معلومات جا مڻيا | ڇا اوھان ڄاڻو ٿا | سنڌي عام معلومات | حيرت انگيز معلومات

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اوهان پنهنجو نڪ هميشہ ڏسندا رهو ٿا پر اوهان جو دماغ ان کي نظرانداز ڪندو رهي ٿو؟ 1 min


ھي معلومات جا مڻيا ”ڇا اوھان ڄاڻو ٿا؟“ حقيقت تي جُڙيل آھن. ھي اسان گھڻو وقت اڳ پنھنجي ويبسائيٽ سنڌي ايڊيٽر جي شاعري ڀاڱي  جي فيسبوڪ پيج  تي ڇاپي چُڪا آھيون. اسان جي فيسبوڪ شاعري جي پيج سنڌي شاعري صفحي ۾ اوھان کي شاعري بابت ججھو مواد ملندو. پھرين ان پيج جو نالو شاعري روح جي زبان ھو جيڪو پوءِ تبديل ڪيوسين. ھي پوسٽ تڏھن لکي ويئي ھئي. ھن ۾ ترتيب ڏنل تصويرن ۾ اوھان کي ان پيج جو پراڻو نالو نظر ايندو. اھو فيسبوڪ پيج اڄ بہ اسان جي زيرِ نگراني آھي. جي اوھان کي اسان جي چٽاڀيٽي سنڌي سوال جواب جي ڪَڙين سان جُڙڻو آھي تہ سنڌي سوال جواب، سنڌي پروليون، حساب ڏسي سگھو ٿا. ان کان علاوہ بہ سنڌي پھاڪا جيڪي اُٺ بابت آھن ، اوھان لاءِ وڌيڪ ڪشش جو سبب بڻجي سگھن ٿا. ھي مفيد معلومات جا مڻيا اوھان کي بلڪل پسند ايندا جيڪي سنگت سان ونڊڻ جوڳا آھن  

  1. Content of Post

    1 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته هر انسان جي فنگر پرنٽ جيان پيرن جي کُڙي جو (ڇاپو) پرنٽ به انمول ۽ واحد هوندو آهي ۽ ساڳي طرح زبان جو پرنٽ به انمول ۽ واحد هوندو آهي؟


  2. 2 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اوهان پنهنجو نڪ هميشہ ڏسندا رهو ٿا پر اوهان جو دماغ ان کي نظرانداز ڪندو رهي ٿو؟


  3. 3 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته هڪ انساني اک گُگھ اونداهي ۾ اُجري آسمان ڏانهن نهاري 2 کان 3 هزار تارا ڏسي سگهي ٿي !


  4. 4 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته هڪ ٻارجي اوُسر ٻين مندن جي ڀيٽ ۾ بهار ۾ ڪجھ وڌيڪ ۽ تيز ٿئي ٿي


  5. 5 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته انساني دماغ ڏينهن جي نسبت رات جو وڌيڪ متحرڪ ۽ سوچڻ جي صلاحيت رکيٿو


  6. 6 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته سراسري لحاظ کان مردن جا نڪ زائفائن جي نڪن کان وڏا هجن ٿا


  7. 7 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته سراسري طور تي هر عام ماڻهون 1460 خواب ساليانو ڏسي ٿو مطلب ته هر رات 4 خواب


  8. 8 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته انساني زبان کي 3000 ذائقن چکڻ جي صلاحيت آهي؟


  9. 9 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته انساني جسم ۽ ڪيلي (ميوو) ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي لڌي وئي آهي؟ اوهان حيران ٿيندا ته انساني ڊي اين اي 50 سيڪڙو ڪيلي سان ملي ٿو


  10. 10 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته هڪ انساني نڪ 50000 پنجاه هزار جي لڳ ڀڳ مختلف بوءِ سنگهڻ جي صلاحيت رکيٿو


  11. 11 اهو ته اوهان ڄاڻو ٿا ته اسان ٿورن ئي ساعتن ۾ پنبڻيون ڇنبيندا رهون ٿا پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اسان ائين ڇو ڪندا آهيون؟ اهو ان ڪري ته اسان پنهنجي اکين جي آلاڻ (ڳوڙها) سان اکين جي ماڻڪين کي آلو ۽ صاف رکي سگهون


  12. 12 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته جسماني زخمن جي درد کان ڪجهه حد تائين جو بچاءُ ان شخص جي ڀاڪر ۾ به هوندو آهي جنهن تي اوهان کي ڀروسو هجي يا ساڻس پيار هجي


  13. 13 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اهو ناممڪن آهي جو اوهان نِڇ ڏيو ۽ اکيون به کُليل هجن؟


  14. 14 ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ننڊ اچڻ کانپوءِ سنگهڻ جي صلاحيت باقي ناهي رهندي؟



Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
8
hate
confused confused
4
confused
fail fail
1
fail
fun fun
10
fun
geeky geeky
9
geeky
love love
7
love
lol lol
7
lol
omg omg
5
omg
win win
2
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *