چڙھي چيلھ ڀڃو

چڙھي چيلھ ڀڃو

چڙھي چيلھ ڀڃو سنڌ جي ھڪ مشھور راند آھي جنھن ۾ ٻہ ڌريون بڻايون وينديون آھن. انھن ڌرين جو شمار ھڪ جيترو رکيو ويندو آھي. مثال 3 ھڪ پاسي تہ وري 3 ٻئي پاسي بہ مطلب ٻنھي پاسي انگ ساڳيو رکيو ويندو. جيڪي ميزبان جي سامھون ويٺيون ھونديون آھن. ميزبان ۽ ڌُرين جي وچ ۾ ھڪ مفاصلو رکيو ويندو آھي. گھڻو ڪري اھا وٿي 10 گامون (ميٽر) رکي ويندي آھي. جٿ ميزبان ويٺل ھوندو آھي ۽ ان کي ٽڪ بہ چئبو آھي. ميزبان ڪنھن بہ مشھور يا عام شئي، ھنڌ، شخصيت. بابت اشارتن پڇندو جنھن ۾ ھو رُڳو ڪجھ لفظن جو ڏسڻيون ڏيندو جن جو سٽاءِ اھڙو جوڙيندو جو انھن لفظن جي ڏسڻين جو پاڻ ۾ لاڳاپو ھوندو پوءِ ڌرين کي موقعو ڏنو ويدو تہ ڀڇوس. ھڪ منٽ يا 30 سيڪنڊن تائينھن ڌر جواب نہ ڌنو تہ ٻي ڌر کي جواب ڌيڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ جي ڪنھن بہ ڌر جواب بڳو تہ ميزبان رڙ ڪري چوندو ”چڙھي چيلھ ڀڃو“ پوءِ جواب ڀڃيندڙ ڌر ھرائيندڙ ڌر جي چيلھ تي سوار ٿيندا ۽ ھارائيندڙ ڌر انھن کي مقرر ٿيل ٽڪ تائين کڻي پنھنجي سواري منجھان سوارن کي مزو ڏيندا ۽ ٽڪ کان وري سندن نشست تائين کين کڻي پڄائيندا بہ ۽ جي مقرر ٽڪ تي ڪو کن پل جي ساھي پٽڻ چاھي تہ ميزبان کيس اجازت ڌيئي بہ سگھي ٿو. جي رستي ۾ اگر ھارائيندڙ ڪنھن بہ کٽيندڙ کي اڌ ۾ لاٿو تہ ھن تي ڏنڊ لڳندو ۽ اھو نئين سر وري کٽيندڙ کي چيلھ تي کڻندو