Salam Ustad سلام استاد – سوا لک اولاد ( استاد ) ۽ ننڌڻڪي امڙ (پ ٽ الف)

1 min


سوا لک اولاد ( استاد ) ۽ ننڌڻڪي امڙ (پ ٽ الف)

سلام استاد 

 عمومن اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن غريب جي گهر ۾ اگر خير سان 12 يا 15 يا ان کان مٿي ننڍا وڏا ٻار هجن، ته انهيَ گهر جي امڙ، حالات جي سختين   ۽ تلخين سان جنگ ڪري، ڏينهن رات هڪ ڪري، انهن جو پيٽ پاليندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن کي معاشري جي سٺاين  ۽ براين سان منهن ڏيڻ لاءِ پڻ تيار ڪندي آهي۔ وقت جي رفتار ۽ هيڻن حالن جي ڪري جيجل کي گهڻو ڪجهه سهڻو ٿو پوي۔ 
ان جي باوجود جيجل پنهنجي سموري اولاد کي هڪجهڙائي جو درجو ڏيندي آهي۽ انهن کي ادب و آداب اخلاق و تميز عدل و انصاف جي تربيت ڏيئي معاشري ۾ اونچي ڳاٽ ڪري گهمڻ سيکاريندي آهي ۔


پر جڏهن اها اولاد جوان ٿي ٿئي 

پر جڏهن اها اولاد جوان ٿي ٿئي۽ پنهنجي جيجل سان نا فرماني ٿي ڪري ۽ ان جي رسوائي ٿي ڪري ته پوء اهڙي اولاد جي سزا ڇا هجڻ گهرجي ؟؟؟؟؟




امڙ پ ٽ الف

هتي به هن تنظيم (امڙ پ ٽ الف) جو قصو مڙئي ساڳيو آ ۽  امڙ سوا لک اولاد کي جنم ڏنو۔
هن جي اولاد ۾ ڪي آفيسر ٿيا ته ڪي فنڪار، ڪي محنتي ٿيا ته ڪي  ڪم چور، ڪي دودا ٿيا ته وري ڪٿي مون مسڪين جهڙا چنيسر به، ڪي جوڌا ته  ڪي وري سادا۔
حال ونڊيندي عرض اهو به آهي ته جنهن جيجل هر قسم جي اولاد کي جنميو هجي، دردن  اهنجن سان نپايو هجي  ۽ ڪنهن وڏي مقام تي پهچايو هجي پوءِ اها جيجل  اولاد جي جوان ٿيڻ کان پوء  خسته حال ۾ هجي، لاچار هجي، پريشان هجي، سوا لک اولاد جي هوندي در بدر هجي ۽ سندس  اولاد کي ڪو فڪر و غم نه هجي، نه رنج و الم هجي نا احساسِ زيان هجي  ۽ جيجل سورن ۾ ته پٽ وري موجن ۾،  وارو ڪم هجي ته ڪيئن ٿيندو؟؟  ۽ ڇا ٿيندو؟؟
اڄ هن جيجل جي اولاد جوان آهي ۽پاڻ ضعيف حال ،، هن جي سڀ اولاد ماشاء الله جوان ۽ پڙهي لکي آهي۔  زماني جي ور چڙهيل ڪمزور، نماڻي لاچار امڙ جڏهن هڪ هڪ وٽ پنهنجي پردي ۽ پناهه لاء آهون ۽ دانهون ۽ اۡڀ ڏاريندڙ اۡڇاگرون ڪندي هيڻن حال ۾ روئيندي ماتم ڪندي هجي ۽ ٻئي پاسي ان جا ڪاٽن ۾ ويڙهيل جوان پٽ منظور سخيراڻي، شمن ميرالي  شازيه خشڪ ۽ جلال جي گانن ۾ مست  و رقصان هجن ته ڪيئن ٿيندو۔

هن جيجل جي اها به بدقسمتي آهي ته هن  جي %99 سيڪڙو اولاد مسڪين حال ۽ %1 سيڪڙو آفيسر( عهديدار ) آهي۔
موجوده حال ۾ وڏي ڀاڱي واري اولاد روٽي روزي ۽ پيٽ پالڻ لاء حلاک آهي ۽ انهن مسڪينن جي مسئلن کي حل ڪرڻ % 1 سيڪڙو ڀائرن جي هٿ وس هجي  ۽  انهن وڏن ڀائرن جي پاڻ ۾ وري ڌڙا بندي ٿي پئي هجي ته پوءِ ڪيئن ٿيندو؟؟

 ان ڌڙا بندي جي ڪري وڏي ضد جنم ورتو آهي ، ان ضد ۾ هرڪو لهي پيو آهي جنهن ڪري باهه ٻري رهي آهي، باھ کي آڙاھ،  سرڪار بڻايو آهي ۽ ان آڙاھ ۾ عام ننڍي ڀاءۡ ( استاد ) پاڻ ، ٻارن ٻچن ۽ عزت سوڌو سڙي رهيو آهي ۔ جنهن جي حال کي ڏسي ڪجھ ڀائر انهن جي وس آهر مدد ڪري رهيا آهن پر آڙاھ گهڻو وڏو ٿي چُڪو آهي  ۽ پنهنجن ٻچن جي ٻارن ۽ عزت کي سڙندي ڏسي ، جيجل ننگي سر ۽ ننگي پير رڙندي ، روئيندي ، ڀڄندي ۽ پڪاريندي رهي ٿي ته منهنجي ٿڃ جي لڄ رکو ۔۔۔ ، پر افسوس ان جا جوڌا ، دودا ، سورما پنهنجي لالچ ۽ ضد جي ڪري ، پنهنجي ڀاءۡ ، ان جي ٻارن ٻچن ۽ ان جي عزت ۽ پنهنجي امان جيجل جي هر ستم ۽ رسوائي کي سڙندا ۽ ڏسندا رهجي وڃن ٿا، پر پنهنجي ضد ۽ انا کي انهن آڙاھ ۾ نٿا ڦِٽو ڪن، ڇو ته ضد آخر ضد آهي. 

جي باقي رهيل ڀائر به اڳين ڀائرن سان گڏجي آڙاھ کي وسائڻ جي ٿورڙي به همت ڪن ته آڙاھ به اُجهامي ويندو ۽ جيجل جي دردن جو درمان به ٿي پوندو۔
ان داستانِ درد منجهان ڪٿي به جي  ڪنهن ڀاءۡ جي دل آزاري ٿي هجي ته معافي جو طلبگار آهيان۔
سلام استاد۔
عرضدار ليکڪ 
حبيب الله جروار

Like it? Share with your friends!

What's Your Reaction?

hate hate
1
hate
confused confused
7
confused
fail fail
4
fail
fun fun
3
fun
geeky geeky
2
geeky
love love
9
love
lol lol
10
lol
omg omg
7
omg
win win
4
win
admin

0 Comments

Your email address will not be published. Required fields are marked *