ڏِٺ

ڏٺ پرولي
ڏَٺ لفظ جي معنيٰ اھي ’ڏٺل شيءِ‘. ڏَٺ لوڪ ادب جي مکيہ ۽ تمام ڏکي صنف آھي. ھن ۾شاعر يا سگهڙ ڪنھن شيءِ/واردات کي ڏسي. ان کي بيت يا فقري ۾ لڪائي پيش ڪندا آهن. ھن صنف کي عام طرح ”بيت“ ۾ يا نثري انداز ۾ ڀڃبو آھي. ”ڏٺ“ کي ڪي وري پرولي بہ چون ٿا، پر جوڙجڪ ۽ مضمون جي لحاظ کان پرولي ۽ ڏٺ ٻنھي ۾ گھڻو فرق اھي. ڇاڪاڻ تہ ”ڏٺ“ ۾ ڪنھن ڏٺل شيءِ يا ٻڌل شيءِ کي لڪ ۾ پيش ڪبو اھي. مثال طور: هڪ ماڻهوءَ ڏٺو ته مال جي ڀاڻ ۾ کُتل منيءَ تي نانگ ڇپ هنيو ويٺو آهي، هن ڏٺ جوڙي ورتي.
ڏٺ پروليءَ ۾ ڪا شيءِ ڏسي يا ٻڌي هڪدم پرولي ٺاهي ڏيڻ کي چئبو آهي. ڏٺ پروليءَ ۾ ڪنھن وٿ يا واقعي جي تصوير چٽيل هوندي آهي ۽ ھر پرولي اڪثر بيت جي صورت ۾ ھوندي اھي. مثال طور:
نر١، نار٢ ھٿ ۾، نار٢، ھٿ ۾ نار٢، اڃا کڻي نھار، تھ نار٣، نارن٤ وچ ۾ (1) نر = ائينو (2) نار = عورت (3) نار = ڦڻي (4) نارن = وارن مطلب تھ: آئينو عورت هٿ ۾، عورت هٿ ۾ ڦڻي اڃا نهار کڻي ته ڦڻي وارن ۾!