن کان اڳ جو استاد ضمير کرل خاموشي سان هتان اداس اکيون ۽ تمنائن ۽ شڪون سان ڀريل دل کڻي اسان کان رسي موڪلائي هليو وڃي ۽ پويان فضا ۾ اها گونج هميشه لاءِ گونجندي رهي
تون پڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس؟
جڏهن شام جو جام،
خالي نه هو،
رات رم جهم هُئي،
تنهنجي ساهن جي،
جهيڻن سُرن ۾ سُتل
منهنجي بستر تي
مُنڪر ڪا موسم هئي۔
تنهنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ها! انهي کان اڳي،
مان هليو ڇو ويس؟

اچو ته ضمير جي حياتي بچايون سندس حياتي ۾ Lets save zamir kharal

اچو ته ضمير جي حياتي بچايون سندس حياتي ۾

ضمير کرل فقط هڪ انسان هئڻ سان گڏ ڪنهن اداري کان گهٽ ناهي جو کيس وساري پُٺي ڏجي بهتر ائين هوندو ته پهريان شهدادڪوٽ پوء گمبٽ ۽ هينئر ڪراچي جي الطبري اسپتال ۾ انتهائي ڳڻتي واري حالت ۾ آء سي يو وارڊ ۾ زير علاج ضمير کرل جي پنهنجي هڙان ، وڙان مالي سهائتا ڪري سندس دل سان مدد ڪري هن محبتن جي سفير شاعر اڳيان پنهنجي ضمير جو ڳاٽ اوچو ڪيون !!!
اگر اتفاق سان چونڊيل نمائندا تر جا ايم پي اي ، ايم اين اي ۽ سنڌ ثقافت اڳتي اچي ڪنهن اهڙي انسان جي علاج خاطر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ته وائس آف شهدادڪوٽ سمجهي ٿو ته هو تاريخ جي سيني تي سنهري اکرن سان امر ٿي ويندا ، هتي ضرورت هن ڳالھ جي به آهي ته سخت ۽ ايماندارانه صحافت جي پاداش ۾ سندس پٽ ساجد کرل جي سرڪاري پگهار گذريل ٽن سالن کان بند هجڻ ڪري سندس دردن ۽ تڪليفن ۾ اضافي جو سبب به بڻيل آهي اگر سنڌ حڪومت خاص طور تي تعليم دوست وزير هن ڳالھ جو نوٽيس وٽي بند پيل پگهار جاري ڪرائيندا ته ٻيو نه سهي گهٽ ۾ گهٽ سندس دردن ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ اسان جو به انسان ٿيڻ جو حق ادا ٿي ويندو۔

اچو ته پنهنجي ستل ضمير کي جاڳايون ۽ بسترِ مرگ تي پيل ضمير کرل جي حياتي کي بچائڻ واري هن تحريڪ جو حصو بڻجون۔ اچو ته کيس پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي وت ِ وس آهر مدد به ڪيون ۽ فضا ۾ پُرشگاف للڪار بلند ڪيون جنهن جي آواز سان سنڌ ۽ قومي اسيمبلي جا ايوان گونجي اٿن

هيءَ سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس، ڪوئي آيو آ پيارا!
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا:
جنهن وقت اسان جي تند تپي، ۽ ساز ٽپي آواز جهپي،
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا!
ڪنهن ڪونه ڏٺو، ڪنهن ڪنهن کي ڪاريءَ رات ڪُٺو،
جنهن لاءِ ستارن ساهه ڏنو، هي صبح سوايو آ پيار!

Wriiten By Shahid Awan and Voice of SHahdadkot

Read Poetry of Zamir Kharal

Leave a Reply