وتايو فقير
وتايو فقير

وتايو فقير مُلان نماز ۽ ڀڳڙا

1 min


وتايو فقير _ هڪڙي ڏينهن مسجد جي امام وتايي کي چيو تہ نماز جي مهل آهي. جمعي جو سڳورو ڏينهن آهي، هلي نماز پڙھ

مون ڀڳڙا تڏھن ٿي کاڌا جڏھن ملان ھليو ٿي ويو چئي وتايو فقير

وتايو فقير _ هڪڙي ڏينهن مسجد جي امام وتايي کي چيو تہ نماز جي مهل آهي. جمعي جو سڳورو ڏينهن آهي، هلي نماز پڙھ

وتايي فقير کي ڪنهن وري کائڻ واسطي ڀڳڙا ڏنا هئا، جن جا ھُو ڦڪ ڀريندو پئي ويو. امام جي چوڻ تي سڌو مسيت ۾ هليو بہ آيو. جيئن صفون ٻڌيون ته هيءُ بہ هڪ صف ۾ جهولي ڀڳڙن سوڌي جهلي نماز پڙهڻ بيٺو. هر هر هيڏانهن هوڏانهن ڏسيو ڀڳڙن جي لپ کڻي وات ۾ بيٺو ھڻي ۽ وري ماٺ ڪريو نماز بہ  پئي پڙهيائين.

وتايا تنهنجي نماز تہ ڪانہ  ٿي

جڏهن نماز پڙهي سڀ فارغ ٿيا تہ ماڻهن چيس ”وتايا تنهنجي نماز ڪانه ٿي! تو نماز ۾ ڀڳڙا پئي کاڌا“. وتايي چين تہ ”مون ان وقت ڀڳڙا ٿي کاڌا، جيڏي مهل امام هليو ٿي ويو“. هنن پڇيو تہ ”امام ڪيڏانهن ٿي ويو؟ هُو تہ نماز پڙهائي رهيو هو.“

وتايي چيو تہ”پڇي ڏسوس تہ پهرين ڍڳي ڳولڻ جي ويچار هيٺ هو ۽ پوءِ گاھ هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ڊوڙيو. جڏهن اُتان خيالن موٽ ٿي کاڌس تہ نماز ٿي پڙهيائين.“

ماڻهن مُلي کان پڇيو تہ ڏي خبر وتايو ڇاٿو چوي، جنهن تي مُلا چيو تہ ”برابر مون کي نماز ۾ ٻہ ڀيرا اهڙا خيال آيا هئا.“

وتايو فقير

سنڌي ايڊيٽر جي پڙھندڙن کي ھڪ نماڻي وينتي

سنڌي ايڊيٽر ھڪ اھڙي سنڌي ويبسائيٽ آھي جيڪا اوھان سان جڙيل ھئڻ ڪري زندگي جي مڙني مکيہ پاسن کي ڪور ڪندي ان مطابق مواد ڊزائين ڪريٿي. اسان ان ڏس ۾ تازو سنڌي ڪوئيز چٽاڀيٽي جو سلسلو شروع ڪيو آھي جنھن ۾ اوھان پنھنجي دماغ جي مشق ڪندي مزو وٺي سگھو ٿا. تازو تازو ان ۾ شاھ سائين جو سنڌي ڪوئيز ۽ آسان سنڌي ٻاراڻيون پروليون سانڍيون آھن. اسان لڪير جا فقير نٿا بڻجڻ چاھيون ان لاءِ ڪجھ ليڪا اسان لتاڙينداسين جيڪي بہ سنڌين جي راھ ۾ رنڊڪ جيان بڻيل محسوس ڪبا. اوھان اسان سان جڙيل رھو جلد سنڌي اوطاق اچي رھي آھي جنھن ۾ اوھان پنھنجو حصو بہ شامل ڪري سگھو ٿا اھو بہ صرف ھڪ ٺُونگي سان. ٺُونگو مطلب ڪلڪ. اسان سنڌي ايڊيٽر جي فيسبوڪ پيج کي لائيڪ ڪرڻ نہ وساريندا.


Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
8
hate
confused confused
4
confused
fail fail
1
fail
fun fun
11
fun
geeky geeky
9
geeky
love love
7
love
lol lol
10
lol
omg omg
4
omg
win win
1
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *