ملا لٽر
ملا لٽر

ملا لٽر جو ميٽ ھڻي وھنجڻ ۽ ٽن واٽھڙن جو سوال پڇڻ

1 min


هڪ ڀيري ملا لٽر درياھ ڪناري تي وهنجي رهيو هو، واٽ ويندي، ٽي جوان اُتان اچي لانگهائو ٿيا، مُلا لُٽر کي مٿي ۾ ميٽُ پيل ڏسي، کِلي ويٺا، مُلا سندن ٽهڪن جي پرواھ نہ ڪئي. هنن ويجهو اچي، کانئس سوال پُڇڻ شروع ڪيا؛

عورت جي دل درياھ آهي پوءِ اُڃايل ڇو ٿي رهي؟ملا لٽر کان پڇيل سوال

مُلا صاحب! اسان ٽي سوال آندا آهن. پھريون تہ ”عورت جي دل درياھ آهي پوءِ اُڃايل ڇو ٿي رهي؟“ جواب ۾ چيائين؛ ”جهڙيءَ طرح درياھ پياسي کي سيراب ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح عورت بہ پنهنجي اها قرباني پيش ڪري ٿي“

عاشق، محبوب جي اڳيان هلڻ پسند ڪندو آهي يا پٺيان؟

ٻئي پڇيس؛ ”عاشق، محبوب جي اڳيان هلڻ پسند ڪندو آهي يا پٺيان؟“ مُلا وراڻيو؛ ”عاشق، گڏھ جي مثال تہ نہ آهي جو هُو اڳيان هلي، البت عشق ۾ گُم ٿيل هوندو آهي“

ڌَڪُ دل کي لڳندو آهي ۽ آبُ اکين مان نڪرندو آهي، سو ڇو؟

تنهن تي ٽئين پُڇيو تہ؛ ”مُلَّا! چٽيءَ طرح سمجهاءِ، تہ ڌَڪُ دل کي لڳندو آهي ۽ آبُ اکين مان نڪرندو آهي، سو ڇو؟“

انهيءَ تي ملا کِلي چيو تہ ”اکيون دل جون ترجمان ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ٿيون ڪن“

مُلَّا لُٽر جي ھي ”حاضر جوابي“ ۽ لاجواب جواب ٻُڌي واٽهڙو دنگ رهجي ويا.

ملا لٽر ڪير ھو؟

ملان لٽر جو چون ٿا تہ سندس تعلق ٺَٺي سان ھو ۽ سندس اصل نالو عبدالرحمان ولد عبدالغفور عباسي ھو. سندس ولادت 825ھ مطابق 1421ع ۾، ساموئي جي ڪناري تي ھڪ وسندڙ ڳوٺ پورھ ۾ ٿي. ھو ھڪ خوش طبع شخص ۽ گھڻن موجب پھتل بزرگ ھو. ھو ۽ پنھنجي روحاني حالت کي لڪائڻ لاءِ مزي جهڙين ڳالھين سان سجائي ڇڏيندو ھو تڏھن کيس سنڌ جي حجائتي روايتن ۽ مقامي ماڻھن ملا لٽر جي لقب سان سڏيندا ھئا ۽ تان جو وڃي اھو ملڪان ملڪ مشھور بہ ٿيو..

اوھان اسان جي فيسبوڪ پيج ” سنڌي ايڊيٽر “ کي ضرور پسندا ڪندا ۽ اسان جي تازہ احوالن کان پڻ واقف ٿيندا. جي اوھان وتايو فقير وتايو فقير مُلان نماز ۽ ڀڳڙا پڙھڻ چاھيو تہ حاضر آھي


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
8
hate
confused confused
4
confused
fail fail
1
fail
fun fun
10
fun
geeky geeky
9
geeky
love love
7
love
lol lol
7
lol
omg omg
4
omg
win win
1
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *